Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

منافقت جو سرچشمو(قسط 11)

altعام طور تي منافقت جا ٽي سرچشما ۽ سبب آهن.

1.دشمني ۽ سنئون سڌو مهاڏو اٽڪائڻ کان عاجز هجڻ

 جيڪي دشمن شڪست جو شڪا ر ٿيندا آهن ۽ سنئون سڌو مقابلو ڪرڻ جي طاقت نه رکندا آهن، اهي منافقت جو لباس پائي پنهنجي دشمني کي جاري رکندا آهن، اسلام جا دشمن پڻ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جي نبوت جي شروعات ۾ کُلم کُلا دشمني ڪرڻ شروع ڪئي، پر جڏهن پاڻ ڪامياب ٿيا ته منافقن پاڻ ۾ سڌي طرح اسلام سان مقابلي جي سگھ نه ڏٺائون، تنهن ڪري ظاهري طور تي مسلمان ٿي ويا، پر اندر ۾ ڪافر ئي رهيا ۽ اسلام جي خلاف سازشون ڪرڻ شروع ڪيائون، ابوسفيان، معاويه ۽ انهن جا پوئلڳ زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين منافق ئي رهيا.[1]

انهي سبب جي ڪري ڪجھ ماڻهن جو عقيدو آهي ته منافقت جو آغاز مديني مان ٿيو ، ڇاڪاڻ ته ان کان پهرين مڪي ۾ منافقت ۽ منافقن جو نالو نشان ئي نه هو، ڇاڪاڻ ته اسلام جيڪو اڃا شروعاتي مرحلن ۾ هو، ان کان ڪوئي ماڻهو خطرو محسوس نه پيو ڪري، جو ان جي ڪري ظاهري طور تي اسلام جو اظهار ڪري ۽ اندر ۾ ڪافر رهي! پر اسان جو نظريو هي آهي ته اسلام جي شروعات مڪي مان ٿي ۽ اتي ئي منافق هيا، جيتوڻيڪ انهن جي منافقت جو اصل سبب اسلام جي طاقت کان خوف نه هو، پر ايندڙ زماني ۾ اسلام لاءِ اڳڪٿيون ڪندي پاڻ سڳورن (ص) جي ڪاميابي واري سوچ جي پيش نظر ظاهري طور تي اسلام قبول ڪيائون، ته جيئن جيڪڏهن اسلام ڪامياب ٿئي ته ان ذريعي پنهنجا مفاد حاصل ڪري سگهن... منافقت جو اهڙو روپ هن زماني ۾ ۽ دنيا جي سڀني انقلابن ۽ اهڙي ريت ايران جي اسلامي انقلاب ۾ ڏسي سگجي ٿو، ڇاڪاڻ ته ڪجھ اهڙا هارايل منافق هيا جيڪي پاڻ ۾ سڌي طرح مقابلي جي طاقت محسوس نه پيا ڪن.

2.اندر ۾ حقارت جو احساس

پست ۽ هلڪي طبيعت رکندڙ بزدل ماڻهو پنهنجي ڪمزوري کي لڪائڻ لاءِ هميشه منافقن وارو ڪردار ادا ڪندا آهن. ڇاڪاڻ ته ٻين تي اعتراض جي جرئت نه ڪري سگهندا آهن، تنهن ڪري هر ڪنهن سان ان جي رنگ ۾ هلڻ شروع ڪندا آهن، شاعر اهڙن منافقن جي زباني هن ريت چوي ٿو:

چنان با نيک و بد خو کن که بعد از مردنت روزي

مسلمانت به زمزم شويد و هندو به آتش

(شاعر جي ان چوڻيءَ مطابق) منافق مسلمانن جي مقابلي ۾ اسلام جو اظهار ڪري ٿو ۽ باھ جي پوڄا ڪندڙ آڏو انهن جي عقيدي جو اظهار ڪري ٿو ۽ بي دينن جي مقابلي ۾ بي ديني جو لباس پائيندو آهي،ڇاڪاڻ ته اهڙو حقير ۽ پست ماڻهو، پنهنجي اندر جي پستي جي ڪري پنهنجي عقيدي جي اظهار جي جرئت نه ڪندو آهي.[2]

3. دنيا سان تمام گهڻي محبت

بين الاقوامي سطح تي جيڪا منافقت پاتي وڃي ٿي ان جو سبب اها شيءِ آهي، ڪجھ استڪباري ملڪ جيڪي هڪ جڳھ تي انساني حقن جا دعويدار هوندا آهن،ته ٻئي جاءِ تي خاموشي اپنائيندا آهن، ان جو سبب سندن دنيا سان محبت ئي آهي. جڏهن سندن مفاد خطري ۾ ٿا اچن ته سندن هڪ هٿيار انساني حقن جو نعرو هوندو آهي جيڪو هو پنهنجي دشمن جي خلاف هڻندا آهن، وري ان جي مقابلي ۾ جيڪڏهن سندن دوست انساني حقن جي ڪنهن واضح نموني کي به پائمال ڪن، ته ان کي نظرانداز ڪري ڇڏيندا آهن، قرآن مجيد سوره توبه ۾ 75، 76 ۽ 77 آيتن ۾ انهن منافقن جي واضح نمونن کي پيش ڪيو آهي. الله تعالى فرمائي ٿو: وَمِنْهُم مَّنْ عَاهَدَ اللّهَ لَئِنْ آتَانَا مِن فَضْلِهِ لَنَصَّدَّقَنَّ وَلَنَكُونَنَّ مِنَ الصَّالِحِينَ  فَلَمَّا آتَاهُم مِّن فَضْلِهِ بَخِلُواْ بِهِ وَتَوَلَّواْ وَّهُم مُّعْرِضُونَ فَأَعْقَبَهُمْ نِفَاقًا فِي قُلُوبِهِمْ إِلَى يَوْمِ يَلْقَوْنَهُ بِمَا أَخْلَفُواْ اللّهَ مَا وَعَدُوهُ وَبِمَا كَانُواْ يَكْذِبُونَ. ڪجھ منافقن الله سان اهو عهد ڪيو هو ته جيڪڏهن الله تعالى اسان کي پنهنجي فضل مان روزي ڏيندو ته اسان ضرور صدقو ڏينداسين ۽ اسان نيڪ (شڪر ڪندڙ) انسانن مان ٿينداسين، پر جڏهن الله تعالى کين پنهنجي فضل مان عطا ڪيو ته انهن ڪنجوسي ڪئي ۽ ان کان منهن موڙي ويا، ان عمل الله آڏو پيش ٿيڻ (قيامت جي ڏهاڙي) تائين سندن دل ۾ منافقت کي ويهاري ڇڏيو، اهو ان ڪري جو انهن الله سان ڪيل واعدي جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ ان ڪري ته ڪوڙ ڳالهائيندا هئا.

هي آيتون ”ثعلبه بن حاطب“ نالي هڪ شخص جي باري ۾ نازل ٿيون، هو شروع ۾ مسلمان هو ۽ هميشه پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن جي جماعت نماز ۾ شريڪ ٿيندو هو، پر ڇاڪاڻ ته فقير هو ۽ هميشه اهو اصرار ڪندو هو ته نبي سائين ان لاءِ دعا گھُرن ته الله سائين کيس تمام گھڻو مال ۽ ملڪيت عطا ڪري، تنهن تي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن کيس جواب ۾ فرمايو: قليل تودي شکره خير من کثير لاتطيقه“گھٽ مال جنهن جو حق ادا ڪري سگهين ان گھڻي مال کان وڌيڪ بهتر آهي جنهن جو حق ادا نه ڪري سگھين [3]   

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن جو مقصد اهو هو ته ان جي لاءِ ان سادي زندگي ۾ ئي ڀلائي آهي، پر ثعلبه ان ڳالھ تان هٿ نه ٿي کنيو ۽ روزانو پنهنجو مطالبو ورجائيندو رهيو.[4] آخرڪار پاڻ سڳورن (ص) کي عرض ڪيائين: ” جنهن خدا توکي حق تي مبعوث ڪري موڪليو آهي ان جو قسم ٿو ڏيان ته جيڪڏهن الله تعالى مون کي مال ۽ ملڪيت عطا ڪري ته ان جا سڀئي حق پورا ڪندس“ پاڻ سڳورن (ص) ان لاءِدعا ڪئي، ڪجھ ڏينهن کان پوءِ سندس مالدار سوٽَ هي جهان ڇڏيو ۽ ان جي مليڪت کيس ملي ۽ ان ملڪيت مان رڍون خريد ڪيائين ۽ پوءِ آهسته آهسته سڀني وقتن جي نماز جماعت هڪ وقت تائين وڃي محدود ٿي ۽ سندس رڍون ايتريون ته ٿي ويون جو انهن کي مديني ۾ سنڀالڻ مشڪل ٿي ويو، تنهن ڪري مديني کان ٻاهر رهڻ لڳو تنهن جي ڪري نماز جماعت کان مڪمل طور محروم ٿي ويو ۽ ايترو ته دنيا جي ڪمن ڪارن ۾ مشغول ٿي ويو جو صدقي جو جيڪو واعدو ڪيو هيائن ان تي به عمل نه ٿي ڪيائين، مستحبي صدقو ته نه ٿي ڏنائين پر واجب صدقي (زڪوات) ڏيڻ کان به پاسو ٿي ڪيائين ۽ ان سلسلي ۾ ايترو ته حد کان وڌڻ لڳو جو الله سائين جي ان حڪم جي به مذاق ڪرڻ لڳو ۽ ان کي به يهودين واري جزيي سان ڀيٽ ڪرڻ لڳو.[5] قرآن مجيد ثعلبه جي منافقت جو سبب ڪنجوسي، دنيا سان محبت ۽ واعدي خلافي طور ياد ڪيو آهي ۽ عجيب ڳالھ اها آهي ته هن آيت جي مطابق ثعلبه جهڙن انسانن جي منافقت قيامت تائين هلندي رهي ٿي ۽ ڪڏهن به انهن جي دل مان نڪري نه سگهندي. اللهم اجعل عواقب امورنا خيرا.

جيڪڏهن اسان چاهيون ٿا ته اهڙي خطرناڪ بيماري جو شڪار نه ٿيون ته منافقت جي انهن سرچشمن کان بڇڻ جي ڪوشش ڪيون، خاص طو تي رمضان المبارڪ جي بابرڪت ڏينهن ۽ راتين ۾ تمام گھڻو فيض پرايون، نماز شب پوءِ چاهي مستحبات کان بغير مختصر ئي ڇو نه هجي، ادا ڪيون ۽ خدا جي بارگاه ۾ سجدو ڪري منافقت ۽ تمام اخلاقي براين ۽ گناهن کان الله تعالى کان پناھ گھرون.  



[1]. پيغمبر اسلام صلى الله عليه وآله وسلم جن ان مسئلي کان واقف هيا، پر خراب نتيجن جي پيش نظرمنافقن سان مهاڏو اٽڪائڻ کان پاسو ڪندا هئا، پاڻ هڪ روايت ۾ فرمائن ٿا: ” لولا اني اکره ان يقال: ان محمدا استعان بقوم حتى اذا ظفرو بعدوة قتلهم، لضڙبت اعناق قوم کثيريعني: جيڪڏهن مون کي اهو انديشو نه هجي ها جو ماڻهو اهو چوندا ته محمد (ص) ماڻهن جي (طاقت جي) زور تي ڪامياب ٿيو ۽ پوءِ جڏهن ڪامياب ٿيو ته کين قتل ڪري ڇڏيائين ته ڪيترن جون گردنون لاهي ڇڏيان ها. وسائل الشيعه، جلد 18، ابواب حدالمرتد، باب 5، حديث 3.

[2]. حضرت  علي عليه السلام  اهڙي منافقت جي اصل بنياد ڏانهن هن ريت اشارو ڪيو آهي:نفاق المرءِ من ذل يجده في نفسهيعني: ماڻهو جي منافقت جو اصل سبب سندس اندر جي حقارت هوندي آهي جيڪو هو محسوس ڪندو آهي. ميزان الحڪمت، باب 3929، حديث 20258

[3].تفسير نمونه، جلد 8، ص 48.

[4]. ان قصي جو هڪ نتيجو هي آهي ته انسان پنهنجي دعائن ۾ تمام گھڻو اصرار نه ڪري، ڇاڪاڻ ته ڪيترا دفعا اها ڳالھ تجربن مان گذري آهي ته الله تعالى طرفان دعا جي قبول ٿيڻ جي صورت ۾ ڪيترو نقصان ان شخص کي پهچي ٿو، قرآن مجيد سوره بقره جي 216 آيت ۾ ڪيترو بهترين جملو فرمايو آهي:وَعَسَى أَن تُحِبُّواْ شَيْئًا وَهُوَ شَرٌّ لَّكُمْايستائين جو جيڪي عمل الله تعالى کي پسند آهن، اتي به اهو مسئلو پيش اچي ٿو، مثال طور جيڪو شخص ان ڳالھ جو اصرا ٿو ڪري ته کيس نماز شب جي توفيق حاصل ٿئي پر ان ۾ ڪامياب نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ ته شايد اها سندس فائدي ۾ نه هجي، ٿي سگهي ٿو ته هو ان عمل سان خودپسندي ۽ ڏيکاءُ  جو شڪار ٿي وڃي.

[5]. گھڻا ماڻهو جن تي خمس ۽ زڪوات واجب ٿي چڪو هوندو آهي اهي پنهنجي غيرپسنديده عمل جي توجيه لاءِ يعني انهن شرعي حقن جي ادائيگي کان بچڻ لاءِ مختلف قسم جون ڳالهيون ڪندا آهن، مثال طور اهو چوندا آهن، ان جو ڇا مطلب ته سور اسان برداشت ڪيون ۽ کائين وري ٻيا ؟!

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي