Saturday, 17 November 2018 - Sat 11 17 2018

منو

قرآني من موهيدڙ مثال (قسط 10)

6. ”نور ۽ ظلمات“

الله تعالى فرمائي ٿو: وَتَرَكَهُمْ فِي ظُلُمَاتٍ لاَّ يُبْصِرُونَ“ الله کين اهڙين انڌيرين ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو، جتي سندن اکيون ئي ڪم نه ڪنديون. قرآن مجيد ۾ ”ظلمت“ (انڌيري) جو لفظ مفرد طور ڪٿي به نه آيو آهي،

بلڪه 23 دفعا استعمال ٿيو آهي ۽ انهن سڀني جڳهين تي جمع جي صيغي سان آيو آهي، وري ان جي بلڪل ابتڙ ”نور“ جو لفظ قرآن ۾ ڪٿي به جمع جي صيغي سان نه آيو آهي، بلڪه اهو لفظ 43 دفعا استعمال ٿيو آهي ۽ انهن سڀني مقامن تي مفرد طور استعمال ٿيو آهي! ته پوءِ ڇا ان فرق ۾ ڪو پيغام به سمايل آهي يا نه؟

ان مطلب جو راز اهو آهي ته قرآن اهو ٻڌائڻ چاهي ٿو ته نور هڪ کان وڌيڪ ناهن ۽ اهو توحيد جو نور آهي ۽ سڀئي نور خدا جي نور ڏانهن ئي موٽن ٿا. اللَّهُ نُورُ السَّمَاوَاتِ وَالْأَرْضِ [1] ايمان جو نور، علم جو نور، يقين جونور، اتحاد ۽ ايڪي جو نور وغيره. انهن سڀني جي موٽ هڪ ئي نور طرف آهي، ان سبب جي ڪري قرآن ۾ نور جتي ڪٿي مفرد طور استعمال ٿيو آهي. پر منافقت، ڪفر، اختلاف ۽ ويڇا هڪ ظلمت (انڌيري) ناهن، بلڪه اهي سڀئي جدا جدا ظلمتون آهن. جهالت جي انڌيري، ڪفر جي انڌيري، شيطاني وسوسن جي انڌيري وغيره، ٿلهي ليکي ائين چئجي ته ڪيترن ئي قسمن جون ظلمتون پاتيون وڃن ٿيون؛ تنهن ڪري پوري قرآن مجيد ۾ اهي جمع جي صيغي سان استعمال ٿيون آهن.

7. آية”صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ فَهُمْ لاَ يَرْجِعُونَ“ جو تفسير


هن آيت جي مطابق منافقن جون ٽي خاصيتون آهن. پهرين خاصيت: اهي ”صُم“ آهن، ”صُم“ ، ”اَصَم“ جو جمع آهي. جنهن جي معنى ”ڪنن کان ٻوڙو“ آهي. ٻي خاصيت: اهي ”بُکم“ آهن، ”بُکم“ ، ”اَبکم“ جو جمع آهي، جنهن جي معنى ”گونگو“ آهي. يعني: منافق ٻوڙا ۽ گونگا آهن ۽ ان ٻن جملن جي معنى آهي ته اهي (منافق) هميشه ٻوڙا ۽ گونگا آهن؛ ڇاڪاڻ ته جيڪي ٻوڙا آهن اهي چاهيندي نه چاهيندي گونگا هوندا آهن، جيتوڻيڪ ڊاڪٽري حساب سان انهن جي ڳالهائڻ وارو عضوو (زبان) سالم ئي هجي، ڇاڪاڻ ته جڏهن انسان ڪا شيءِ نه ٻڌندو ته ڳالهائڻ به سکي نه سگهندو ۽ ڳالهائڻ جو تجربو به نه ڪري سگهندو، شايد ان ڪري آيت ۾ ٻوڙاڻ واري صفت پهرين آندي وئي آهي؛ يعني: اهي هميشه ٻوڙا ۽ گونگا آهن.

ٽين خاصيت ته اهي ”عُمي“ آهن. ”عُمي“، ”اعماء“ جو جمع آهي، جنهن جي معنى نابينائي آهي.يعني: منافقن وٽ نه ڳالهائڻ واري زبان آهي ۽ نه وٽن ٻڌڻ وارا ڪن آهن ۽ نه ئي ڏسندڙ اکين اٿن ۽ جيڪو ماڻهو ٻوڙو، گونگو ۽ انڌو هجي کيس اهو ڪيئن معلوم ٿي سگهندو ته غلط رستي تي قدم رکيو اٿس، تنهن ڪري اهو ڪيئن پنهنجي غلطي ۽ خطا جو پيرو کڻي سگهندو؟ ڇاڪاڻ ته اهي ٽئي عضوا انسان جي سڃاڻپ جو وسيلو هوندا آهن؛ ڪَنَ تعليم ۽ ياد ڪرڻ جو وسيلو، زبان علمن کي هڪ نسل کان ٻي نسل ڏانهن منتقل ڪرڻ جو وسيلو ۽ اکيون جديد علمن کي ظاهر ڪرڻ ۽ نوَن نوَن نتيجن تائين پهچڻ جو وسيلو هوندا آهن. جڏهن ڪو انسان انهن وسيلن مان ڪو به فاندو نه کڻندو هجي ته اهو باطل جي راھ کان هٽي حق جي رستي تي ڪڏهن به نه ٿو اچي سگهي، هاڻي اتي اهو سوال ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن منافقن وٽ نه اکيون آهن، نه ڪن آهن ۽ نه ئي زبان اٿن، ته پوءِ قرآن مجيد کين گونگو، ٻوڙو ۽ انڌو ڇو سڏيو آهي؟ ان ڳالهه جي جواب ۾ هن ريت چئي سگهجي ٿو ته: قرآن جي هڪ خاص منطق آهي، قرآن جي زبان ۾ هر شيءِ کي انهن جي نتيجن جي آئيني ۾ ڏسي سگهجي ٿو ۽ ان جي هجڻ ۽ نه هجڻ جو معيار قرآن جي نگاھ ۾ ان جي نتيجن جي هجڻ ۽ نه هجڻ تي ٻڌل هوندو آهي. ان آڌار تي، جن وٽ اکيون آهن پر ان خدائي نعمت مان الله تعالى جي نعمتن کي ڏسڻ ۽ انهن مان درس عبرت وٺڻ جو فائدو نه ٿا وٺن، ته اهي قرآن جي نگاھ ۾ انڌا آهن، جن وٽ ڪن آهن پر خدا جي پيغام ۽ مظلومن جي فرياد کي نه ٿا ٻڌن ته اهي قرآن جي منطق مطابق ٻوڙا آهن، اهڙي ريت جن وٽ زبان آهي؛ پر ان کي خدا جي ذڪر، امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ۽ ڪنهن جاهل انسان جي رهنمائي لاءِ ڪم نه ٿا آڻين ته اهي ته قرآن جي زبان ۾ گونگا آهن. البته اها ڳالھ قرآن کان هٽي معاشري جي نگاھ ۾ ڏسبي ته ڪجهه ماڻهو مُردي کي زندھ چون ٿا ۽ ڪيترا ئي ماڻهو وري زندھ انسانن کي مردھ چون ٿا؛ مثال طور، حق جي راھ ۾ مري وڃڻ وارا جيتوڻيڪ ظاهري طور مري چڪا هوندا آهن، پر قرآن انهن لاءِ فرمائي ٿو: وَلاَ تَحْسَبَنَّ الَّذِينَ قُتِلُواْ فِي سَبِيلِ اللّهِ أَمْوَاتًا بَلْ أَحْيَاء عِندَ رَبِّهِمْ يُرْزَقُونَ[2] اي پيغمبر! اهي ماڻهو جيڪي الله جي راھ ۾ ماريا وڃن ٿا تن کي مردھ نه چؤ، اهي زندھ آهن ۽ سندن پالڻهار وٽ کين رزق ڏنو وڃي ٿو.

شهيد، قرآن جي نگاھ ۾ زندھ آهن، ڇاڪاڻ ته اهي زندھ انسان وارو اثر رکن ٿا، دين ۽ اسلام جي پائيداري جو سبب ٿين ٿا ۽ سندن يادون نيڪين ۽ چڱاين جي يادگيري جو سبب ٿينديون آهن. ۽ هڪ ٻئي مقام تي الله تعالى فرمائي ٿو: إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ وَقُرْآنٌ مُّبِينٌ* لِيُنذِرَ مَن كَانَ حَيًّا وَيَحِقَّ الْقَوْلُ عَلَى الْكَافِرِينَ[3] يعني: هي (آسماني ڪتاب) رڳو ذڪر ۽ بيان ڪندڙ قرآن آهي، ته جيئن اهي ماڻهو جيڪي زندھ آهن تن کي ڊيڄاري ۽ (ڪافرن مٿان پنهنجي حجت پوري ڪري) ۽ مٿن عذاب جو واعدو پورو ڪري.

قرآن جي نگاھ ۾ ۽ هن آيت جي مطابق، زندھ انسان ٻن قسمن جا آهن: 1. مومنَ، يعني: اهڙا انسان جن جي زندگي قرآني هجي. 2. اهي بي ايمان ۽ مردھ انسان جيڪي زندھ انسانن ۾ هلن ٿا، يعني: جن وٽ ٻڌڻ وارا ڪن ناهن، اهي قرآن جي نگاھ ۾ مردھ آهن.[4]

ڳالھ جو نتيجو اهو ته جيتوڻيڪ منافق ماڻهو ظاهري طور زبان، ڪن ۽ اکيون رکي ٿو، پر ڇاڪاڻ ته سندس اهي عضوا گهُربل نتيجو نه ٿا ڏين، تنهن ڪري قرآن جي نگاھ ۾ ٻوڙا ۽ گونگا ليکيا وڃن ٿا. تنهن ڪري ”هم لايرجعون؛ غلط رستي تان واپس نه موٽندا“ ڇاڪاڻ ته اهي سڃاڻپ وارا وسيلا نه ٿا رکن، توهان جيڪڏهن ڪنهن ٻوڙي، گونگي ۽ انڌي شخص کي ڪِرندو ڏسندؤ ته ڪنهن به طريقي سان کيس نجات نه ٿا ڏئي سگهو، ڇاڪاڻ ته نه کيس زبان آهي، جو مدد لاءِ پڪاري، نه کيس ڪن آهن جو هو خبردار ڪندڙ توهان جي آواز کي ٻڌي سگهي ۽ نه کيس اکيون آهن جو خبردار ڪرڻ واري جي اشارن ڏانهن ڏسي سگهي.

 



[1] .سوره نور، آية 35.

. سورھ آل عمران، آية 169.[2]

.سورھ يس آيت، 69 ۽ 70.[3]

. وڌيڪ وضاحت لاءِ تفسير نمونه، جلد پهريون، صفحو 441 کان پوءِ ڏانهن رجوع ڪيو[4]

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي