Wednesday, 18 July 2018 - Wed 07 18 2018

منو

قرآني من موهيندڙ مثال (قسط 9)

قرآن جي نگاهه ۾ منافق جو اصلي چهرو

جيئن ته ذڪر ٿيو قرآن مجيد منافقن جي سلسلي ۾ تمام سخت لفظ استعمال ڪيا آهن جن مان ڪجهه ڏانهن اشارو ڪجي ٿو.

الف: الله تعالي سورت منافقين جي آيت (4) ۾ فرمائي ٿو ”هم العدوّ فاحذرهم“ منافق سنوان سنڌا دشمن آهن، تن کان پاڻ بچايو، قرآن مجيد مسلمانن جي دشمنن جو تعارف ڪرايو آهي[1] پر جهڙا سخت لفظ ذڪر ٿيل آيت ۾ استعمال ٿيا آهن، ڪنهن به دين جي دشمن جي باري ۾ اهڙا لفظ نه ٿيا آهن، عربي زبان جي قاعدن مطابق هي جملو (هم العدوّ فاحذرهم) ان ڳالهه کي سمجهائي ٿو ته منافق انسانن جا حقيقي دشمن آهن.

ب: ذڪر ٿيل آيت ۾ اڳتي ارشاد ٿئي ٿو: ” قاتلهم الله اني يوفکون“ الله تعالى کين قتل ڪري، حق کان ڪيئن ٿا ڦرن؟ قرآن مجيد جو اهڙو تيز لهجو رڳو منافقن جي باري ۾ آهي ” الله تعالى منافقن کي قتل ڪري .....“ قرآن مجيد ۾ ڪنهن به دشمن جي باري ۾ ايترا لفظ استعمال نه ڪيا ويا.[2]

ج: الله تعالى سورت نساء جي آيت (45) ۾ فرمائي ٿو: ”ان المنافقين في الدرک الا سفل من النار ولن تجدهم لن نصيرا“ بيشڪ منافق جهنم جي سڀني کان هيٺين درجي ۾ هوندا ۽ انهن لاءِ ڪنهن کي مددگار نه پائيندين. ( تنهن ڪري خدا جي دشمن سان دوستي رکڻ کان بچو جيڪا منافقت جي نشاني آهي.)

عرب چاڙهي تي هيٺيان کان مٿي وڃڻ جي لاءِ ڪم ايندڙ ڏاڪن لاءِ ”درج“ يا ”درجه“ جو لفظ استعمال ڪندا آهن ۽ مٿي کان هيٺ لاءِ ”درک“ جو لفظ ڪم آڻيندا آهن، ۽ پويان لفظ قرآن ۾ رڳو هڪ دفعو آيا آهن.[3]

”درک اسفل“ جهنم جو بلڪل هيٺيون طبقو آهي ۽ اها ڳالهه واضح آهي ته جهنم جي هيٺين طبقن ۾ عذاب تمام سخت هوندو، ان بنياد تي ان آيت مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته، ٻاجهاري پالڻهار تمام سخت عذاب منافقن لاءِ رکيو آهي ۽ جهنم جي طبقن مان وڌيڪ عذاب وارو طبقو منافقن لاءِ مخصوص ڪيو اٿس، اهي سڀئي ڳالهيون، منافقت جي مسئلي جي حساسيت کي سمجهائن ٿيون ۽ پڻ هن زماني تائين هر دور ۾ منافقن جي خطري کان آگاهه ڪيو ويو آهي.

پاڻ سڳورن (ص) جي حديث جي روشني ۾ منافقن لاءِ خطرو

مرحوم شيخ عباس قمي رضوان الله تعالى عليه سندن مايه ناز ڪتاب ”سفينه البحار“ ۾ ”نَفَقَ“ مادي جي هيٺيان پاڻ سڳورن (ص) جن کان منافق جي خطري کان آگاهي جي سلسلي ۾ هڪ دلچسپ حديث نقل ڪن ٿا، جنهن ۾ پاڻ سڳورن (ص) جو ارشاد آهي، قال رسول الله (ص): قَالَ رَسُولُ اَللَّهِ (ص) إِنِّی لاَ أَخَافُ عَلَى أُمَّتِی مُؤْمِناً وَ لاَ مُشْرِکاً أَمَّا اَلْمُؤْمِنُ فَیَمْنَعُهُ اَللَّهُ بِإِیمَانِهِ وَ أَمَّا اَلْمُشْرِکُ فَیَقْمَعُهُ اَللَّهُ بِشِرْکِهِ وَ لَکِنِّی أَخَافُ عَلَیْکُمْ کُلَّ مُنَافِقِ عَالِمِ اَللِّسَانِ یَقُولُ مَا تَعْرِفُونَ وَ یَفْعَلُ مَا تُنْکِرُونَ.پيغمبر اسلام (ص) جن فرمايو: مون کي پنهنجي امت جي باري ۾ مومن ۽ مشرڪ جو ڪو ڊپ ڪونهي، ڇاڪاڻ ته الله تعالى مومن جي خطري کان سندس ايمان جي آڌار تي روڪي رکيو آهي ۽ مشرڪ کي سندس شرڪ جي ڪري برباد ڪري ٿو ڇڏي، مون کي رڳو توهان لاءِ منافقن جي شر جو خوف آهي. جيڪو زبان جو مٺو آهي ۽ جنهن کي توهان ڀلو ڀائيندا آهيو سو چوندو آهي ۽ جنهن کي برو محسوس ڪندا آهيو تنهن کي انجام ڏيندو آهي.[4]

پاڻ سڳورن (ص) جي روايت مطابق پاڻ اسلامي معاشري لاءِ منافقن جي خطري کان پريشان هئا ۽ اها پريشاني رڳو اسلام جي شروعاتي دور ۾ ظاهر ٿيڻ ۽ ترقي ڪرڻ سان يا وري عربستان جي سرزمين سان لاڳاپيل ناهي، بلڪه ان جو تعلق هر زماني، تمام اسلامي ملڪن ۽ ايستائين جو اڄڪلهه واري زماني ۽ جمهوري اسلامي ايران سان پڻ آهي.

5. قرآن مجيد ۾ ”نار“ لفظ جو استعمال

قرآن مجيد ۾ استعمال ٿيل ”نار“ جي لفظ مان ٻه نتيجا وٺي سگهجن ٿا.

1. پهريون هي ته، دونهون، ساڙڻ ۽ ڇار باهه جا لازما آهن ۽ منافق ٻين کي پڻ سندس ان ٻاريل باهه جي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ذهني مونجهارو، نقصان ۽ اجايو پريشر ماڻهن تي ٿِپيندو رهندو آهي، جڏهن ته مومن، خالص نور، روشن چراغ ۽ ايمان جو سان لبريز هوندو آهي.

2. ٻيو هي ته منافق جيتوڻيڪ ظاهري طور ايمان جي نور جو ڏيک ڏيندا آهن پر سندن اندر ”نار“ (باهه) آهي ۽ جيڪڏهن منجهن نور هوندو به سهي ته به اهو تمام گهٽ عرصي تائين هوندو آهي.[5]



[1]_ قرآن ۾ شيطان، ڪافر، مجرم۽ منافق انسان جي دشمنن مان لکيا ويا آهن، وڌيڪ وضاحت لاءِ، قرآن مجيد جي المجم المفهرس ۾ ”عدو“ لفظ جي ذيل ۾ رجوع ڪيو.

[2]_ اهو ساڳيو جملو سورت توبه جي آيت (30) ۾ يهودين جي باري ۾ استعمال ٿيو آهي، پر اها ڳالهه ڌيان طلب آهي ته يهودي پڻ ڪنهن حد تائين منافقت جو شڪار هئا.

[3]_ ”درک“ لفظ هن آيت ۾ (سورت النساء آيت145) ۽ ”دَرَکَ“ سوره طٰه جي آيت(77) ۾ آيو آهي. ۽ هي لفظ الله تعالى حضرت موسى ۽ بني اسرائيل جو نيل ندي ٽپڻ وقت پل جي انهن ڏاڪن لاءِ استعمال ڪيو آهي جيڪي ندي جي ڪناري تائين لڳل هئا.

[4]_نهج البلاغه، خط 27، ميزان الحڪمه، باب 3934.

[5]_ وڌيڪ وضاحت لاءِ تفسير نمونه جلد پهريون ص 110 ڏانهن رجوع ڪيو.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي