اڱارو, 23 اپريل 2019 - Mon 04 22 2019

منو

شان نزول سورت آل عمران قسط 5

سورت آل عمران، آيتون65 کان 68 تائين:

يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لِمَ تُحَآجُّونَ فِي إِبْرَاهِيمَ وَمَا أُنزِلَتِ التَّورَاةُ وَالإنجِيلُ إِلاَّ مِن بَعْدِهِ أَفَلاَ تَعْقِلُونَ* هَاأَنتُمْ هَؤُلاء حَاجَجْتُمْ فِيمَا لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحَآجُّونَ فِيمَا لَيْسَ لَكُم بِهِ عِلْمٌ وَاللّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لاَ تَعْلَمُونَ * مَا كَانَ إِبْرَاهِيمُ يَهُودِيًّا وَلاَ نَصْرَانِيًّا وَلَكِن كَانَ حَنِيفًا مُّسْلِمًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ * إِنَّ أَوْلَى النَّاسِ بِإِبْرَاهِيمَ لَلَّذِينَ اتَّبَعُوهُ وَهَـذَا النَّبِيُّ وَالَّذِينَ آمَنُواْ وَاللّهُ وَلِيُّ الْمُؤْمِنِينَ

v اي ڪتاب وارؤ (حضرت) ابراھيم (ع) بابت ڇو بحث ڪريو ٿا؟جڏهن ته توريت ۽ انجيل هن کان پوءِ لاٿا ويا، ڇا اوھين سمجھندا نه آھيو؟

v (اي يھوديؤ) اوھين اُھي آھيو جو جنھن شيء جي اوھان کي ڄاڻپ آھي، تنھن بابت ته جھڳڙو ڪندا آھيو، پر جي اوھان کي ڪا ڄاڻ آھي ئي نه، تنھن بابت ڇو جھڳڙو ڪندا آھيو؟ ۽ الله ڄاڻندو آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

v ابراھيم نه يھودي ھو ۽ نه نصراني پر حَنيف (ھڪ توحيد پرست) مُسلمان ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.

v بيشڪ ابراھيم (ع) جي لاءِ برتر ۽ ويجها اُھي ماڻھوآھن جن سندن تابعداري ڪئي ۽ ھيءُ پيغمبر ۽ جن مٿس ايمان آندو(مڙني مٿانهون آهن)، ۽ الله مؤمنن جو سرواڻ آھي.

شان نزول: حضرت ابراهيم نه يهودي هو نه عيسائي، بلڪه توحيد پرست مسلمان هو .

اسلامي حديثن ۾ آيو آهي ته: يهودين ۽ عيسائين جا دانشور پيغمبر (ص) وٽ آيا، حضرت ابراهيم (ع) جي باري ۾ بحث ۽ مناظرو ڪيائون.

يهودين چيو ته هو فقط ۽ فقط يهودي هو ۽ نجران جي عيسائين اهو مطالبو پئي ڪيو ته نه هو رڳو عيسائي ئي هو، ٻي ڪنهن دين سان واسطو نه هيس. ( انهن مان هر ڪنهن اهو چئي هر ڪنهن پنهنجو پاڻ تي فخر محسوس پئي ڪيو ۽ پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ پئي سمجهيو، ڇو جو حضرت ابراهيم (ع) اولوالعزم پيغمبرن مان هڪ هو ۽ هڙني مذهبن جي پيروڪارن جي درميان هن کي وڏي شان ۽ مرتبي وارو ڪوٽيو ويندو هو.) ته اهي آيتون نازل ٿيون ۽ انهن جي بغير دليل جي مطالبن کي ڪوڙو ڪيو ويو[1]

سورت آل عمران آيت 69

وَدَّت طَّآئِفَةٌ مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ لَوْ يُضِلُّونَكُمْ وَمَا يُضِلُّونَ إِلاَّ أَنفُسَهُمْ وَمَا يَشْعُرُونَ

ڪتاب وارن مان (يهودين) جي هڪ ٽولي اهو پئي چاهيو، (آرزو پئي ڪيائون) ته اوھان کي ورغلائين ۽ اُھي توهان کي ورغلائي نه سگهندا ۽ اهي پاڻ کانسواءِ (ٻئي) ڪنھن کي نه ٿيڙيندا آھن ۽ پروڙيندا نه آھن.

شان نزول: يهودين جي صحبت کان پري رهو!

ڪجهه مفسرن نقل ڪيو آهي ته: يهودين منجهان ڪن اها ڪوشش پئي ڪئي ته نامي گرامي، جنگجو مسلمانن کي، جيڪي سچار ۽ پاڪ دل هئا، جهڙوڪ: معاذ، عمار ۽ ٻين کي، پنهنجي آئين ڏي دعوت ڏيون ۽ شيطاني چال سان انهن کي اسلام کان پري ڪريون ته مٿين آيت نازل ٿي ۽ مڙني مسلمانن کي ان ڳالهه ڏي توجهه ڏياريو ويو.[2]

سورت آل عمران آيت72

وَقَالَت طَّآئِفَةٌ مِّنْ أَهْلِ الْكِتَابِ آمِنُواْ بِالَّذِيَ أُنزِلَ عَلَى الَّذِينَ آمَنُواْ وَجْهَ النَّهَارِ وَاكْفُرُواْ آخِرَهُ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

۽ ڪتاب وارن مان (يهودين)منجهان هڪ ٽولي (پاڻ ۾) چيو ته: (ظاهراً وڃي ڪري) جيڪي مؤمنن تي لاٿو ويو آھي، تنھن کي ڏينھن جي اڳياڙيءَ ۾ مڃيو ۽ ان جي پوياڙيءَ ۾ انڪار ڪريو، ته شايد اُھي (پنهنجي دين تان) ڦري وڃن. (۽ اها هڪ بهترين سازش آهي جنهن سان هو متزلزل ٿيندا.)

شان نزول: ايمان وارن کي متزلزل جي ڪوشش.

ڪجهه قديمي مفسرن نقل ڪيو آهي ته: يهودين جي دانشورن مان ٻارنهن دانشور، پاڻ ۾ مؤمنن کي متزلزل ڪرڻ لاءِ هڪ اٽڪل تي ويچار ڪيائون ته اسان منجهان ڪجهه پنهنجو پاڻ کي ظاهراً مؤمن بڻجي ڪري رسول خدا (ص) جي خدمت ۾ پهچائين ۽ اسلام تي ايمان آڻين پر پوياڙيءَ ۾ اسان پنهنجي دين ۽ آئين جي پيروي ڪنداسون ۽ جڏهن اسان کان سوال ٿيندو ته توهان ائين ڇو ڪيو؟ ته جواب ۾ چونداسون: اسان محمد (ص) جي وصفن کي ويجهڙائي ۾ ڏٺو ۽ جڏهن پنهنجي ديني ڪتابن ڏي رجوع ڪيوسين ۽ پنهنجي دانشورن سان مشورو ڪيوسين ته هن جو طور طريقو ۽ هن جون وصفون جيڪي اسان جي ڪتابن ۾ آهن انهن سان نه ٿيون ملن، ان ڪري اسان پنهنجي دين ۽ آئين ڏي موٽي آياسون.

هن ڳالهه جي ڪري ضرور ڪجهه مؤمن پاڻ ۾ چوندا ته هي آسماني ڪتابن کي اسان کان وڌيڪ ڄاڻين ٿا، بس اهي جيڪو ڪجهه چون ٿا سچ آهي. ان سبب جي ڪري هو متزلزل ٿي ويندا.[3]

هن آيت جو هڪ ٻيو به شان نزول نقل ڪيو ويو آهي، پر جيڪو مٿي ذڪر ڪيو سين اهو آيت جي معنى جي قريب آهي.[4]

سورت آل عمران آيت 75

وَمِنْ أَهْلِ الْكِتَابِ مَنْ إِن تَأْمَنْهُ بِقِنطَارٍ يُؤَدِّهِ إِلَيْكَ وَمِنْهُم مَّنْ إِن تَأْمَنْهُ بِدِينَارٍ لاَّ يُؤَدِّهِ إِلَيْكَ إِلاَّ مَا دُمْتَ عَلَيْهِ قَآئِمًا ذَلِكَ بِأَنَّهُمْ قَالُواْ لَيْسَ عَلَيْنَا فِي الأُمِّيِّينَ سَبِيلٌ وَيَقُو لُونَ عَلَى اللّهِ الْكَذِبَ وَهُمْ يَعْلَمُونَ

۽ ڪتاب وارن مان ڪي اھڙا آھن جو جيڪڏھن وٽن تمام گھڻو مال امانت رکين ته اُھو (سمورو) توکي ورائي ڏيندا، ۽ منجھائن ڪي اھڙا به آھن جو جيڪڏھن وٽن ھِڪ دينار امانت رکين ته مٿن سدائين بيھڻ کانسواءِ توکي ورائي نه ڏيندا، اِھو (نه ڏيڻ) ھن سببان آھي جو چون ٿا ته اڻ پڙھيلن (غير يهود، جي مال کسڻ) ۾ اسان تي ڪا پڪڙ پڇاڙ نه آھي، ۽ الله تي اھي ڄاڻ ھوندي به ڪُوڙ چوندا آھن.

شان نزول: امانتدار، دوکي باز ۽ خائن

هيءَ آيت يهودين منجهان ٻن ڄڻن جي باري ۾ لاٿي وئي آهي ته انهن مان هڪ مصنف ۽ سچار ته ٻيو وري ٺڳ ۽ بد نيت هو، پهرئين شخص جو نالو عبدالله بن سلام هو، هڪ تونگر شخص هن وٽ سون جا 1200 اُقيّه[5] امانت طور رکيا ويا، عبدالله انهن سڀني کي ان شخص کي بر وقت موٽائي ڏنا، ان مصنفاڻي ڪم تي الله تعالى ان وصف خاطر مٿين آيت ۾ تعريف ڪئي آهي.

ٻيو شخص ”فنحاص بن عازورا“ آهي، هن کي هڪ عرب شخص جيڪو قريش منجهان هو، هڪ دينار امانت طور ڏنو، فنحاص ان ۾ خيانت ڪئي، الله تعالى هن کي ان خيانت واري عمل تي ملامت ڪئي آهي[6].

ڪجهه مفسرن وري اها تفسير ڪئي آهي ته پهرئين جملي مان مراد عيسائي آهن ۽ بدنيت، امانت ۾ خيانت ڪرڻ وارا ۽ ٺڳ، يهودي هئا.[7]

جيڪڏهن ٻنهي تفسيرن کي مڃيو وڃي تڏهن به ڪو فرق ناهي، ڇو جو ڏسون ٿا ته آيتون نازل ته ڪنهن خاص واقعي جي ڪري ٿيون آهن پر انهن جو عام پهلو هوندو آهي جنهن سان هي ڪنهن به مخصوص وقت سان مقرر ناهن.



[1]_ هن آيت جي ذيل ۾ تفسيرمجمع البيان، بحار انوار، ج9، ص70 ۽ ج12، ص 1۽2؛ احڪام القرآن جصاص، ج2، ص20؛ جامع البيان، طبري، ج2، ص215؛ مورد بحث آيتن جي ذيل ۾، تفسير ابن ڪثير، ج2، ص49؛ مورد بحث آيتن جي ذيل ۾، تفسير در المنثور، ج2، ص40.

[2]_ هي شان نزول ٿورڙي هير ڦير سان، تفسير ابوالفتوح، روح المعاني، تفسير ڪبير، تفسير قرطبي، بحرالمحيط، تفسير ڪبير فخر رازي ۽ انهن کان علاوه ٻين تفسيرن ۾ هن آيت جي ذيل ۾ آيو آهي.

[3]_ تفسير مجمع البيان، مورد بحث آيت جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج9، ص70، ۽ ج17، ص171؛ اسباب نزول الآيات واحدي نيشاپوري، ص71؛ تفسير طبري، ج3، ص221 ۽ ٻين تفسيرن سان گڏ، هن آيت جي ذيل ۾.

[4]_ ساڳيو، بحرالمحيط؛ تفسير آلوسي؛ ۽ ٻين تفسيرن ۾ هن آيت جي ذيل ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي

[5]_ اُوقيّه، رطل، جيڪو ستن مثقالن جي برابر آهي ان جو ٻارهون حصو آهي ۽ هن جي جمع اواق ۽ اواقي آهي .

[6]_ تفسير مجمع البيان آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج9، ص71،؛ تفسير قرطبي آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ بحرالمحيط آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ تفسير ڪبير فخر رازي، آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ تفسير ڪشاف، آية مورد بحث جي ذيل ۾ .

[7]_ تفسير مجمع البيان آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج9، ص71،؛ بحرالمحيط آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ تفسير ڪبير فخر رازي، آية مورد بحث جي ذيل ۾؛ تفسير ڪشاف، آية مورد بحث جي ذيل ۾

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي