Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

منافقت جو سرچشمو2 (قسط12)

altمنافقن لاءِ هڪ ٻيو مثال

الله تعالى سوره بقره جي آيت نمبر 19 ۽ 20 ۾ فرمائي ٿو: ”أَوْ كَصَيِّبٍ مِّنَ السَّمَاء فِيهِ ظُلُمَاتٌ وَرَعْدٌ وَبَرْقٌ يَجْعَلُونَ أَصْابِعَهُمْ فِي آذَانِهِم مِّنَ الصَّوَاعِقِ حَذَرَ الْمَوْتِ واللّهُ مُحِيطٌ بِالْكافِرِينَ * يَكَادُ الْبَرْقُ يَخْطَفُ أَبْصَارَهُمْ كُلَّمَا أَضَاء لَهُم مَّشَوْاْ فِيهِ وَإِذَا أَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُواْ وَلَوْ شَاء اللّهُ لَذَهَبَ بِسَمْعِهِمْ وَأَبْصَارِهِمْ إِنَّ اللَّه عَلَى كُلِّ شَيْءٍ قَدِيرٌ. يعني:

(منافقن جو مثال) آسمان جي ان بارش وارو آهي، جنهن ۾ انڌيري، گوڙ ۽ کنوڻ هجي (۽ گذرڻ وارن تي وسندي رهي) اهي (گوڙ جي) ڪڙڪن کان موت جي ڊپ سبب، آڱريون پنهنجي ڪنن ۾ وجهن ٿا ۽ الله تعالى ڪافرن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، (اهي سندس قدرت جي قبضي هيٺ آهن.) اِجهو کنوڻ (جي تيز روشني) سندن اکين کي کيرو ڪري ڇڏي. جڏهن انهن لاءِ کنوڻ روشني پيدا ڪري ٿي ته ان ۾ هلڻ شروع ڪن ٿا ۽ جڏهن وسامي وڃي ٿي، ته بيهي رهن ٿا. جيڪڏهن خدا چاهي ته سندن ڪنن ۽ اکين کي ئي ختم ڪري ڇڏي؛ ڇاڪاڻ ته، الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو.

قرآن ۾ قسمين قسمين جا مثالَ

قرآن ۾ مثالَ مختلف قسمن جا آهن. الله تعالى، انسان جي سعادت ۽ تربيت ۾ اثر انداز اهم حقيقتن کي چِٽو ڪرڻ لاءِ هر قسم جو مثال ڏنو آهي. ڪڏهن بي جان مخلوق لاءِ مثال ٿو آڻي. جيئن؛ سوره رعد جي 17 آيت ۾ ارشاد ٿئي ٿو: أَنزَلَ مِنَ السَّمَاء مَاء فَسَالَتْ أَوْدِيَةٌ بِقَدَرِهَا فَاحْتَمَلَ السَّيْلُ زَبَدًا رَّابِيًا وَمِمَّا يُوقِدُونَ عَلَيْهِ فِي النَّارِ ابْتِغَاء حِلْيَةٍ أَوْ مَتَاعٍ زَبَدٌ مِّثْلُهُ كَذَلِكَ يَضْرِبُ اللّهُ الْحَقَّ وَالْبَاطِلَ“  الله تعالى هن آيت ۾ حق ۽ باطل جي حقيقت کي واضح ڪرڻ لاءِ مينهن جو مثال ڏنو آهي، جيڪو آسمان مان نازل ٿيڻ وقت، پاڪيزه، صاف ۽ گوارا  هوندو آهي؛ پر جڏهن زمين تي وهڻ شروع ڪري ٿو ته، آلوده زمين ان صاف پاڻي کي آلوده ڪيو ڇڏي. پاڻي حرڪت ۾ اچيو وڃي، ته ان واري آلودگي پاڻي جي مٿان واري جھَڳَ واري ۾ تبديل ٿيو وڃي. جڏهن جھَڳَ سان آلوده ٿيل هيءُ پاڻي هموار زمين تي پهچي ٿو، ته آهسته آهسته ان جي جھَڳَ ختم ٿيو وڃي ۽ اهو صاف پاڻي آرام سان هلڻ شروع ڪري ٿو. الله سائين فرمائي ٿو: حق ۽ باطل به انهي مِينهن ۽ جھَڳَ وانگر آهن.

ڪٿي وري گاھ ۽ نباتات جو مثال ڏئي ٿو؛ جهڙي ريت سوره ابراهيم جي آيت 24 ۾ آيو آهي: أَلَمْ تَرَ كَيْفَ ضَرَبَ اللّهُ مَثَلاً كَلِمَةً طَيِّبَةً كَشَجَرةٍ طَيِّبَةٍ أَصْلُهَا ثَابِتٌ وَفَرْعُهَا فِي السَّمَاء يعني: ڇا تو نه ڏٺو ته، الله تعالى پاڪ ڪلمي جو، پاڪيزه وڻ سان ڪيئن مثال ڏنو، جنهن جي پاڙ زمين ۾ کُتل ۽ ان جون ٽاريون آسمان ۾ آهن.

هن آيت ۾ پاڪيزه ڪلام جو (جنهن جو واضح مصداقلا اله الا الله جو ڪلمو آهي) هڪ وڻ سان مثال پيش ڪيو آهي ۽ان لاءِ ڪلمه طيبه جو لفظ ڪم آندو آهي، ڇاڪاڻ ته پاڪيزه گفتگو، پاڪيزه، سرسبز ۽ هميشه آباد وڻ جي مثل آهي.

ڪنهن مقام تي حڪمت وارو خدا حيوانن جو مثال ذڪر ڪري ٿو. جنهن جو مثال سوره بقره جي 26 آيت آهي: إِنَّ اللَّهَ لاَ يَسْتَحْيِي أَن يَضْرِبَ مَثَلاً مَّا بَعُوضَةً فَمَا فَوْقَهَاالله تعالى ان ڳالھ کان نه ٿو شرمائي ته مڇر يا ان کان به ننڍي (مخلوق) جو مثال ڏي.....ان آيت ۾ الله تعالى، هڪ ننڍڙي حيوان، يعني، مڇر جو مثال ڏنو آهي. جهڙي ريت سوره عنڪبوت ۾ عنڪبوت (ڪوريئڙي) جو مثال ڏنو اٿس.

ڪٿي وري هڪ انسان جو مثال ڏنو اٿس. جنهن جو هڪ مثال، سوره بقره جي 171 آيت آهي.”. وَمَثَلُ الَّذِينَ كَفَرُواْ كَمَثَلِ الَّذِي يَنْعِقُ بِمَا لاَ يَسْمَعُ إِلاَّ دُعَاء وَنِدَاء صُمٌّ بُكْمٌ عُمْيٌ فَهُمْ لاَ يَعْقِلُونَ(اي پيغمبر ڪافرن کي دعوت ڏيڻ جي سلسلي ۾)ڪافرن جو مثال؛ ان شخص وانگر آهي، جيڪو(رڍن ۽ حيوانن کي خطري مان نجات ڏيڻ لاءِ) صدا هڻي ٿو، پر اهي هُل، هنگامي کان سواءِ ڪجھ نه ٿا ٻڌن. (حقيقت ۾ اهي سندس گفتار جي آواز ۽ معنى کي سمجهن ئي نه ٿا.) اهي ڪافر (حقيقت ۾)ٻوڙا، گونگا ۽انڌا آهن، تنهن ڪري ڪا شيءِ سمجهن ئي نه ٿا.

هن آيت ۾، الله تعالى، انسان جو مثال ڏنو آهي، جيئن ته پيغمبر اسلام (ص) لاءِ هڪ ڌنار جو مثال ڏنو اٿس ۽ حيوانن جو به مثال ڏنو ٿس؛ جيئن ته ڪافرن کي (ان ڌنار جي) رڍن يا حيوانن وانگر ڪري پيش ڪيو اٿس. قرآن مجيد ۾ قسمين قسمين جي مثالن جو بنيادي دليل، قرآني تعليمات کي آسان ۽ اونهي سمجھ ۽ ادارڪ سان پيش ڪرڻ آهي، خاص طور تي قرآن مجيد جا پهريان مخاطب جاهليت جي دور جا اڻ پڙهيا، بياباني عرب هيا. صدر اسلام ۾ ڪجھ مسلمانن جي تعداد کان سواءِ پڙهڻ ۽ لکڻ جي تعليم کان محروم هئا، تنهن ڪري قرآن مجيد کي مثالن ذريعي ئي سمجهڻ جي طاقت ۽ قرآن جي قسمين قسمين جي مثالن سان ئي قرآن جي بلند و بالا مطلبن کي سمجهڻ جي سگھ رکندا هئا. سڀئي ڳالهائيندڙ، خاص طور تي علماء، دانشور، مجتهد، خطيب، وغيره قرآن مجيد جي ان قاعدي جي روشني ۾ پنهنجي پيغام ۽ ڳالھ کي سادو ۽ جذاب بڻائين، ته جيئن؛ مخاطب جي روح ۾ سندن ڳالھ جو اثر ٿئي. قرآن مجيد جيڪو حق جي سونهن جي بهترين تجلي آهي ۽ خود پاڻ بهترين ڪلام جو مظهر پڻ آهي؛ تنهن ڪري قرآن جي پيروي ڪندي، سونهن ۽ اثرانداز سادي گفتگو، ڳالھ جي سونهن لاءِ معيار ۽ هڪ قيمتي گوهر جي طور سڃاتي وڃي. اهي ماڻهو جن جي گفتگو، ڳُتيل، مُنجهيل ۽ دير سان سمجھ ۾ اچڻ واري هوندي آهي ۽ اهي سادي گفتگو کي ڳالهائڻ واري جي ڪَم علمي سمجهندا آهن، ته اهي الله تعالى جي ان رستي ۽ قرآني طريقي جي مخالف عمل ڪن ٿا.[1] اسان کي اميد آهي ته، حوزه علميه جي جوان نسل ۽ يونيورسٽين جي شاگردن ۾ سادي گفتگو هڪ هنر۽ قيمتي گوهر جي طور تي سڃاتي وڃي ۽ پيچيده گفتگو کي (قرآني) اصول جي مخالف سمجهيو وڃي.

آيتن جو تفسير

ذڪر ٿيل آيتن[2] ۾ پڻ منافقن جي ڳالھ ۽ سندن منافقت جي خطري کي ذڪر ڪيو ويو آهي، شايد هن آيت ۽ پهرئين مثال جي نگاھ ڪجھ منافق ماڻهن تي ۽ هن آيتن جي نگاھ وري ڪجھ ٻين رياڪار ماڻهن تي هجي. انهن آيتن جي مطابق منافقن جو مثال؛ ان مسافر وارو آهي، جنهن آڌي رات جو ڪنهن بيابان ۾ پنهنجي واٽ وڃائي ڇڏي هجي، جڏهن تمام گهڻي بارش پئي رهي هجي. وٽس نه ڪا پناھ جي جاءِ هجي، نه وري ڪو دوست ساڻس هجي، نه ڪنهن رستي کي سڃاڻي سگهندو هجي، ته نه ئي ڪا روشني هجي. ڪڪرن جي ڪاري پردن آسمان کي به ڍڪي ڇڏيو هجي ۽ تارن جو ٿورو نور به انهي تائين نه پهچي سگهي ۽ اهو سڀ ڪجھ ان حال ۾ آهي جو تمام گهڻي گوڙ ۽ کنوڻ به لڳي رهي هجي. پر اها ڳالھ واضح  ته، ان گوڙ ۽ کنوڻ ان گم ٿيل شخص جي اندر ۾ ڪا وحشت پيدا ڪري ڇڏي هجي؛ ڇاڪاڻ ته، گوڙ جو آواز، خاص طور تي بيابانن ۾ تمام وڏو هوندو آهي ۽ ان حالت ۾ کنوڻ به تمام کيرو ڪري ڇڏيندي آهي؛ جهڙوڪ اکين کي ئي انڌو ڪيو ڇڏي. ان خطرن جي ڪري گمشده مسافر ان گوڙ جي خوف کان پنهنجيون آڱريون ڪنن ۾ وجهي ٿو ۽ پنهنجي جان جي خوف کان ڏڪڻ لڳي ٿو، ته متان کنوڻ کيس پنهنجي لپيٽ ۾ نه آڻي ڇڏي، منافق جو مثال به ان مسافر وارو ئي آهي.

واللّهُ مُحِيطٌ بِالْكافِرِينَ“الله تعالى ڪافرن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، (اهي سندس قدرت جي قبضي هيٺ آهن.) هن آيت ۾ محيط جا ٻه تفسير ڪيا اٿن: پهريون: الله تعالى جي علم جي پکيڙ. ٻيو: الله تعالى جي قدرت جي پکيڙ. جيڪڏهن ”محيط“ جو پهريو مفهوم مراد هجي ته، آيت جو پيغام هن ريت ٿيندو ته، الله تعالى سڀني ڪافرن تي علمي احاطو رکي ٿو ۽ جيڪڏهن ٻيو مفهوم مراد هجي ته، آيت جي معنى هن ريت ٿيندي ته، الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو ۽ ڪو به ماڻهو سندس قدرت جي دائري کان ٻاهر نه ٿو وڃي سگهي.

يَكَادُ الْبَرْقُ يَخْطَفُ أَبْصَارَهُمْاِجهو کنوڻ (جي تيز روشني) سندن اکين کي کيرو ڪري ڇڏي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن اهو شخص انڌيري رات ۾ هجي ۽ انڌيري کي پنهنجي عادت بڻائي ڇڏي، ته جڏهن طاقتور نور جي روشني مٿس چمڪڻ لڳندي، ته انڌي ٿيڻ جي خطري ۾ اچي ويندو. 

كُلَّمَا أَضَاء لَهُم مَّشَوْاْ فِيهِ“جڏهن انهن لاءِ کنوڻ روشني پيدا ڪري ٿي ته ان ۾ هلڻ شروع ڪن ٿا. هن مسافرپنهنجو رستو گم ڪري ڇڏيو آهي ۽ جڏهن کنوڻ جي روشني کي ڏسي ٿو ته، خوشحال ٿئي ٿو، هلڻ لڳي ٿو ۽ اڳتي وڌي ٿو ته جيئن پنهنجو رستو ڳولي لهي؛ پر اهو نور وقتي ۽ پائيدار ناهي هوندو ۽ تمام جلدي ختم ٿي ويندو آهي.

وَإِذَا أَظْلَمَ عَلَيْهِمْ قَامُواْ۽ جڏهن (کنوڻ جي روشني) ختم ٿي وڃي ٿي ته، (حيرت مان)هلڻ کان رڪجي وڃن ٿا. مجبور، حيران ۽ پريشان ٿي، اهي مسافر وري ٻيو دفعو پنهنجي جاءِ تي بيهي رهن ٿا.

وَلَوْ شَاء اللّهُ لَذَهَبَ بِسَمْعِهِمْ وَأَبْصَارِهِمْ“جيڪڏهن خدا چاهي ته سندن ڪنن ۽ اکين کي ئي ختم ڪري ڇڏي؛ ڇاڪاڻ ته، الله تعالى هر شيءِ تي قدرت رکي ٿو.

 منافق به گمشده مسافر وانگر آهي. پنهنجي ايمان جي اظهارسان، ايمان جي روشني جي جلوي مان اثر حاصل ڪند آهي، پر ڇاڪاڻ ته، سندس ايمان ظاهري هوندو آهي، تنهن ڪري ان مان فيضياب به گهٽ ٿئي ٿو، تنهن ڪري دير يا جلدي رسوا ٿي ويندو آهي ۽ وري ٻيو دفعو پنهنجي ڏيکاءُ ڏيندڙ ايمان ۽ ڪفر ۽ منافقت جي انڌيري ۾ هليو ويندو آهي.

 



[1]. الله تعالى سوره ابراهيم جي 4 آيت ۾ فرمائي ٿو:وَمَا أَرْسَلْنَا مِن رَّسُولٍ إِلاَّ بِلِسَانِ قَوْمِهِ لِيُبَيِّنَ لَهُمْيعني: اسان ڪنهن به رسول کي پنهنجي قوم واري زبان کان سواءِ ناهي موڪليو، ته جيئن اهو نبي انهن لاءِ (خدا جو پيغام) بيان ڪري. ... ۽ اهڙي ريت پيغمبر اسلام (ص) ڪيترا دفعا فرمايو آهي: أُمِرْنَا أَنْ نُكَلِّمَ النَّاسَ عَلَى قَدْرِ عُقُولِهِم‏“يعني: اسنا پيغمبرن کي اهو حڪم ڪيو ويو آهي ته، ماڻهن سان سندن عقل جي مطابق گفتگو ڪيون.(بحارالانوار، جلد1، ص 85). 

[2]. سوره بقره آيت 19 ۽ 20. 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي