اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

قرآني منَ موهيندڙ مثالَ ( قسط 3 )

مثال واري پيغام جي اهميت.

عام ماڻهو کوڙ سارن مسئلن ۾ ڪنهن شيءَ جي وڏي هجڻ کي ان شيءَ جي عظمت ۽ ننڍي هجڻ کي ان جي گهٽ اهميت وارو هجڻ تصور ڪندا آهن.جڏهن ته ائين ناهي، بلڪه اهميت ان پيغام کي حاصل آهي جيڪو چوڻ واري جي مراد هجي.

قرآن مجيد ۾ پڻ، اهميت ان پيغام کي حاصل آهي جيڪو مثال جي ذريعي بيان ٿئي.باقي مثال ۾ وڏي ۽ ننڍي شيءَ جو ذڪر ٿيڻ معيار ڪونهي.

الله تعالى سوره بقره جي 26 آيت ۾ فرمائي ٿو:

إِنَّ ا للَّهَ لَايَسْتَحْىِ أَن يَضْرِبَ مَثَلًا مَّا بَعُوضَةً فَمَا فَوْقَهَا فَأَمَّا الَّذِينَ ءَامَنُواْ فَيَعْلَمُونَ أَنَّهُ الْحَقُّ مِن رَّبِّهِمْ وَأَمَّا الَّذِينَ كَفَرُواْ فَيَقُولُونَ مَا ذَا أَرَادَ اللَّهُ بِهَا ذَا مَثَلًا يُضِلُّ بِه ِكَثِيرًا وَيَهْدِى بِهِ كَثِيرًا وَمَايُضِلُّ بِهِ إِلَّا الْفَاسِقِين

الله تعالى مڇر(وانگرڏسڻ ۾ ننڍڙي مخلوق ) ۽ ان کان به گھٽ ( مخلوق ) جي مثال ڏيڻ کان نه ٿوشرمائي پوءِ جن ايمان آندو اهي ڄاڻن ٿا ته هي سندن پالڻهارطرفان حق آهي پر جن ڪفر وارو رستو ورتو اهي (ان ڳالهه کي بهانو بڻائيندي ) اهو چوندا آهن ته الله جو ان مثال ڏيڻ مان ڪهڙو مقصد آهي؟ الله سائين ان ذريعي ڪيترن کي گمراهه ۽ ڪيترن کي هدايت ڪندو آهي پر گمراهه فقط منافقن کي ڪندوآهي .

آيت جا ڪجهه نتيجا.

ذڪر ٿيل آيت ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان هيٺيان نتيجا وٺي سگهجن ٿا.

1. الله تعالى پاڻ، مثال کي پيش ڪرڻ جو مقصد ماڻهن جي هدايت ۽ اصلاح سمجهايو آهي.

2. مثال جو موضوع ۽ مطلب، ظاهري مضمون ۽ آيت ۾ ذڪر ٿيل مخلوق کان وڌيڪ اهميت وارو آهي.

3. خدا جي هر مخلوق اپائڻهار جي وڏائي جي نشاني آهي، توڙي جو مڇر ئي ڇو نه هجي.

آيت جي وضاحت ۽ تفسير

آيت جو تفسير ڪڙن ۽ ذهن کي وڌيڪ اُونهي سکيا لاءِ آماده ڪرڻ کان پهرين مختصر طور هن آيت جي شان نزول ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.

منافق جي وڏي خاصيت اها آهي ته هو هميشه بهاني جي تلاش ۾ هوندو آهي.منافق هر مسئلي ۾ ٽالَ مٽول ۽ اعتراض ڪندو رهندوآهي. هو مد مقابل جي نظرئي سان ٻڌل ناهي هوندو، ڇاڪاڻ ته هو هميشه ان جي خلاف سوچيندو ۽ عمل ڪندو آهي، مثال طور فرض ڪيو، ڪو شخص يا ڪوئي فلاحي ادارو ڪنهن شهر ۾ مسجد، لائيبريري، اسپتال وغيره تي مشتمل ڪنهن اسلامي (۽ فلاحي مرڪز) جو بنياد رکي ته منافق ان جي مقابلي ۾ وري ڍونگ ڪندي، اهو چوندي نظر ايندو آهي ته شهرن ۾ هيترن بکايل ماڻهن جي هوندي هيڏي وڏي عمارت ٺهرائڻ ڪو چڱو ڪم ته ڪونهي. ان کان اهو ڀلو نه هو ته ان عمارت واري رقم ، بکايل انسانن تي خرچ ڪئي وڃي ها؟ ڇا اهو بهتر نه هو ته اهو پئسو جوانن جي شادين تي لڳايو وڃي ها؟ ڇا ان کان اهو بهتر نه هو ته هيڏي چڱي موچاري رقم سان غريب بيمارن جو علاج ڪرايو وڃي ها؟ ڇا ان کان اهو بهتر نه هو ته هيڏو سرمايو، انهن ڪمن جي بجاءِ نوجوان نسل جي تعليم ۽ تربيت تي خرچ ٿئي ها؟

وري جيڪڏهن ساڳيو شخص يا فلاحي ادارو، شروع کان اهو سرمايو مٿي ٻڌايل ڪنهن ڪمن، جهڙوڪ بکايل انسانن، نوجوانن ۽ بيمارن تي خرچ ڪري ها ته ساڳيو منافق ٻئي طريقي سان بهاني بازي ڪرڻ شروع ڪري ها، مثال طور چوي ها ته: هي ڪهڙو اسلام آهي ۽ هتي ڪهڙا مسلمان ٿا رهن جو هن شهر ۾ هڪڙي مسجد به ڪانهي توهان هيڏي ساري رقم انهن بي فائده ڪمن تي لڳايو ٿا ڇڏيو، انهن ڪمن سان توهان اسلام کي ختم ڪري ڇڏيوَ! توهان کي ته يهودين ۽ عيسائين کان سکڻ گهرجي ته ڪيڏيون خوبصورت عبادت گاهون ٿا ٺاهين، جن کي ڏسي ماڻهو ڏانهَن وڃڻ جو شوق ٿا پيدا ڪن، هندن کان سکو ته پنهنجي بي جان بتن لاءِ ڪيڏا وڏا مندر ٿا ٺاهين وغيره.

مطلب ته منافق جو ڪم مخالفت ڪرڻ، ماڻهن ۾ منافقت ۽ اختلاف جو ٻج ڇٽڻ ۽ ٻين کي پريشان ڪرڻ آهي.

انهي مقدمي کي سمجهڻ کانپوءِ ذڪر ٿيل آيت جو تفسير ۽ وضاحت ڪرڻ چاهيون ٿا: جڏهن قرآن ۾ ڪجهه مثال نازل ٿيڻ شروع ٿيا ته منافقن بهاني بازي ڪرڻ شروع ڪئي ته قرآن ۾ هي ڪهڙا مثال آندا ويا آهن؟ الله تعالى ان ڳالهه کان مٿانهون آهي ته ڪورئيڙي ۽ مک جهڙي ڪمزور مخلوق [1] يا باهه گوڙ ۽ کنوڻ [2] جهڙي بي جان مخلوق جو مثال پيش ڪري ۽ ان ڳالهه مان سندن اهو مقصد، مراد هو ته اهي قرآني آيتون، نه ئي الله تعالى جي طرفان نازل ٿيون آهن ۽ نه وري ڪا وحي آهي.

جيتوڻيڪ جيڪڏهن اهڙيون آيتون ۽ مثال نازل نه ٿين ها، يا وري جلدي ۾ سمجهه ۾ نه اچڻ واري ڪلام ۽ ڏکين لفظن ۽ جملن سان (اهي مثال) سمجهايا وڃن ها ته يقين سان چئي سگهجي ٿو ته اهي منافق ڪنهن ٻئي طريقي سان بهانو تلاش ڪندي اعتراض ڪن ها، ( مثال طور هن ريت چون ها) هي الله سائين جو ڪتاب ڪيئن ٿي سگهي ٿو جڏهن ته اسان کي ان مان ڪا ڳالهه ئي سمجهه ۾ نه ٿي اچي؟ يا وري ائين چون ها ته الله سائين اهڙن بلند مفهومن ۽ مشڪل مطلبن کي ڪنهن سادي طريقي سان ڇو نه بيان ڪيو ته جيئن سڀني لاءِ سمجهڻ آسان هجي ها؟ جيئن ته حضرت شعيب جي زماني جي منافقن اهڙا ئي اعتراض ڪيا هئا. الله تعالى سوره هود جي 91 آيت ۾ فرمائي ٿو: قَالُواْ يَا شُعَيْبُ مَا نَفْقَهُ كَثِيرًا مِّمَّا تَقُولُوَ إِنَّا لَنرََئ كَفِينَا ضَعِيفًا وَلَوْلَا رَهْطُ كَلَ رَجَمْنَاكَ وَمَا أَنتَ عَلَيْنَا بِعَزِيز يعني: انهن چيو اي شعيب! تون جيڪو چوين ٿو تنهن مان گهڻو اسان سمجهون ئي نٿا، ۽ اسان جي درميان توکي هيڻو ٿا ڀانئيون ۽جيڪڏهن تنهنجي ننڍڙي خاندان جو لحاظ نه هجي ها ته توکي سنگسار ڪيون ها، ۽ تون ته اسان جي مقابلي ۾ ڪا سگهه ئي نٿو رکين.

ان آيت کي نظر ۾ رکڻ سان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته منافقن جي منطق ۽ فڪر بهانا ڪرڻ آهي، هڪ پاسي کان چون ٿا ته تنهنجون ڳالهيون نه ٿا سمجهون، ٻئي طرف چون ٿا ته توکي تنهنجي قبيلي کان جو لحاظ ڪندي ڇڏي ڏنوسين، نه ته توکي قتل ڪري ڇڏيون ها، حضرت شعيب سندن جواب ۾ فرمايو: ڇا الله تعالى وڌيڪ آهي يا منهنجو ننڍڙو ڪنٽب؟ [3]

ڇاڪاڻ ته منافق بيجان يا ڪمزور مخلوق لاءِ بهاني جي تلاش ۾ هوندا هئا، تنهن ڪري سوره بقره جي 26 آيت نازل ٿي ۽ اهڙن بهاني باز ۽ ٻه روپي ماڻهن کي جواب ڏنائين ته ان ۾ ڪا ڳالهه نه آهي جو الله تعالى مڇر يا ان کان به ننڍڙي مخلوق جي مثال ڏي.

۽ ڇاڪاڻ ته ڳالهه جي فصاحت ۽ بلاغت جي تقاضا اها آهي ته ڪڏهن وڏي ته ڪڏهن ننڍي شيءِ جو مثال ڏنو وڃي، جڏهن مثال مان ڪنهن شيءِ جي عظمت کي ٻڌائڻ مقصد هجي ته عام طور تي وڏي شيءِ سان مثال ڏنو ويندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شيءِ جي ڪمزوري ۽ بيوسي ٻڌائڻ مقصد هجي ته ڪنهن ننڍڙي ۽ ڪمزور شيءِ جو مثال آندو ويندو آهي، ان آڌار تي هميشه وڏين شين سان مثال ڏيڻ ان ڪلام جي فصاحت ۽ بلاغت جي علامت ناهي، تنهن جو مطلب ته اهو ڪو مسئلو ناهي ته الله سائين ڪلام جي موضوع سان مناسبت رکندڙ ڪنهن شيءِ جي مثال آڻي، اهي مومن ۽ نيڪ انسان جيڪي انهن مثالن جي معنى ۽ حقيقت کي سمجهن ٿا سي ڄاڻن ٿا ته اهي خدا طرفان آهن ۽ انهي کان انڪار به نٿا ڪن، پر اهي ڪافر جيڪي سرڪش، تعصبي ۽ بهاني باز آهن، اعتراض ڪندا آهن ۽ چوندا آهن الله سائين اهڙيون مثال ڇو آندا آهن جيڪي ڪجهه ماڻهن جي گمراهي ۽ ماڻهن جي هدايت جو سبب ٿين؟!

{plusone}



[1]_ الله سائين سوره حج جي 73 آيت ۾بتن جي بيوسي جو مثال مک سان ڏنو آهي يا ايها الناس ضُرب ....... اي انسانو! هڪ مثال آندو ويو آهي تنهن کي ڪن ڏئي ٻڌو ته الله کانسواءِ جن کي پڪار يو ٿا، جيڪڏهن اهي سڀئي گڏ ٿي پون تڏهن به ( هڪ ) مک کي پيدا نه ڪري سگهندا ۽ جيڪڏهن کانئن مک ڪا شيءِ کسي وٺي ته اها ان کان واپس وٺڻ جي به سگهه نه ٿا رکن

[2] _ انهن مثالن جي وضاحت پهرئين ۽ ٻئي مثال ۾ ايندي.

[3]_ سورت هود آيت 92

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي