اڱارو, 23 اپريل 2019 - Mon 04 22 2019

منو

من موهيندڙ مثال (قسط 6)

(هدايت ۽ ضلالت جي معنى کي سمجهڻ لاءِ) هن مثال تي ڌيان ڏيو:

برسات جا پاڪ، صاف ۽ جيءَ جياريندڙ قطرا پوري زمين تي وسن ٿا، سڄي دنيا کي روشن ڪندڙ سج به پنهنجي پاڪ ۽ طاقتور نور سان زمين تي چمڪندو رهي ٿو، اهي ٻئي الله سائين جون رحمتون آهن، پر انهي ٻنهي نعمتن مان فيضياب ٿيندڙ زمين جو سلو هڪ جهڙو نه هوندو آهي، کاري زمين ۾ ڪنڊا پيدا ٿين ٿا ۽ زمين جي ٻيا حصا وري گل و گلزار جو ڏيک ڏيندا آهن. ته ڇا انهي اختلاف جو سبب برسات ۽ سج آهن يا ان زمين جي

کاراڻ ؟

ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اها خرابي زمين جي ڪري آهي، جيڪڏهن ان زمين تي ڪانڊيري جي ٻج جي جاءِ تي، گل جو ٻج ڇٽيو وڃي ها ته ڪانڊيري واري فصل بجاءِ گلن جو هڪ باغ تيار ٿي وڃي ها، بس هاڻي جيڪڏهن چيو وڃي ته برسات هن زمين ۾ ڪانڊيرن جو فصل ڏنو آهي ته ان جو اهو مطلب ڪونهي ته برسات ۾ ڪانڊيرن کي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت هئي (گل پيدا ڪرڻ جي صلاحيت نه هئي) بلڪه اشڪال خود زمين ۾ آهي.

هدايت ۽ ضلالت جو مسئلو به ساڳي طرح آهي، خدائي رحمت جي بارش پاڻ سڳورن (ص) جن جي وسيلي سڄي دنيا تي پئي ۽ سڀني ان ملڪوتي قرآن کي ٻڌو، پوءِ جن پنهنجي دل جي زمين کي پهرين کان تيار ڪري ڇڏيو هو، تن هدايت پاتي ۽ جن پنهنجي دل جي ڪٽ کي ايمان جي ريگمال سان صاف نه ڪيو ۽ پاڻ کي آماده نه ڪيائون ته اهي گمراهه ٿي ويا.

معنى ته هدايت انهن انسانن کي ٿيندي جنهن تعصب ۽ سرڪشي جا پردا هڪ پاسي ڪري حق جي ڳالهه کي پوري ڌيان سان ٻڌو هجي ۽ سوره بقره جي  26 آيت ۾ الله تعالى جيڪو فرمائي ٿو ته : ” ما يضل به الا الفاسقين“ يعني رڳو فاسقن کي ئي گمراهه ڪري ٿو، تنهن جو مطلب ته اهي پهرين گمراهه هيا ۽ سندن دل واري زمين کاري (زهريلي) هئي، ۽ الله تعالى پوءِ انهن جي انهي فسق جي ڪري کين گمراهه ڪيو ۽ ايمان ۽ رحمت واري بارش مان ڪفر جهڙو سِلو پيدا ٿي پيو.

۽ سوره روم جي 10 آيت ۾ پڻ پالڻهار جو ارشاد ٿئي ٿو: ”ثم کان عاقبه الذين اساؤ السوءَ ان کذبو بآيات الله.....“ جن ماڻهن برا ڪم ڪيا تن جي پڇاڙي اها ٿي ته انهن الله جي آيتن کي ٺڪرائي ڇڏيو، معنى ته الله جي آيتن کي جهٽلائڻ ۽ گمراهي، خود انهن ظالمن جي عملن جو نتيجو آهي[1] تنهن ڪري هدايت ۽ ضلالت (گمراهي) به اسان جي عمل جو ئي نتيجو آهي. ۽ الله سائين جيڪو هر حوالي سان حڪيم آهي ۽ پنهنجي حڪمت ۽ (تدبير) سان پنهنجي بندن لاءِ تقديرون مقرر ڪري ٿو.

ته جيڪڏهن سندس ڪو ٻانهو، خدائي لطف حاصل ڪرڻ خاطر ڏانهس قدم وڌائيندو ته سندس هدايت جي چشمي مان ڪامياب ٿي ويندو، ۽ جيڪڏهن خدائي رستي کان ٿيڙ کائيندو ته ” ان الله يضل من يشاء ويهدي اليه من اناب“ واري آيت جي روشني ۾ گمراهه ٿي ويندو، ۽ آيت جي ٻئي حصي ”ويهدي اليه من اناب “ مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته هي هدايت بغير حساب ڪتاب جي ڪانهي، بلڪه جيڪو به خدا ڏانهن اچي ۽ توبه ڪري ته کيس هدايت شامل ٿيندي، پر جيڪڏهن دشمني ڪيائين ته گمراهه ٿي ويندو.

ڳالهه جو نتيجو هي ته (الله تعالى طرفان) ڪو ڏاڍ ۽ جبر ڪونهي، هدايت ۽ ضلالت خود انسان جي عمل جو ئي نتيجو آهي ۽ ضلالت هڪ قاتل زهر آهي، تنهن ڪري جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي اختيار سان ان کي اپنايو ته کيس ڪو اعتراض نه ڪرڻ گهرجي، هي هدايت ۽ ضلالت واريون آيتون به گهڻيون پيچيده ناهن ۽ خود قرآن جي آيتن مان ئي انهن جو تفسير ڪري سگهي ٿو، تنهن ڪري هڪ مسلمان جو وظيفو آهي ته جيترو پنهنجي وس ۾ هجيس ان تي عمل ڪري ۽ پنهنجي دل جي زمين کي خدائي رحمت جي برسات لاءِ آماده ڪري ۽ الله تعالى کان پنهنجي توفيق ۽ خطائن جي بخشش لاءِ سوالي رهي.

 



[1] _ سوره غافر جي 34 آيت گمراهي جو سبب ”اسرف“ ۽ انهي سوره جي 74 آيت گمراهي جو سبب ”ڪفر“ ڄاڻايو آهي

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي