اڱارو, 15 آڪٽوبر 2019 - Tue 10 15 2019

منو

قرآني من موهيندڙ مثال (قسط 7)

باب ٻيو

پهريون مثال

منافقن جو مثال

سڀ کان پهريون مثال جنهن جي باري ۾ اسان بحث ڪرڻ چاهيون ٿا. سوره بقره جي 17، 18 آيت آهي، الله تعالى هن ٻن آيتن ۾ هن ريت فرمائي ٿو: ”مثلهم کمثل الذي استوقد ناراً..............“ يعني انهن منافقن

جو مثال ان شخص وارو آهي، جنهن (انڌير بيابان ۾ واٽ لهڻ خاطر) باهه ٻاري، پر جڏهن باهه سندس آسا پاسا روشن ڪيا، الله سائين ( هڪ طوفان موڪليو جنهن سان) اهو نور وسائي ڇڏيو ۽ کين اهڙي ٻوساٽ ۾ هڻي ڇڏيائين جتي اکيون ئي ڪم نه ڪن.

اهي منافق ٻوڙا ۽ گونگا ۽ انڌا آهن، تنهن ڪري ( خطا واري واٽ کان ڪڏهن به) واپس نه موٽندا.

بحث جي منظر ڪشي

هن آيت ۾ انهن منافقن جي ڳالهه آهي جن پاڻ کي منافقت جي پردي پٺيان لڪائي ڇڏيو آهي، پر آخرڪار سندن منافقت وارو پردو ٽٽي پوي ٿو. ۽ اهي رسوا ٿي وڃن ٿا . (هن آيت ۾) منافقن جو مثال اهڙي انسان سان ڏنو ويو آهي جيڪو انڌير  بيابان ۾، حيران ۽ پريشان آهي ۽ اهو چاهي ٿو ته باهه جي روشني ۾ نجات جو رستو پيدا ڪري، پر ڪٿي به پهچڻ جي واٽ نه ٿو لهي. ۽ اهڙي ريت بيابان جي انڌيري ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو.

آيت جي وضاحت ۽ تفسير

پهريون تفسير:

منافقن جو مثال، انڌير ۽ ڊيڄاريندڙ بيابان ۾ گم ٿي ويل انسان جو آهي فرض ڪيو ڪو مسافر ماڻهو رات جي ٽائيم تي پنهنجي قافلي مان پوئتي رهجي وڃي ٿو ۽ انڌير بيابان ۾ اڪيلو رهجي وڃي ٿو اهڙي مسافر وٽ نه نور آهي؛ نه ڪا روشني؛ نه ڪا راهه اٿس؛ نه ڪو رهنما: نه ئي ڪا واٽ ٿي مليس؛ نه وري قطب نما، هڪ طرف کان چورن ۽ ڏاڙهيندڙ حيوانن جو ڊپ ۽ ٻئي پاسي کان بک ۽ اڃ جي ڪري هلاڪ ٿيڻ جو خوف کيس مجبور ڪري ٿو ته (پنهنجي نجات جو) ڪو رستو ڳولهي، تنهن ڪري رستي جي تلاش ۾ لڳي وڃي ٿو ڪجهه ڪاٺيون گڏ ڪري ٿو ۽ انهن کي باهه ڏئي ٿو، باهه جو شعلو هٿ تي کڻي تڪڙو تڪڙو هلڻ شروع ڪري ٿو، اچانڪ تيز هوا باهه جي شعلي کي وسائي ڇڏي ٿي ۽ جيئن ئي شعلي ڀڙڪائڻ لاءِ ڪجهه ڪاٺيون جمع ڪرڻ چاهي ٿو  ته آهسته آهسته سندس نجات لاءِ تلاش ڪيل راهه گم ڪري ويهي ٿو.

منافق به اهڙي مسافر وانگر پنهنجي واٽ گم ڪري پري ٿي چڪا آهن، اهي زندگي جي رستي ۾ پڻ انڌيري ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن، انسانيت ۽ ايمان جي مقابلي کان پوئتي رهجي چڪا آهن. پنهنجي واٽ ڳولهڻ لاءِ وٽن ڪابه نشاني ڪونهي الله تعالى کانئن هدايت جو نور کسي ورتو آهي ۽ کين اونداهي ۾ اڇلائي ڇڏيو آهي.

منافق ٻن روپن وارا انسان هوندا آهن جيڪي ظاهر ۾ مسلمان ۽ اندر ۾ ڪافر، ظاهري طور سچا ۽ اندروني طور ڪوڙا، ظاهري سچا ۽ باطني ڏيکاء خاطر ڪم ڪندڙ، ظاهري طور امانتدار ۽ اندروني طور خيانتي، ٻاهران دوستي جو اظهار ڪندڙ ۽ اندر ۾ دشمن جو روپ ڌاريندڙ هوندا آهن، اهي پنهنجي دوکي بازي واري ظاهر جي آڌار تي باهه روشن ڪندا آهن پاڻ کي مسلمان سڏائيندا آهن، اسلام جي ڏنل سهوليات مان فائدو وٺندا آهن. (ظاهري مسلمان هجڻ ڪري) سندن هٿ ڪٺو حلال ليکجي ٿو، سندن ناموس محفوظ ۽ سندن مال کي احترام جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، مسلمانن سان شادي جو حق به رکن ٿا وغيره، هي تمام محدود مفادات آهن جيڪي ان باهه جي روشني ڪري پنهنجي هن محدود مادي زندگي ۾ حاصل ڪري سگهيا آهن. جڏهن مرن ٿا ته اها باهه وسامي وڃي ٿي ۽ ان جي روشني ختم ٿي وڃي ٿي. هب الله بنورهم) ۽ پوءِ کين الله تعالى قبر؛ برزخ ۽ قيامت جي انڌيرين ۾ ڦتو ڪري ڇڏي ٿو. ۽ اتي کين خبر پوندي ته سندن ظاهري اسلام ۽ ڏيکاءُ وارو ايمان کين ڪو فائدو پهچائي نه سگهيو.

ان جو نتيجو هي نڪتو ته هي آيت سڳوري بهترين ۽ واضح مثال ۽ هڪ اهڙي تشبيهه آهي جنهن ۾ ”مشبّه“ (ڀيٽ ڪرايل) منافق ۽ ”مشبّه به“ (جنهن سان ڀيٽ ڪرائي وئي آهي) بيابان ۾ حيران مسافر آهي ۽ ”وجه مشبه“ (ڀيٽ جو سبب) حيراني، مونجهارو ۽ سندن ظاهري ڪوشش جو بي اثرائتو هجڻ آهي.

ٻيو تفسير:

پهرين تفسير جي ذيل ۾ اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته ان باهه جي ظاهري روشني انڌيري ۽ پوءِ واري اڪيلائي رڳو معنوي دنيا ۽ قيامت واري ڏهاڙي سان لاڳاپيل ڪانهي بلڪه هن دنيا ۾ به ان جا ڪجهه پيغام آهن.

منافق هميشه لاءِ پنهنجي نفاق کي لڪائي نه ٿو سگهي، جنهن جي ڪري آخر ۾ خوار ٿي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته جڏهن پنهنجي مفادن لاءِ خطرو محسوس ڪندو آهي ته سندس نجس باطن کي ظاهر ڪندو آهي، جهڙي ريت اسلام جي شروعاتي دور ۾ اهڙا منافق هئا جن مختلف جنگن ۽ حادثن ۾ پنهنجي باطن کي ظاهر ڪيو .

جيئن ته اسان پاڻ پنهنجي اکين سان ايران واري اسلامي انقلاب ۾ ڏٺوسين ته هن اسلامي تحريڪ ۽ انقلاب جي دوران ڪيترائي منافق، مختلف وقتن ۾ مختلف مناسبتن سان پنهنجو پليد باطن ۽ منحوس چهرو ظاهر ڪيائون، ۽ نفاق جو نقاب سندن چهري تان لاهي ورتائون، هن دنيا ۾ رسوا ٿيا، ان تفسير جي آڌار تي ” ذهب الله بنورهم“ جو تعلق رڳو آخرت ۽ قيامت واري ڏهاڙي سان ناهي، بلڪه هن آيت جو تعلق هن دنيا سان پڻ برقرار آهي.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي