سومر, 30 مارچ 2020 - Mon 03 30 2020

منو

قرآني منَ موهيندڙ مثالَ (قسط 2)

عملي ۽ زباني مثالَ{plusone}

هي هڪ ويچار جوڳي ڳالهه آهي ته مثال ڪڏهن عملي هوندا آهن، جيڪي ڪردار ذريعي سمجهايا ويندا

آهن ۽ ڪڏهن لفظي (زباني) هوندا آهن جيڪي گفتگو ذريعي سمجهائبا آهن.

قرآن مجيد جا مثالَ ٻي قسم وارا آهن. پر پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله وسلم ۽ ائمه عليهم السلام جن جي سيرت ۾ ڪجهه عملي مثالَ به پاتا وڃن ٿا، طبعي طور تي تن جو اثر به گهڻو هوندو آهي.[1]

هتي عملي مثالن جا ٻه مثالَ پيش ڪجن ٿا.

1. جڏهن ننڍا گناهه گڏجي وڏو ڍير ٿي وڃن.

هڪ ڏينهن پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله وسلم جن پنهنجي صحابين سان گڏجي ڪنهن سفر تي ويا. پاڻ سڳورن (ص) جن پڪو پَهه ڪيو ته ماڻهو ننڍن گناهن کي اهميت نه ڏيندي انهن تي گهٽ ڌيان ڏين ٿا، تنهن ڪري انهن جي خطري کان کين آگاهه ڪيان، داڻي پاڻي کان آجي هڪ ويران بيابان ۾ سندن صحابين کي حڪم ڏنائون ته ڪجهه ڪاٺيون گڏ ڪن. لڳو ائين پئي ته باهه لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪرائڻ مان سندن ٻيو مقصد ئي مراد هو. صحابين عرض ڪيو: هن بيابان ۾ ڪاٺيون ئي ناهن، پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو: ڳولها ڪيو؛ جيتريون ملي سگهن، پوءِ کڻي ٿوريون ئي هجن تڏهن به ڪافي آهن. صحابي ٽڙي پکڙي ويا ۽ ٿوري دير کان پوءِ هر هڪ ٿوريون، ٿوريون ڪاٺيون گڏ ڪري اچي پهتو. پاڻ حڪم ڏنائون ته ڪاٺيون هڪ جڳهه تي گڏ ڪيون وڃن.جڏهن اهي ٿوريون ٿوريون ڪاٺيون هڪ جڳهه ته گڏ ٿيون ته ڏسڻ وٽان هڪڙو وڏو ڍير ٺهي ويو. پوءِ پاڻ سڳورن (ص) انهن کي باهه ڏئي ڇڏي، ڪاٺين کي باهه وڪوڙيو، باهه پنهنجا شعلا ڇڏيا، شعلن گرمي پيدا ڪئي، ساڙيندڙ گرمي صحابين کي باهه کان پري ڌڪي ڇڏيو. ان وقت پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو : ”هکذا تجتمع الذنوب، ثم قال : اياکم والمحقرات من الذنوب“يعني اهڙي ريت (انهن ڪاٺين وانگر) گناهه گڏ ٿي وڃن ٿا، تنهن ڪري ننڍڙن گناهن کان به پاڻَ بچايو.[2]

ها! ننڍا گناهه به انهن ڪاٺين وانگر ٿورا ٿورا ٿي گڏ ٿي وڃن ٿا ۽ اچانڪ هڪ باهه جي پهاڙ واري شڪل اپنايو وٺن، ننڍن گناهن وارو خطرو پڻ انسانن جي غفلت جي ڪري ٿئي ٿو. پاڻ سڳورن (ص) جن ان عملي مثال ذريعي ان خطري کان آگاهه فرمايو.

2. دوزخ جي باهه جي منظر ڪشي.

حضرت علي عليه السلام جنهن زماني ۾ ظاهري خلافت تي آيا ۽ بيت المال سندن اختيار ۾

هو ته سندن ڀاءُ عقيل جيڪو ٻچڙيوال ۽ محتاج به هو ۽ بيت المال مان ملندڙ رقم سندس زندگي جو پورائو نه پئي ڪيو، سو سندن خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ بيت المال مان وڌيڪ حصي جي گهُر ڪيائين، حضرت علي عليه السلام سندن ڀاءُ (عقيل ) کي، سندس سوال جي اجائي هجڻ ۽ بي عدالتي جي گناهه جو عذاب سمجهائڻ لاءِ باهه سان تپي ٽانڊا ٿيل لوهه ڏانهس وڌايو (البته ڪجهه ماڻهن جي نظريي جي برخلاف سندس هٿ تي نه هنيائون) ان وقت عقيل جي فرياد بلند ٿي وئي ته هي ڪهڙو طريقو آهي، جيڪو پنهنجي نابين ڀاءُ سان ٿا اپنايو ؟ حضرت علي (ع) جواب ڏنو: اي منهنجا ڀاءُ! تون دنيا جي هن ٿوري باهه کي برداشت نٿو ڪري سگهين ! ته پوءِ مون کي جهنم جي باهه ڏانهن ڇو ٿو سڏين، جنهن جي ڀيٽ دنيا جي هن باهه سان ڪڏهن به نه ٿي ڪري سگهجي؟[3]

تون پاڻ دنيا جي باهه جي گرمائش برداشت ڪرڻ جي سگهه نٿو رکين! ته پوءِ مون کي خدا جي بندي کي راضي ڪرڻ خاطر، خدا جي ناراضگي ڏانهن ڇو ٿو ڌڪين، جنهن جو انجام جلائيندڙ جهنم آهي؟

تون پاڻ ٿوري گرمي جي طاقت نٿو رکين! ته مون کي الله سائين جي نافرماني ۽ حق ۽ انصاف جي واٽ کان پري ٿيڻ ڏانهن ڇا جي لاءِ ٿو پڪارين جنهن جو سنيهو خدائي عذاب آهي؟

هي مثالَ ڪيترن ئي مسئلن کي سمجهڻ آسان ڪيو ڇڏين، جيڪڏهن هن عملي مثالن جي بجاءِ نصيحت ڪئي وڃي ها، ته شايد ان جو ايترو اثر نه ٿئي ها، هي مثالَ نه رڳو ان زماني ۾ عقيل لاءِ، بلڪه هر زماني ۽ دور ۾ سڀني لاءِ سمجهڻ وٽان آهي، انهن اثرن جي ڪري ئي قرآن مجيد مثالن مان ڪم ورتو آهي.

مثالن جو مقصد قرآن جي زباني

قرآن مجيد جي ڪجهه آيتن ۾ قرآني مثالن جو مقصد بيان ٿيل آهي، جن مان ٽن نمونن ڏانهن توهان جو ڌيان ڇڪائجي ٿو.

1. سوره ابراهيم جي 25 آيت ۾ ”ڪلمه طيبه“ کي ”شجره طيبه“ سان ڀيٽڻ کانپوءِ (جنهن کي اڳتي هلي ذڪر ڪيو ويندو) آخر ۾ الله تعالى جو ارشاد ٿئي ٿو: ” ويضرب الله الامثال للناس لعلهم يتذکرون“ الله سائين ماڻهن لاءِ مثالَ آڻي ٿو ، شايد سمجهي پون.

ان آڌار تي، مثال آڻڻ جو مقصد نصيحت پرائڻ ۽ يادگيري آهي.

2. سوره حشر جي 21 آيت ۾ سخت دل انسان جي دل کي جبلن سان ڀيٽڻ ۽ اهو ٻڌائڻ کانپوءِ ته قرآن جو اثر ڪجهه ماڻهن جي دلين کان پهاڙن تي گهڻو ٿو پوي الله سائين فرمائي ٿو: وَتِلْكَ الْأَمْثَال ُنَضْرِبهَُا لِلنَّاسِ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُون“ اسان اهي مثالَ ماڻهن لاءِ ان ڪري ٿا آڻيون ته شايد ويچار ڪن.

ان بنياد تي، مثال آڻڻ جو مقصد سوچ ۽ ويچار ڪرڻ آهي.

3. سوره عنڪبوت جي 40، 43 آيت ۾، الله اهو ٻڌائڻ کانپوءِ ته جن ماڻهن الله سائين کانسواءِ ڌارين کي پنهنجو سرپرست بڻايو، تن جو مثال ڪوريئڙي وارو آهي جنهن کي پنهنجي ڄار تي ڀروسو هوندو آهي.فرمائي ٿو:وَتِلْكَ الْأَمْثَال ُنَضْرِبهَُا لِلنَّاسِِ وَمَا يَعْقِلُهَا إِلَّا الْعَلِمُون“ اسان هي مثالَ ماڻهن لاءِ آڻيون ٿا، (پر) هي مثالَ رڳو ڄاڻو انسان ئي سمجهي سگهن ٿا.

ان آيت مطابق مثال آڻڻ جو مقصد ڄاڻ ڀريو فڪر ڪرڻ آهي.

ذڪر ٿيل آيتن مان اهو نتيجو ملي ٿو ته انسان مٿان مثالن جو اثر ٽن مرحلن ۾ پيش ڪري سگهجي ٿو.

پهريون مرحلو: نصيحت پرائڻ ۽ يادگيري آهي ته جيئن خدائي پيغام جي حقيقت ذهن ۾ جاءِ وٺي.

ٻيون مرحلو:سوچ ۽ ويچار جو آهي معنى ته مثال جي موضوع ۽ ان جي راز ۾ سوچ ۽ ويچار ڪجي.

ٽيون مرحلو: ڄاڻ ڀرئي فڪر جو آهي جنهن سان حقيقت کي پرکي سگهجي.[4]



[1] _ پاڻ سڳورن (ص) ۽ ائمه عليهم السلام جن کان زباني مثالَ پڻ نقل ٿيا آهن، شوق رکندڙ حضرات، ميزان الحڪمة روايت نمبر 18106کان روايت نمبر 18236 تائين رجوع ڪري سگهن ٿا.

[2] _ ميزان الحڪمه، باب 1372، حديث 6593

[3] _نهج البلاغه خطبو224

[4] هتي ٻه ٻيا به احتمال ڏئي سگهجن ٿا. پهريون: مثالن جي تقسيم نتيجي جي لحاظ سان جيئن، اهي مثالَ جيڪي نصيحت ۽ يادگيري جو سبب ٿين، اهي مثالَ جيڪي سوچ ۽ ويچار جو باعث بڻجن ۽ اهي مثالَ جيڪي ڄاڻ ڀرئي فڪر جو ڪارڻ ٿين.

ٻيو. مثالن جي تقسيم مخاطب جي لحاظ کان (يعني) مخاطب ٽن قسمن جا آهن ۽ مثال جو هر قسم مخاطب جي ڪنهن ٽولي سان مربوط هوندو آهي.


اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي