اڱارو, 23 اپريل 2019 - Mon 04 22 2019

منو

من موهيندڙ مثالَ (قسط 5)

آيت جا پيغام

.1مڇر ننڍڙو حيوان ڪونهي

ڪيترن ئي مفسرن جهڙوڪ مرحوم طبرسي رحمة ا.. عليه پنهنجن مايه ناز تفسير ۾ ذڪر ٿيل آيت هيٺان امام جعفر صادق عليه السلام کان هڪ حديث نقل ڪئي آهي ته: پاڻ  فرمايائون: الله تعالى مڇر جو مثال ان ڪري ڏنو آهي جو مڇر ننڍي جسم رکڻ جي باوجود

به هاٿي وارا سڀئي عضوا رکي ٿو. پر تنهن کان علاوه ٻه عضوا ٻيا به اٿس، جيڪي هاٿي کي ناهن.[1]

حقيقت ۾ الله سائين ان مثال ذريعي پنهنجي مخلوق جي نزاڪت کي سمجهائڻ چاهي ٿو ته ظاهري طور اهڙو ڪمزور حيوان  جنهن کي الله تعالى خشڪي تي رهندڙ وڏي مان وڏي حيوان جهڙو ٺاهيو آهي، ان ۾ فڪر ڪرڻ انسان کي خدا جي عظمت ڏانهن متوجه ڪري ٿو.

ان ڳالهه جي وضاحت اها آهي ته هڪ ڪمزور مڇر جي ننڍڙي جسم ۾ غور سان نگاهه ڪجي ته هڪ وڏي جسم رکندڙ هاٿي وارا سڀئي عضوا پاتا وڃن ٿا. غذا سان متعلق عضوا سنهي سوراخ واري تمام هلڪي سونڍ، حرڪت کي وجود ۾ آڻيدڙ عضوا، اولاد پيدا ڪرڻ وارا جراثيم وغيره، جڏهن ته ان کان علاوه مڇر جي جسم ۾ اڄ ڪلهه جي اينٽينا جهڙا ٻه ننڍڙا سڱ آسپاس وارين شين سان رابطو رکڻ لاءِ پاتا وڃن ٿا ۽ اهڙي ريت تمام نازڪ وار جيڪي هاٿي جي جسم ۾ نه آهن.

.2 ٻه وڏيون رڪاوٽون:  نعمت جو گهڻو هجڻ ۽ انهن جو عادي ٿي وڃڻ.

اسان جيڪو الله سائين جي هن وڏي نعمت کان غافل آهيون ۽ سندس مخلوق جي  انهن نزاڪتن تي سوچيون نٿا ان جا ٻه سبب آهن، پهريون: نعمت جي گهڻائي، نعمت جو گهڻو هجڻ ان ڳالهه جو سبب ٿئي ٿو جو ڪابه نعمت انسان جي اک ۾ ماپي ئي نه ٿي، پر جيڪڏهن مثال طور اهو مڇر جنهن کي سڀئي هڪ اجايو ۽ رنڊڪ وجهندڙ حيوان سمجهن ٿا. تما گهٽ مقدار ۾ پاتو وڃي ها ۽ دانشمندن جي حوالي ٿئي ها ته ان کي هڪ قيمتي مخلوق سمجهن ها ۽ ان کي پنهنجي علمي تحقيقات جو ذريعو سمجهن ها.

ٻيو: عادت جي رڪاوٽ، مثال طور اک الله سائين جي مخلوق مان هڪ وڏي نشاني آهي، پر ڪڏهن به ان جي باري ۾ سوچيون به نٿا، يا انسان جو ڪن هڪ تمام طاقتور ۽ عجيب ڪيچ ڪرڻ واري  مخلوق آهي، پر ڇاڪاڻ ته ان جو وجود ۽ ان مان ڪم وٺڻ اسان لا۽ هڪ عادي مسئلو بڻجي چڪو آهي. تنهن ڪري ان جو قدر ڪونه ٿا ڄاڻوڻ، جڏهن ته جيڪڏهن غور ۽ فڪر ڪيون ته رڳو هي عضوا نه، پر هي سڄي دنيا اچرج ۾ وجهندڙ آهي ۽ هر شي توحيد جي رازن ۽ الله سائين جي عظمتن کي سمجهائي ٿي.

3. قرآن ۾ هدايت ۽ ضلالت

ذڪر ٿيل آيت جي آخر ۽ منافقن جو ان ڳالهه جي جواب ۾ ته: الله تعالى ان مثالن سان ڪن کي هدايت ڪري ٿو ۽ ٻين کي گمراهه ڪري ٿو، الله تعالى فرمائي ٿو: رڳو فاسق ان مثالن وسيلي گمراهه ٿين ٿا، ان آيت ۾ ۽ ان جهڙين ٻين آيتن ۾ [2] ضلالت ۽ گمراهي جي نسبت الله سائين ڏانهن ڏني وئي آهي. جهڙي ريت هدايت متعلق پڻ ٻين آيتن ۾ ائين ئي آهي.[3]

جيڪڏهن هدايت ۽ ضلالت الله تعالى جي ارادي سان آهي ۽ اسان انسان مجبور آهيون ۽ پنهنجي طرفان ڪو اختيار نه ٿا رکون ته پوءِ حڪيم خالق نيڪ انسانن کي جزا ۽ ثواب ۽ بدڪارن کي سزا ۽ عذب ڇو ٿو ڏئي، جڏهن ته ٻئي مجبور هيا ۽ پنهنجي ارادي مطابق عمل نه ڪيو هيائون؟

اهڙين آيتن ۾ ذڪر ٿيل آيت جي تفسير ۾ مختلف نظريا بيان ٿيا آهن، ڪجهه جو چوڻ آهي ته هن آيت ۾ ” يُضلُّ“  ”يمتحنُّ“ جي معنى ۾ آهي، يعني الله سائين هن مثالن وسيلي ماڻهن جو امتحان وٺڻ چاهي ٿو.[4]

ڪجهه ٻين علماء جو چوڻ آهي ته ”هدايت“ ۽ ”ضلالت“ جو مقصد انهن جا مقدمات آماده ڪرڻ آهن پر ان جو آخري فيصلو وري به انسان جي هٿ ۾ آهي، جيئن ته الله تعالى هڪ سرڪش انسان وٽان توفيق کسي وٺندو آهي، ان بنياد تي گمراهي جومقصد توفيق جو کسجڻ آهي[5]

قرآن مجيد ۾ استعمال ٿيل هدايت ۽ ضلالت جي تفسير ۾ مفسرن جي اختلاف جو ظاهري سبب اهو آهي ته ٻنهي ڪلمن جي معنى جو کين لاءِ مشڪل ۽ پيچيده  هجڻ آهي، تنهن ڪري ان ٻن ڪلمن جي وضاحت ڪندي مشڪل کي حل ڪرڻ گهرجي.

 



[1] _ مجمع البيان ج1 67

[2] _ جهڙوڪ سوره نساء جي 88 ۽ 143 آيت، سوره اعراف جي 178 ۽ 176 سوره زمر جي 23 ۽ 36 آيت، سوره شورى جي 44 ۽ 46 آيت.

[3] _ جهڙوڪ سوره بقره جي 146، 213 ۽ 272 آيت، سوره مائده جي 16 آيت، سوره يونس جي 25 ۽ 35 آيت.

[4] _ مجمع البيان ج1 ص 67.

[5] _ تفسير نمونه جلد1، ص 152.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي