اڱارو, 23 اپريل 2019 - Mon 04 22 2019

منو

قرآني من موهيندڙ مثال (قسط8)

آيت جا پيغام 1. منافقن جا قسم

ضروري ڪونهي ته منافق ڪو هڪڙو شخص هجي، بلڪه اهو به ٿي سگهي ٿو ته هڪ گروپ يا هڪ ادارو به منافق هجي، اڃا به وسيع نگاهه سان ڏسجي ته هڪ ملڪ جي حڪومت به منافق ٿي سگهي ٿي،

 

ظاهري طور تي اسلام جي دعوى ڪندڙ ڪجهه ملڪ، جيڪي پنهنجي سيني تي اسلام جي دعوى جو هٿ هڻن ٿا ۽ اسلامي پروگرامن ۽ ڪانفرنس ۾ به شريڪ ٿين ٿا، پر کين ڏسون ٿا ته عام وخاص جي درميان وڏي خواري جو شڪار ٿي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته اهي اسلام ۽ مسلمانن جي وڏي مان وڏي دشمن ۽ غاصب اسرائيل جي هٿ ۾ هٿ ڏئي ان جا رازدار بڻجي چڪا آهن ۽ سندن ظاهر ۽ لڪل طور ٿيل قراردادون ظاهر ٿي چڪيون آهن ۽ سندن دعوى جي باهه جي روشني وسامي چڪي آهي ۽ سندن ٻه رويو ۽ رياء تي رچيل ڪردار وائکو ٿي چڪو آهي .

ها! هي آهي منافقت جو عذاب) فاعتبروا يا اولي الابصار( . اي سمجهه وارو عبرت پرايو

 

2. منافقت جون صورتون

مٿي ذڪر ٿيل مختصر بحث مان جيڪي نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا تن مان منافقت جون مختلف صورتون نڪري سگهن ٿيون جيڪي هن ريت آهن.

الف. عقيدي ۾ منافقت: جهڙي ريت ڪو شخص جيڪو زبان سان ته اسلام ۽ مسلمان هجڻ جي دعوى  ڪري، پر کيس مسلمان طور نه سڃاتو وڃي، يا ظاهري طور ايمان جي دعوى ڪري، پر کيس مومن نه سمجهيو وڃي.

ب. گفتگو ۾ منافقت: جيئن اهڙو شخص جيڪو زبان سان چوي ٿو پر دل ۾ ان جو عقيدو نٿو رکي، ان معنا ۾ ”ڪوڙو“ به منافق آهي ڇاڪاڻ ته ان جي زبان ۽ دل هڪڙي ناهي هوندي.

ج. ڪردار ۾ منافقت: جهڙي ريت اهڙو شخص جنهن جو ظاهري عمل سندس نيت سان هڪجهڙائي نه رکندو هجي، مثال طور اهڙو شخص جيڪو ظاهري طور ته پاڻ کي نمازي يا امانتدار هجڻ ڏيکاري، پر حقيقت ۾ ”بي نمازي“ ۽ ”خيانتڪار“ هجي[1]

3. منافقت جون نشانيون

پاڻ سڳورن صلي الله عليه واله وسلم جن جي هڪ حديث ۾ منافقت جي ڪجهه نشانين ڏانهن اشارو ٿيل آهي، پاڻ فرمائن ٿا: ثَلَاثٌ مَنْ كُنَّ فِيهِ كَانَ مُنَافِقاً وَ إِنْ صَامَ وَ صَلَّى وَ زَعَمَ أَنَّهُ مُسْلِمٌ مَنْ إِذَا اؤْتُمِنَ خَانَ وَ إِذَا حَدَّثَ كَذَبَ وَ إِذَا وَعَدَ أَخْلَفَ

معنى ۽ وضاحت: جنهن ۾ به هيٺيون ٽي صفتون هجن اهو منافق آهي؛ پوءِ چاهي روزيدار هجي، چاهي نمازي هجي ۽ چاهي پاڻ کي مسلمان ئي سمجهندو هجي.

پهريون خيانتڪاري: خيانتڪار انسان منافق آهي، ڇاڪاڻ ته ظاهري طور پاڻ کي امانتدار سڏرائي ٿو، پر اندر ۾ خيانتڪار آهي، تنهن ڪري ملڪيت ۽ بيت المال سندس حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، جيتوڻيڪ ڪجهه ماڻهو گهٽ مال ۾ ته امانتدار هوندا آهن، پر قيمتي ۽ گهڻي مال اچڻ وقت پنهنجي باطني خيانت کي ظاهر ڪري ڇڏيندا آهن.

ٻيو ڪوڙ: ڪوڙو انسان منافق هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي تيز زبان سان پليد ۽ حق ۽ حقيقت جي خلاف نيت جو اظهار ڪندو آهي، پوءِ چاهي نمازي هجي، دعاءِ ندبه، دعاءِ توسل وغيره به ڇونه پڙهندو هجي.

ٽيون واعدي خلافي: جيڪو پنهنجي وعدي ۽ ڳالهه تي عمل نه ٿو ڪري اهو منافق آهي، ڇاڪاڻ ته پنهنجي واعدي تي عمل ڪرڻ ۽ پنهنجي ڳالهه تي پابند رهڻ اخلاقي لحاظ سان ضروري ۽ پسنديده عمل آهي، ۽ ايستائين جو فقهي اعتبار سان ڪڏهن ڪڏهن واجب به هوندو آهي.[2] ڳالهه جو خلاصو ته ڪنهن به شخص ۾ ظاهر ۽ باطن ۾ ٻيائي جو اظهار ڪرڻ منافقت ليکيو وڃي ٿو.

4.منافقن جي تاريخ

ڪنهن به زماني ۾ انساني معاشرو منافقن جي وجود کان خالي نه رهيو آهي ۽ اهو چئي سگهجي ٿو ته زمين تي انسان ذات جي پيدائش کان وٺي منافقن جو وجود به اچي چڪو هو ۽ ان جي انسانيت سان دشمني به ظاهر ٿي چڪي آهي ۽ انساني معاشري ۾ منافقن کي وڏو خطرناڪ دشمن سڏيو ويو آهي، سو ان ڪري جو منافق دوست جو لباس پائي لڪ ڇُپ ۾ دشمني اپنائيندو آهي، دشمن کي مغلوب ڪرڻ جيڪا هڪ گڏيل انساني خاصيت آهي سا منافق جي سلسلي ۾ پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندي آهي، ڇاڪاڻ ته منافق ظاهري طور پاڻ کي دوست ظاهر ڪندو آهي ۽ ان جي ڪري هر دشمن کان وڏو دشمن آهي ۽ شايد ان ڳالهه جي ڪري قرآن ۾ منافق لاءِ تمام سخت تعبيرون آنديون ويون آهن.



[1] _ وڌيڪ معلومات لاءِ ميزان الحڪمة باب 3966 ۾ حديث 20599 ڏانهن رجوع ڪيو.

[2] _ ميزان الحڪمة، باب 3931، حديث 20577، جيتوڻيڪ ڪجهه ٻيون روايتون پڻ ان سلسلي ۾ نقل ٿيون آهن جن مان ڪجهه ۾ ڪجهه ٻيون نشانيون پڻ منافق لاءِ ٻڌايون ويون آهن.

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي