اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

قرآني منَ موهيندڙ مثالَ ”منافقن جي غلط فهمي“ (قسط 4)

منافقن جي وڏي غلط فهمي اها هئي ته ان اهم ڳالهه ڏانهن ڌيان نه ٿي ڏنائون ته: قرآن مجيد جيڪو پيغمبر اسلام (ص) جو وڏو معجزو آهي. تنهن جي اعجازي پهلوئن مان فصاحت ۽ بلاغت هڪ پهلو آهي[i] فصاحت ۽ بلاغت جيڪو ادبي علمن مان هڪ علم ۽ ديني درسگاهن جي نصابي ڪورس

جو هڪ سبجيڪٽ شمار ٿئي ٿو تنهن جو مطلب آهي،”منُ موهنُ ۽ چِٽو بيان“

ٻين لفظن ۾ ته جيڪڏهن ڳالهه جي ظاهري شڪل خوبصورت هجي ته ان کي فصحيح چوندا آهن ۽ جيڪڏهن تمام اُونهين معنائن کي سمجهائيندڙ هجي ته ان کي بليغ چون ٿا. ان بنياد تي فصاحت ۽ بلاغت جيڪو قرآن جي اعجازي پهلوئن مان هڪ پهلو آهي ان جي معنى ظاهري خوبصورتي ۽ معنى جي بلندي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته قرآن مجيد هڪ فصيح ۽ بليغ ڪلام آهي. يعني ان جو ظاهر خوبصورت ۽ دليون ڇڪيندڙ آهي ۽ ٻڌڻ واري کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو ۽ جنهن جا مطلب بلند ۽ اونهين مقصدن تي مشتمل هوندا آهن.

عربن جي نظر ۾ قرآن مجيد ايترو ته فصيح، بليغ ۽ منُ موهيندڙ هو، جو دشمن ان کي جادو سمجهڻ لڳا، ڇاڪاڻ ته ٻڌڻ واري کي خود بخود پاڻ آڏو جهڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. ۽ عربن جي طرفان اهڙي تهمت لڳائڻ ئي قرآن مجيد جي بي حد جاذبيت جو اعتراف آهي ( تاريخ ۾) ڪيترائي اهڙا ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا جيڪي قرآن جون ڪجهه آيتون ٻڌندي ئي قرآن جا شيدائي بڻجي مومن ٿي ويا.

قرآن مجيد جي جاذبيت ۽ مسلمانن جي نجات

اسلام جي شروعاتي دور ۾ ڪجهه مسلمان، مڪي جي مشرڪن طرفان تمام گهڻيون تڪليفون اچڻ ڪري حبشه ڏانهن هجرت ڪري ويا، ڪافرن پنهجن ايلچين کي تمام گهڻا تحفا تحائف ڏئي ”نجاشي“بادشاه جي درٻار روانو ڪيو ته جيئن هو مسلمانن کي واپس موٽائي، انهن ايلچين شروع ۾ درٻارين کي تحفا ڏئي لالچون ڏنيون ۽ پوءِ نجاشي کي چيائون ته: هي اسان جي شهر مڪي جا ڀاڳوڙا ۽ باغي ماڻهو آهن، ٿي سگهي ٿو ته هتي ڪو وڳوڙ ڪن ۽ توهان لاءِ پريشاني جو سبب ٿين تنهن ڪري بهتر آهي ته اهي ماڻهو اسان جي حوالي ڪيو ته جيئن اسان انهن کي پنهنجي شهر واپس وٺي وڃون. درٻاري ماحول هر طرف کان ڪافرن جي فائدي ۽ مسلمانن جي گهاٽي ۾ هو ۽ مشرڪن شروع ۾ ئي پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ماحول ٺاهي رکيو هو، پر ڇاڪاڻ ته نجاشي تمام هوشيار ۽ چالاڪ بادشاهه هو، تنهن ڪري مسلمانن جي نمائندي کي چيائين: ته مسلمان به پنهنجي مقصد کان آگاهه ڪن، ته اتي حضرت جعفر بن ابي طالب پنهنجو مقصد ٻڌائڻ شروع ڪيو ۽ اسلام، پاڻ سڳورن (ص) ۽ قرآن مجيد جو تعارف ڪرائڻ شروع ڪيائين، ته نجاشي چوڻ لڳو پيغمبر اسلام (ص) تي نازل ٿيل قرآن مان ڪجهه پڙهي ٻڌائي، حضرت جعفر موجوده حالات جو جائزو وٺڻ ۽ اهو ڏسڻ کانپوءِ ته درٻاري عيسائي آهن، قرآن مجيد جون اهي آيتون پڙهڻ شروع ڪيائين جيڪي حضرت عيسى جي ولادت جي باري ۾ هيون، اها درٻار جيڪا شروع ۾ مسلمانن جي مخالفت لاءِ آماده ٿي چڪي، هڪدم ان جو رخ تبديل ٿيو، نجاشي ۽ عيسائي پادرين جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا، قرآني آيتن جي فصاحت ۽ بلاغت ۽ خدائي ڪلام جي جاذبيت نجاشي جي دل تي ايترو ته اثر ڪيو جو قريش جي نمائندن کي نهڪارَ ۾ جواب ڏنائين، سندس ڏنل تحفا به موٽائي واپس روانو ڪيائين ۽ جعفر ۽ سڀني مسلمانن کي اها اجازت ڏنائين ته جيترو وقت چاهيو حبشه ۾ رهي سگهو ٿا.[ii]

قرآن جي تاثير جو هڪ ٻيو مثال

قرآن مجيد جي فصاحت ۽ بلاغت جو هڪ ٻيو مثال، اسعد بن زراره جو داستان آهي، جيڪو هن ريت آهي ته اسعد بن زراره جي قبيلي وارن جي ڪافي وقت کان ٻئي قبيلي سان جنگ هلندڙ هئي، (اسعد ساڻن مقابلي جي ارادي سان) مديني کان مڪي ڏانهن روانو ٿيو مڪي ۾ اچڻ کان پوءِ، ڪعبة الله جي زيارت جي خيال سان مسجد الحرم ويو. اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ڪعبة الله جاهليت واري زماني ۾ بتن جي هوندي به وڏي احترام سان ڏٺو ويندو هو، مسجدالحرام آڏو ڪنهن ماڻهو اسعد جو اڳ وٺي پڇيو ته ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ اسعد وراڻيو: ڪعبة الله جي زيارت لاءِ ٿو وڃان ان شخص جواب ڏنو ته ڪا ڳالهه نه آهي ڀلي وڃ، پر خيال ڪجانءِ ته حجر اسماعيل وٽ هڪ جادوگر ويٺو آهي، جيڪو پنهنجي گفتار سان ماڻهن تي جادو ٿو ڪري. هي ڪپهه ڪنن ۾ وجهي ڇڏ ته جيئن ان جو آواز تنهنجي ڪنن تائين نه پهچي، اسعد به ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ڪعبة الله جو طواف ڪرڻ شروع ڪيو ان وقت پاڻ سڳورن (ص) جي نوراني چهري اسعد جي ڌيان کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو، پهرين ته پاڻ سڳورن (ص) جو آواز نه پئي ٻڌائين، پر پوءِ دل ئي دل ۾ چيائين ته وڏو ڪو بيوقوف آهيان (جو هن جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهيان) ڇونه هن جون ڳالهيون ٻڌان، جيڪڏهن دل سان لڳيون ته قبول ڪندس، جيڪڏهن نه لڳيون ته نه مڃيندس، (يڪدم) ڪنن مان ڪپهه ٻاهر ڪڍيائين ۽ قرآن جون آيتون هن جي ڪنن سان ٽڪرائڻ لڳيون.[iii] قرآن جي ڪشش سندس دل کي لوڏي وڌو، سندس روح ۾ اچرج ۾ وجهندڙ لاٽ اڀري ۽ پوءِ پاڻ سڳورن (ص) جي آڏو اچي گوڏا ٽيڪيائين ۽ کين عرض ڪيائين ته اڃا ڪجهه ٻيون آيتون به تلاوت فرمائن، اسعد اهي نوراني آيتون ٻڌڻ کان پوءِ پيغمبر اسلام (ص) جو شيدائي بڻجي ويو ۽ آخر ڪار مسلمان پڻ ٿيو، ۽ پاڻمرادو سندن قبيلائي جھڳڙي جو احوال پاڻ سڳورن (ص) کي ٻڌائي اها دعوت ڏنائين ته ان اختلاف کي حل ڪرڻ لاءِ پاڻ مديني اچن.[iv]



[i]_ قرآن مجيد جي معجزي هجڻ جا مختلف پهلو آهن جن مان هڪ فصاحت ۽ بلاغت آهي، ۽ باقي پهلو هن ريت آهن 1. جديد علمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي حوالي سان قرآ ن جو معجزو هجڻ 2. تاريخي حوالي سان معجزو هجڻ 3. قانونن جي جوڙجڪ جي لحاظ کان قرآن جو معجزو هجڻ 4. ڳجهين خبرن جي حوالي سان معجزو هجڻ 5. خدائي علوم جي اعتبار سان معجزو هجڻ 6. قرآن ۾ ڪنهن اختلاف ۽ ٽڪراءُ نه هئڻ جي حوالي سان معجزو هجڻ، وڌيڪ معلومات لاءِ پيام قرآن جلد 8 ص 113 کان اڳتي رجوع ڪيو.

[ii]_ فروغ ابديت، جلد 1، ص 252.

[iii]_ سوره زمر جي 17 ۽ 18 آيت ۾ اهڙي فڪر کي پسند ڪندي الله سائين جو ارشاد ٿئي ٿو: فَبَشِّرْ عِبَادِ الَّذِينَ يَسْتَمِعُونَ الْقَوْلَ فَيَتَّبِعُونَ أَحْسَنَهُ أُولَئِكَ الَّذِينَ هَدَاهُمُ اللَّهُ وَأُولَئِكَ هُمْ أُولُو الْأَلْبَابِ يعني (اي محمد) منهنجي اهڙن ٻانهن کي خوشخبري ڏي، جيڪي ڪن ڏئي ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ تن مان سڀني کان موچاري ڳالهه جي پيروي ڪن ٿا، تن جي الله سائين هدايت ڪئي آهي ۽ سي ئي عقلمند آهن.

[iv]_ فروغ ابديت، جلد 1 ص 22.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي