اڱارو, 23 اپريل 2019 - Mon 04 22 2019

منو

سورت آل عمران قسط 6

سورت آل عمران آيت 77

إِنَّ الَّذِينَ يَشْتَرُونَ بِعَهْدِ اللّهِ وَأَيْمَانِهِمْ ثَمَنًا قَلِيلاً أُوْلَـئِكَ لاَ خَلاَقَ لَهُمْ فِي الآخِرَةِ وَلاَ يُكَلِّمُهُمُ اللّهُ وَلاَ يَنظُرُ إِلَيْهِمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَلاَ يُزَكِّيهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ

جيڪي الله سان ڪيل پنهنجي واعدن ۽ قسمن کي ٿوري قيمت تي وڪڻي ڇڏيندا آھن انهن جو آخرت ۾ ڪو حصو نه آھي ۽ قيامت جي ڏينھن الله ساڻن نه ڳالھائيندو ۽ نه ئي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ کين (گناھن کان) پاڪ به نه ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ دردناڪ عذاب آھي.

 شان نزول: مادي فائدن لاءِ قَسم کڻڻ

يهودين منجهان ڪجهه دانشورن، مثال طور: ابي رافع، حيي بن اخطب ۽ ڪعب بن اشرف جڏهن يهودين جي درميان پنهنجي اجتماعي حيثيت کي خطري ۾ ڏٺائون ته اهي نشانيون جيڪي توريت ۾ آخري پيغمبر جي باري ۾ هيون جيڪي پنهنجي ئي هٿن سان توريت جي ڪجھ نسخن ۾ لکيون هيائون، انهن ۾تحريف ڪرڻ جو سوچيائون ۽ ايستائين جو اهو قَسم کڻي ڪري چيائون ته اهو ڪم الله تعالى جو ئي آهي، تنهن ڪري مٿين آيت نازل ٿي ۽ کين ڌمڪي آميز لهجي ۾ متوجهه ڪيو ويو.[1]

altڪجهه مفسرن اهو پڻ لکيو آهي ته: هي آيت ”اشعث بن قيس“ جي باري ۾ نازل ٿي آهي، جنهن ڪوڙي طريقي سان ڪنهن ٻئي جي زمين تي قبضو ڪرڻ ٿي چاهيو، جڏهن هو پنهنجي ڳالهه کي مڃرائڻ خاطر قَسم کڻڻ لاءِ تيار ٿي ويو ته مٿين آيت نازل ٿي ۽ ان وقت ”اشعث بن قيس“ ڊڄي ويو ۽ حق جو اعتراف ڪري، مالڪ کي زمين موٽائي ڏنائين.[2]

سورت آل عمران، آيت78

 وَإِنَّ مِنْهُمْ لَفَرِيقًا يَلْوُونَ أَلْسِنَتَهُم بِالْكِتَابِ لِتَحْسَبُوهُ مِنَ الْكِتَابِ وَمَا هُوَ مِنَ الْكِتَابِ وَيَقُولُونَ هُوَ مِنْ عِندِ اللّهِ وَمَا هُوَ مِنْ عِندِ اللّهِ وَيَقُولُونَ عَلَى اللّهِ الْكَذِبَ وَهُمْ يَعْلَمُونَ  

۽ انهن (يهودين) منجھان ڪجھ اهڙا آهن جيڪي (الله پاڪ جي) ڪتاب جي تلاوت وقت پنھنجين زبانن کي ائين هلائين ٿا جو توهان سمجهو ته (اهي جيڪو ڪجهه پڙهن ٿا)  اهو (الله جي)ڪتاب مان آهي ۽ جڏهن ته اُھو ڪتاب مان نه آھي، ۽ (چٽي نموني سان) چوندا آھن ته: ”اُھو الله وٽان آھي جڏهن ته اُھو الله وٽان نه آھي، ۽ اُھي ڄاڻي واڻي الله تي ڪُوڙ مڙهيندا آھن.

شان نزول: اکرن جي اُچار ۾ هير ڦير

مرحوم طبرسيؓ مجمع البيان ۾ نقل ڪري ٿو ته: هيءَ آيت به يهودين جي انهن عالمن جي باري ۾ نازل ٿي آهي جيڪي توريت ۾ پاڻ سڳورن (ص) جن لاءِ ذڪر ٿيل وصفن جي برخلاف لکندا هيا ۽ پوءِ انهن وصفن کي الله تعالى ڏانهن نسبت ڏيندا هئا. (۽ پنهنجي طرفان توريت جي حقيقتن ۾ هير ڦير پيا ڪندا هئا )، ”ابوالفتح رازي“هتي ڪعب بن اشرف، حييّ بن اخطب ۽ ڪجهه ٻين عالمن جا نالا خاص طور تي ذڪر ڪري ٿو.[3]

سورت آل عمران، آيات 79۽ 80

مَا كَانَ لِبَشَرٍ أَن يُؤْتِيَهُ اللّهُ الْكِتَابَ وَالْحُكْمَ وَالنُّبُوَّةَ ثُمَّ يَقُولَ لِلنَّاسِ كُونُواْ عِبَادًا لِّي مِن دُونِ اللّهِ وَلَـكِن كُونُواْ رَبَّانِيِّينَ بِمَا كُنتُمْ تُعَلِّمُونَ الْكِتَابَ وَبِمَا كُنتُمْ تَدْرُسُونَ * وَلاَ يَأْمُرَكُمْ أَن تَتَّخِذُواْ الْمَلاَئِكَةَ وَالنِّبِيِّيْنَ أَرْبَابًا أَيَأْمُرُكُم بِالْكُفْرِ بَعْدَ إِذْ أَنتُم مُّسْلِمُونَ

ڪنھن به ماڻھوءَ کي جُڳائي نه ٿو ته الله کيس ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏئي، اُھو وري ماڻھن کي چوي ته الله کانسواءِ مُنھنجا ٻانھا ٿيو پر ( ان مقام تي مناسب اهو آهي ته هو چوي) رب جا (سچا ٻانھا) ٿيو، انھيءَ ڪري جو الله جو ڪتاب سيکاريو ۽ پڙھو ٿا. (الله پاڪ کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت نه ڪريو) *  ۽ اوھان کي اهو حڪم نه ڪندو ته ملائڪن ۽ پيغمبرن کي پالڻھار ڪري مڃو، ڇا توھان جي مسلمان ٿيڻ کان پوءِ توھان کي  ڪُفر جي دعوت ڪندو.؟!

شان نزول: بدنامي لاءِ سازش

ان ٻن آيتن لاءِ ٻه شان نزول ذڪر ڪيا ويا آهن.

پهرئين شان نزول ۾ آيو آهي ته: هڪ شخص پيغمبر اڪرم(ص) وٽ آيو ۽ اهو اظهار ڪيائين ته اسان توهان تي ٻين وانگر سلام ڪريون ٿا، جڏهن ته اسان جي نظر ۾ اهڙي قِسم جو احترام ڪافي ناهي، تنهن ڪري توهان کان اها درخواست ڪريون ٿا ته اسان کي اجازت ڏيو ته جيئن توهان جو خاص انداز سان احترام ڪريون ۽ توهان کي سجدو ڪيون!

تنهن تي پاڻ سڳورن (ص) فرمايو ته: الله تعالى کانسواءِ ٻئي ڪنهن کي سجدو ڪرڻ جائز نه آهي، پنهنجي نبي جو هڪ بشر جي حيثيت سان احترام ڪريو ۽ هن جو حق ڄاڻو ۽ ان جي پيروي ڪريو![4]

ٻيو شان نزول هيءُ ته: يهودين منجهان ابورافع نالي هڪ شخص نجران جي هڪ ٽولي جي اڳواڻي ڪندي مدينه ۾ هڪ ڏينهن رسول پاڪ (ص) جي خدمت ۾ پهتو ۽ پوءِ اهي سڀئي چوڻ لڳا ته: جيڪڏهن اسان توهان جي عبادت ڪريون ۽ توهان لاءِ خدائي مقام جو عقيدو رکندي توهان جي پوڄا ڪيون، ڇا توهان ان تي راضي آهيو؟!

(شايد انهن اهو سوچيو پئي ته: پيغمبر اڪرم(ص) ميسح ؑ جي خدا هجڻ جو انڪار ان ڪري رهيو آهي ته ان عقيدي ۾ کيس شامل نه ٿو ڪيو وڃي، تنهن ڪري جيڪڏهن هن لاءِ به مسيح وانگر خدائي وارو عقيدو رکنداسين ته، هو پنهنجي مخالفت تان هٿ کڻي ويندو، يا وري شايد اها پيشنهاد پاڻ سڳورن (ص) کي بدنام ڪرڻ ۽ عام ماڻهن جي فڪرن کي کانئن ڦيرائڻ جي هڪ سازش هئي.)

ان جي جواب ۾ پاڻ سڳورن (ص) فرمايو: معاذ الله: ” الله کان پناهه ٿو گهران “ ڇا مان اها اجازت ڏيندس ته اڪيلي پالڻهار کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي عبادت ٿئي؟ الله پاڪ مون کي اهڙي ڪم لاءِ مبعوث نه ڪيو آهي.[5]



[1]_ تفسير مجمع البيان، مٿين آيت جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج9، ص71 ۽ج66، ص118 ۽  تفسير طبري، بحرالمحيط، تفسير آلوسي، مٿين آيت جي ذيل ۾

[2]_ تفسير مجمع البيان، مٿين آيت جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج9، ص71 ۽ج66، ص118 ۽  تفسير طبري،تفسير قرطبي، تفسير آلوسي، مٿين آيت جي ذيل ۾

[3]_ تفسير مجمع البيان، مٿين آيت جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج9، ص71 ۽  تفسير ابن ڪثير، تفسير ڪبير فخر رازي، بحرالمحيط، تفسير آلوسي، مٿين آيت جي ذيل ۾

[4]_ تفسير مجمع البيان، مٿين آيت جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج9، ص71 ۽ ج25، ص262،  تفسير درالمنثور، ج2، ص47 ۽ اسباب نزول الآيات، واحدي نيشاپوري، ص74 .

[5]_ تفسير مجمع البيان، مٿين آيت جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج9، ص71 ۽ج25، ص262 ۽  تفسير طبري، مٿين آيت جي ذيل ۾

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي