جمع, 20 سيپٽمبر 2019 - Fri 09 20 2019

منو

سورت آل عمرآن قسط 8

آيت نمبر93:

كُلُّ الطَّعَامِ كَانَ حِـلاًّ لِّبَنِي إِسْرَائِيلَ إِلاَّ مَا حَرَّمَ إِسْرَائِيلُ عَلَى نَفْسِهِ مِن قَبْلِ أَن تُنَزَّلَ التَّوْرَاةُ قُلْ فَأْتُواْ بِالتَّوْرَاةِ فَاتْلُوهَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ

بني اسرائيل لاءِ سڀ (پاڪ) کاڌا حلال هئا سواءِ انهن جي جن کي اسرائيل(يعقوب) تورات جي نازل ٿيڻ کان اڳي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو هو، (جيئن اٺ جو گوشت جيڪو هن جي لاءِ نقصان رکندڙ هو) اي رسول چئو جيڪڏهن توهان (پنهنجي اعتراضن ۾) سچا آهيوته تورات آڻيو ۽ ان کي پڙهي ڏسو. (اهي ڳالهيون جيڪي گذريل نبين ڏي منسوب ڪندا آهيو، ايستائين جو ڇا توهان جي تحريف ٿيل تورات ۾ اهي ڳالهيون ناهن؟)

 

آيت نمبر 94:

فَمَنِ افْتَرَىَ عَلَى اللّهِ الْكَذِبَ مِن بَعْدِ ذَلِكَ فَأُوْلَـئِكَ هُمُ الظَّالِمُونَ

altانهيءَ آڌار تي اهي ان کان پوءِ به جيڪي خدا ڏانهن ڪوڙيون ڳالهيون منسوب ڪن اهي ظالم آهن.(ڇو جو اهو ڪم ڄاڻيندي انجام ڏيندا آهن.)

آيت نمبر 95:

قُلْ صَدَقَ اللّهُ فَاتَّبِعُواْ مِلَّةَ إِبْرَاهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ

(اي نبي) چئو ته الله سچ چيو (۽ اهي ابراهيم جي پاڪ آئين ۾ به هئا) آهي. توهان سڀ ملت ابراهيم جي پيروي ڪريو، هو باطل کان پاند بچائيندڙ هو ۽ مشرڪن مان نه هو.

آيت نمبر 96:

إِنَّ أَوَّلَ بَيْتٍ وُضِعَ لِلنَّاسِ لَلَّذِي بِبَكَّةَ مُبَارَكًا وَهُدًى لِّلْعَالَمِينَ

بيشڪ ماڻهن لاءِ سڀ کان پهريون گهر جيڪو ٺاهيو ويو اهو مڪي ۾ آهي، برڪت وارو ۽ عالمين لاءِ مجسم هدايت آهي.

آيت  97:

فِيهِ آيَاتٌ بَيِّـنَاتٌ مَّقَامُ إِبْرَاهِيمَ وَمَن دَخَلَهُ كَانَ آمِنًا وَلِلّهِ عَلَى النَّاسِ حِجُّ الْبَيْتِ مَنِ اسْتَطَاعَ إِلَيْهِ سَبِيلاً وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ الله غَنِيٌّ عَنِ الْعَالَمِينَ

ان ۾ روشن نشانيون آهن، (جن مان) مقام ابراهيم آهي، جيڪو به ان (خدا جي گهر) ۾ داخل ٿيو اهو امن ۾ آهي، ماڻهن تي الله تعالى (جي خوشنودي) لاءِ ان گهر جو حج واجب آهي، جيڪي ان جي (ادا ڪرڻ جي) طاقت رکن ٿا ۽ جنهن انڪار ڪيو (۽ حج کي انجام نه ڏنائين ته پنهنجي پاڻ کي نقصان پهچايو اٿس) الله يقيناً پوري جهان کان بي پرواهه آهي.

شان نزول:

يهودين جا ٻيا اعتراض:

تفسيرن ۽ روايتن مان خبر پوي ٿي ته يهودين جا ٻه اعتراض ٻيا به هئا جيڪي انهن پاڻ سڳورن(ص) آڏو بيان پڻ ڪيا.

هڪ اهو ته: رسول اڪرم(ص) اٺ جو گوشت ۽ کير ڪيئن حلال پئي قرار ڏنو جڏهن ته ابراهيم جي دين ۾ اهي شيون حرام هيون ۽ انهيءَ خاطر يهودين به ابراهيم(ع) جي پيروي ڪندي انهن شين کي حرام پئي قرار ڏنو.

نه رڳو حضرت ابراهيم بلڪه حضرت نوح پڻ انهن شين کي حرام قرار ڏنو هو، بهرحال ابراهيمي دين سڏرائڻ وارو ڪيئن ان شيءِ کي حرام قرار نٿو ڏي.[1]

ٻيو ته: رسول خدا (ص) پنهنجو پاڻ کي ڪيئن ٿو گذريل نبين خاص طور تي حضرت ابراهيم جي دين جو پاسدار سمجهي جڏهن ته سڀني نبين حضرت اسحاق، حضرت ابراهيم نبي (ع) جي فرزند کان وٺي ڪري ”بيت المقدس“ جو احترام پئي رکيو ۽ انهيءَ ڏي رخ ڪري نماز پئي ادا ڪيائون، پر پيغمبر اسلام(ص) ان قبلي کان منهن موڙي ڪعبه کي پنهنجو قبلو قرار ڏنو.[2]

مٿين ٽن آيتن پهرئين اعتراض جو جواب ڏئي ڪري يهودين جي ڪوڙ کي ثابت ڪيو آهي ۽ 96 ۽ 97  آيتن ٻئي اعتراض جو جواب ڏنو آهي.

 



[1] _ بحارالانوار، ج9، ص72 ۽ تفسير مجمع البيان مٿين آيتن جي ذيل ۾

[2] _ مجمع البيان، آيات مورد بحث جي ذيل ۾

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي