جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

سورت آل عمرآن قسط 7

آيت نمبر86:

كَيْفَ يَهْدِي اللّهُ قَوْمًا كَفَرُواْ بَعْدَ إِيمَانِهِمْ وَشَهِدُواْ أَنَّ الرَّسُولَ حَقٌّ وَجَاءهُمُ الْبَيِّنَاتُ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ

خدا اهڙي قوم جي هدايت ڪيئن ڪندو جيڪا ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي ويئي، حالانڪه اها قوم پاڻ گواهه آهي ته (آخري) رسول حق تي آهي ۽ انهن وٽ کليل نشانيون به اچي چڪيون آهن. بيشڪ الله تعالى ظالم قوم جي هدايت نٿو ڪري.

 

آيت نمبر87:

أُوْلَـئِكَ جَزَآؤُهُمْ أَنَّ عَلَيْهِمْ لَعْنَةَ اللّهِ وَالْمَلآئِكَةِ وَالنَّاسِ أَجْمَعِينَ

altاهڙن ماڻهن جي سزا اها آهي ته انهن تي خدا ۽ ملائڪن ۽ ماڻهن سڀني جي لعنت آهي.

آيت نمبر88:

خَالِدِينَ فِيهَا لاَ يُخَفَّفُ عَنْهُمُ الْعَذَابُ وَلاَ هُمْ يُنظَرُونَ

اهي هميشه انهي لعنت (ڦٽڪار) ۾ گرفتار رهندا انهن جي عذاب ۾ هلڪائي نه ٿيندي ۽ نه انهن کي مهلت ملندي.

آيت نمبر 89:

إِلاَّ الَّذِينَ تَابُواْ مِن بَعْدِ ذَلِكَ وَأَصْلَحُواْ فَإِنَّ الله غَفُورٌ رَّحِيمٌ

سواءِ انهن جي جن ان کان پوءِ توبه ڪئي ۽ پنهنجي اصلاح ڪري ورتي؛ (۽ پنهنجي ڪيل گناهن جي جبران ڪرڻ لاءِ پڪو پَھ رکندا هجن) بيشڪ خدا بخشڻهار ۽ ٻاجهارو آهي.

شان نزول:

توبه جي قبوليت:

حارث بن سويد انصاري (مديني جي مسلمانن) منجهان هو، هن محذر بن زياد کي بي گناهه قتل ڪيو ته هو سزا جي ڊپ کان مرڳو اسلام تان ئي هٿ کڻي ويو ۽ مڪي ڀڄي ويو (۽ يارنهن ڄڻا جيڪي هن جي پيروي ڪندي مسلمان ٿيا هئا اهي به مرتد[1] ٿي ويا).

مڪي پهچڻ کان پوءِ پنهنجي عمل کان پڇتايائين ۽ ويچار ڪرڻ لڳو ته ان جي بدلي ۾ ڇا ڪجي؟

بهرحال هن پنهنجي سوچ مطابق هڪ ماڻهو کي پنهنجن مائٽن ڏي مديني موڪليو ته پاڻ سڳورن (ص) کان پڇيو وڃي ته: ڇا موٽڻ جو ڪو رستو آهي يا نه؟

ان وقت اهي مٿيون آيتون نازل ٿيون ۽ هن جي توبه خاص شرطن سان قبولي وئي، حارث بن سويد پاڻ سڳورن (ص) جي خدمت ۾ پهتو ۽ وري ٻيهر اسلام قبول ڪيائين ۽ آخري گهڙي تائين اسلام سان وفادار رهيو[2] (پر يارنهن ڄڻا ٻيا جيڪي هن جي پيروي ڪندي مرتد ٿيا هئا سي پنهنجي انهي حالت تي باقي رهيا)

تفسير ”درالمنثور“ ۽ ڪجهه ٻين تفسيرن ۾ انهن آيتن لاءِ ٻيو شان نزول ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪو مٿئين شان نزول سان گهڻو فرق نٿو رکي.[3]

آيت نمبر90:

إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ بَعْدَ إِيمَانِهِمْ ثُمَّ ازْدَادُواْ كُفْرًا لَّن تُقْبَلَ تَوْبَتُهُمْ وَأُوْلَـئِكَ هُمُ الضَّآلُّونَ

جن ماڻهن ايمان کان پوءِ ڪفر اختيار ڪيو ۽ پوءِ (پنهنجي) ڪفر ۾ وڌندا ويا انهن جي توبه (جيڪا بي اختياري يا مرڻ محل ڪئي وڃي ٿي) ڪڏهن به قبول نه ٿيندي ۽ هو (حقيقي) گمراهه آهن.

آيت نمبر91:

إِنَّ الَّذِينَ كَفَرُواْ وَمَاتُواْ وَهُمْ كُفَّارٌ فَلَن يُقْبَلَ مِنْ أَحَدِهِم مِّلْءُ الأرْضِ ذَهَبًا وَلَوِ افْتَدَى بِهِ أُوْلَـئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ وَمَا لَهُم مِّن نَّاصِرِينَ

بيشڪ اهي ماڻهو جن ڪفر اختيار ڪيو ۽ ڪفر ۾ ئي مري ويا ته انهن مان ڪو هڪڙو سڄي زمين سون جي ڪري کڻي فديو (پنهنجي خراب عملن جو ڪفارو) ڏي، تڏهن به قبول نه ڪيو ويندو ۽ انهن لاءِ درد ناڪ عذاب تيار آهي ۽ انهن جو ڪو به مددگار نه آهي.

شان نزول:

ڪفر جي حالت ۾ موت:

ڪجهه مفسرن جو چوڻ آهي ته، پهرئين آيت انهن اهل ڪتاب جي باري ۾ نازل ٿي، جيڪي پيغمبر اڪرم(ص) جي بعثت کان پهريان هن تي ايمان رکندا هئا پر مبعث کان پوءِ انهن ڪفر وارو رستو اختيار ڪيو.[4]

ڪجهه مفسرن جو چوڻ آهي ته، اها آيت حارث بن سويد ۽ سندن ساٿين جي باري ۾ نازل ٿي آهي، جيڪي مرتد ٿي چڪا هئا. پر ”حارث“ پشيمان ٿيو ۽ توبه ڪيائين، جيتوڻيڪ گذريل شان نزول واري پراگراف ۾ بيان ڪيو ويو آهي، ته اهي يارنهن ڄڻا پنهنجي حال تي باقي رهيا، وري اسلام قبول نه ڪيائون ۽ حارث جي دعوت تي جواب ۾ چيائون اسان مڪي ۾ ئي رهنداسين ۽ نبي اڪرم (ص) جي مخالفت ۾ پاڻ پتوڙيندا رهنداسون. هن جي شڪست جو انتظار پيا ڪيون، جيڪڏهن اسان جو مقصد حاصل ٿي ويو ته تمام بهتر ٿي ويندو، جيڪڏهن نه ته توبه جا درواز هونئن ئي کليا پيا آهن ۽ جڏهن به موٽياسين ته (هو اسان کي قبول ڪري وٺندو ۽) اسان جي باري ۾ اها شيءِ  نازل ٿيندي جيڪا تنهنجي لاءِ نازل ٿي آهي.

جڏهن پاڻ سڳورن مڪي کي فتح ڪيو، ته ڪجهه انهن منجهان اسلام کي قبول ڪيو ۽ انهن جي توبه قبول ٿي وئي ۽ اهي جن ڪفر واري حالت تي هن دنيا کي ڇڏيو ته ٻي آيت نازل ٿي.[5]_ [6]

 



[1] _ مرتد : ان شخص کي چئبو آهي جنهن پهريان اسلام قبول ڪيو هجي ۽ مسلمان ٿيڻ کان بعد وري اسلام کان ڦري وڃي. (سنڌيڪار)

[2] _ مجمع البيان ذيل آيات مورد بحث، بحارالانوار، ج9، ص72؛ ۽ ج22، ص17؛ ڪنزالدقائق، ج2، ص152؛ نورالثقلين، ج1، ص363؛ درالمنثور، ج2، ص49.

[3]_ درالمنثور، ج2، ص49.

[4] _ مجمع البيان، ذيل آيت مورد بحث، بحارالانوار، ج22، ص17؛ تفسير طبري ذيل آيت مورد بحث؛ تفسير ڪبير فخر رازي؛ تفسير آلوسي، ذيل آيت مورد بحث.

[5] _ مجمع البيان، آيات مورد بحث جي ذيل ۾، بحارالانوار، ج22، ص17؛ تفسير آلوسي، ج3، ص218، آيات مورد بحث جي ذيل ۾.

[6] _ ان ڳالهه ڏي توجهه هجڻ گهرجي ته حارث ۽ ان جي دوستن جي توبه، ”مرتد ملي“ هجڻ جي اعتبار سان آهي.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي