Logo

شان نزول ( سورت آل عمران، قسط4)

سورت آل عمران آيتون 31 ۽ 32

قُلْ إِن كُنتُمْ تُحِبُّونَ اللّهَ فَاتَّبِعُونِي يُحْبِبْكُمُ اللّهُ وَيَغْفِرْ لَكُمْ ذُنُوبَكُمْ وَاللّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ * قُلْ أَطِيعُواْ اللّهَ وَالرَّسُولَ فإِن تَوَلَّوْاْ فَإِنَّ اللّهَ لاَ يُحِبُّ الْكَافِرِينَ

ترجمو:

(اي پيغمبر) چؤ: ” جيڪڏهن پالڻهار سان محبت ڪريو ٿا، ته منهنجي پيروي ڪريو! تاڪه پالڻهار توهان سان (پڻ) محبت ڪري؛ ۽ اوهان جا گناهه به معاف ڪري ڇڏي؛ ۽ الله (تبارڪ و تعالى) بخشندڙ ۽ مهربان آهي.“

(اي پيغمبر) چؤ: الله ۽ (ان جي) موڪليل جي پيروي ڪريو! جيڪڏهن توهان منهن موڙيو، ته الله ڪافرن سان محبت رکندڙ نه آهي.

شان نزول: محبت، پيروي جي دليل آهي.

مٿين آيتن جي باري ۾ ٻه شان نزول ”تفسير مجمع البيان، ۽ تفسير المنار“ ۾ نقل ٿيل آهن:

پهريون هي ته ڪجهه ماڻهن پاڻ سڳورن ﷺ جي خدمت ۾ الله تبارڪ و تعالى سان محبت جي دعوى ڪئي، جڏهن ته انهن جا ڪرتوت، خدائي ڪمن، کان تمام گهٽ پاتا ويندا هئا. مٿيون آيتون نازل ٿيون ۽ انهن کي جواب ڏنو ويو.[1]

ٻيو هي ته: ڪجهه مسيحي ”نجران“ قبيلي منجهان مدينه ۾ پيغمبر ﷺ جي خدمت ۾ آيا، پنهنجي گفتگو جي دوران انهن اهو اظهار پئي ڪيو ته اسان حضرت مسيح کي سڀني کان مٿاهون احترام جا قائل آهيون، اها محبت اصل ۾ اسان پنهنجي پالڻهار سان ٿا ڪريون، مٿيون آيتون نازل ٿيون ۽ انهن کي جواب مليو.[2]

سورت آل عمران، آيتون 59 ۽ 60

إِنَّ مَثَلَ عِيسَى عِندَ اللّهِ كَمَثَلِ آدَمَ خَلَقَهُ مِن تُرَابٍ ثِمَّ قَالَ لَهُ كُن فَيَكُونُ * الْحَقُّ مِن رَّبِّكَ فَلاَ تَكُن مِّن الْمُمْتَرِينَ

ترجمو:

الله (سائين) وٽ عيسى (جي پيدا ڪرڻ) جو مثال آدم جي مثال جهڙوئي آهي، اُن (آدم) کي مِٽيءَ مان پيدا ڪيائين ۽ ان کي فرمايائين ته: ٿي وڃ ته هو ٿي پيو. (ان مان اهو سمجهه ۾ اچي ٿو ته حضرت عيسى جي ولادت بنا پيءُ جي هن جي خدا هجڻ جي ڪا به دليل ناهي ).

(هي ڳالهه هڪ) تنھنجي پالڻھار وٽان سچي آھي، تنھنڪري شڪ ڪندڙن مان نه ھُج.

شان نزول: حضرت عيسى (ع) جي پيدائش، حضرت آدم (ع) جي پيدائش وانگر آهي.

جيئن هن سورت جي شروعات ۾ چيو ويو ته، هن سورت مان گهڻيون ئي آيتون نجران جي گفتگو جي سوالن جا جواب ۾ نازل ٿيون آهن، ڇو جو انهن منجهان سٺ ڄڻن جي هڪ ٽيم جيڪا انهن جي اڳواڻن ۽ بزرگن تي مشتمل هئي، نمائندگي طور پيغامبر ﷺ سان گفتگو ڪرڻ خاطر مديني آيا هئا.

ڪجهه مسئلن منجهان اها گفتگو به مطرح ٿي ته: انهن پيغمبر ﷺ کان پڇيو ته: اسان کي ڪهڙي شي جي دعوت ٿا ڏيو؟

پيغمبر ﷺ جن فرمايو ته: خدا يگاني جي طرف، ان جي طرفان رسالت خلق به رکان ٿو ۽ حضرت عيسى پڻ هن جي بندگان منجهان هڪ بندو آهي ۽ انساني حالتون پڻ هن ۾ هيون جيتوڻيڪ ٻين وانگر کاڌو کائيدو هو.

انهن ان ڳالهه کي قبول نه ڪيو ۽ حضرت عيسى (ع) جي ولادت بنا پيءُ ڏي اشارو ڪيائون ۽ ان ڳالهه کي انهن هِن حضرت عيسى (ع) جي خدائي هجڻ جو ثبوت پئي ڏنو ته مٿيون آيتون نازل ٿيون ۽ انهن کي جواب ڏنو ويو، جڏهن انهن اها ڳالهه قبول نه ڪئي ته انهن کي ”مباهلي“ جي دعوت ڏني وئي، جنهن جي تفصيل عنقريب اچڻ واري آهي.[3]

سورت آل عمرآن (آيت 61)

فَمَنْ حَآجَّكَ فِيهِ مِن بَعْدِ مَا جَاءكَ مِنَ الْعِلْمِ فَقُلْ تَعَالَوْاْ نَدْعُ أَبْنَاءنَا وَأَبْنَاءكُمْ وَنِسَاءنَا وَنِسَاءكُمْ وَأَنفُسَنَا وأَنفُسَكُمْ ثُمَّ نَبْتَهِلْ فَنَجْعَل لَّعْنَةُ اللّهِ عَلَى الْكَاذِبِينَ

ترجمو:

جيڪو به، تو وٽ علم اچڻ کان پوءِ به، هن (حضرت عيسى ع) جي باري ۾ تڪرار ڪري (۽ حق کي قبول نه ڪري) ته چؤ: اسان پنهنجي پٽن کي ٿا آڻيون ۽ اوهان پنهنجي پٽن کي آڻيو، اسان پنهنجي خواتين کي ٿا آڻيون ۽ اوهان پنهنجي خواتين کي آڻيو، اسان پنهنجي جان ٿا آڻيون ۽ اوهان پنهنجي جان آڻيو، پوءِ ( ڌڻيءَ درٻار) ٻاڏايون ۽ ڪوڙن تي لعنت وجھون.

شان نزول : آخري رستو مباهلو

چيو ويو آهي ته: هي آيت ۽ هن کان پهريان واريون آيتون نجرانين جي هڪ ٽولي جنهن کي عاقب ۽ سيد ٻيو انهن سان گڏ هڪ گروپ هو، انهن جي باري ۾ نازل ٿيون آهن، اهي پاڻ سڳوري ﷺ جي خدمت ۾ اچي ڪري چيائون: ڇا ڪڏهن ت ڏٺو آهي ڪو ٻار بنا پيءُ جي پيدا ٿيو هجي؟ ان وقت آيت” إِنَّ مَثَلَ عِيسَى عِندَ اللّهِ كَمَثَلِ آدَمَ خَلَقَهُ ...“ نازل ٿي ۽ جڏهن پاڻ سڳورن ﷺ انهن کي مباهلي[4] جي دعوت ڏني ته انهن هڪ ڏينهن جي حضرت ﷺ کان مهلت گهريائون ۽ نجران جي مهم دانشورن ڏي واپس ٿيا، اسقف ( جيڪو سڀني کان وڏو پادري هو) تنهن هنن کي چيو ته: ” توهان محمد ﷺ کي ڏسجو، اگر رڳو پنهنجي اولاد ۽ فيملي مباهلي لاءِ وٺي اچي ته ان وقت مباهلي کان ڊڄي وڃجو ۽ اگر پنهنجي ساٿارين سان اچي ته سمجهي وڃجو، ڪا ڳالهه ڪانهي ڦٽڪار ٻٽڪار نازل نه ٿيندي.“

مباهلي واري ڏهاڙي، پاڻ سڳورن (ص) جو هٿ، علي بن ابي طالب (ع) جي هٿ ۾ هو، حسن، حسين اڳيان اڳيان پئي آيا، ۽ هڪ مانائتي خاتون سائڻ فاطمة الزهرا (س) پاڻ جن پويان هئي، جيئن ئي ٻاهر نڪتا، ته نصيري پڻ ٻاهر آيا جڏهن ته اسقف انهن سڀن کان پيشا پيش هو، هن جڏهن ڏٺو، پاڻ سڳورا ﷺ ڪجهه ماڻهن سان گڏ اچي پيو ته هن انهن جي باري ۾ پڇيو؟ هن کي ٻڌايو ويو ته: هي هن جو سؤٽ ۽ هن جو نياڻو ۽ هن جي نظر ۾ خلق خدا جو سڀ کان وڌيڪ پيارو آهي. هي ٻه پٽ هن جي ڌيءُ جا فرزند حضرت علي (ع) مان اٿس ۽ اها جوان خاتون هن جي ڌيءُ فاطمه (س) آهي، سڀني کان وڌيڪ عزيز اٿس ۽ هن سان سڀني کان وڌيڪ محبت رکندو آهي.

سيد، اسقف کي چيو ته : مباهلي لاءِ اڳتي قدم کڻ.

هن چيو: نه، مونکي اهڙو سونهارو (مُک) چهرو ٿو ڏسجي، جيڪو جرات سان اقدام ڪندو ۽ مونکي ڊپ ٿو ٿئي ته متان هي سچو هجي ۽ جيڪڏهن هي سچو آهي ته مونکي قسم آهي خدا جو هڪ سال جي اندر عيسائيت جو ڪو به فرد هن ڌرتيءَ تي پاڻي پيئن لاءِ به ڳولهيو نه لڀندو.

اسقف پيغمبر اڪرم کي عرض ڪيو ته: ” اي ابوالقاسم! اسان تو سان مباهلو نٿا ڪيون بلڪه مصالحو ٿا ڪريون، اسان سان مصالحو ڪريو، پاڻ سڳورن ﷺ انهن سان مصلحو ڪيو ته ٻه هزار حُله (هڪ بهترين قسم جو ڪپڙو آهي) جنهن جي هر حُله جي قيمت گهٽ ۾ گهٽ چاليهه درهم هئي ۽ ٽيهه زره، ٽيهه نيزا، ٽيهه گهوڙا عاريه طور ڏنا وڃن تاڪه سرزمين يمن ۾ جيڪڏهن مسلمانن جي خلاف بغاوت ٿئي ته پاڻ سڳورا ﷺ انهن عارين جو ضامن هوندو ۽ انهن کي موٽائي ڏيندو ۽ انهيءَ درميان ايگريمينٽ پڻ ٿي ۽ انهن ڳالهين کي لکيو ويو.

هڪ روايت  ۾ آيو آهي ته، اسقف مسيحن کي چيو ته: مونکي اهڙا سونهارا (مک) چهرا ٿا ڏسجن، جيڪڏهن دعا گهرن ته جبل پنهنجي جاءِ تان هٽي ويندا ۽ انهن پاراتو ڏنو ته عيسائيت جو بڻ بڻياد ڌرتيءَ تي ڳولهيو نه لڀندو.[5]



[1] _ تفسير قرطبي، ذيل آيات مورد بحث؛ درالمنثور، ج2، ص17 .

[2] _ مجمع البيان، مورد بحث آيتن جي ذيل ۾؛ تفسير قرطبي، مورد بحث آيتن جي ذيل ۾؛ درالمنثور، ج2 ص17 .

[3] _ مجمع البيان، مورد بحث آيتن جي ذيل ۾؛ بحارالانوار، ج21، ص 277،345،348 .

[4] _ لفظ ”مباهله“ اصل ۾ ”بهل“ (بروزن اهل) قيد مان رهاڪرڻ ۽ ڳنڍ کي کولڻ جي معنا ۾ آهي، ان ڪري ڪنهن جانور کي پنهنجي حال تي ڇڏي ڏيڻ ۽ ان جي ٿڻن کي آزاد ڇڏي ڏيڻ ان ڪري جو هن ڦلڙو مزي سان کير پئي سگهي، ان کي ”باهل“ چيو ٿو وڃي ۽ ابتهال جو دعا ۾ استعمال ڪرڻ جي معنا آهي پنهنجو ڪم خدا تي ڇڏي ڏيڻ.

مذڪوره آيت، انهيءَ لفظ جي ڪري آيت مباهله جي نالي سان مشهور آهي. جيتوڻيڪ ”مباهله“ جي معنى ٻن مخالف ٽولن جو ڌڻيءَ درٻار ٻاڏائڻ ۽ مالڪ کان ٻئيءَ ٽولي جي برباديءَ ۽ ڦٽڪار جو سوال ڪرڻ، ڇاڪاڻ ته اهو ٽولو، سندس نظر ۾ ناحق تي آهي، مباهلي جي لغوي معنى هي هئي.

۽ مفهوم جي اعتبار سان جيڪو مٿين آيت مان پڻ ورتو ويو آهي، يعني ٻن ڄڻن جو هڪ ٻئي تي ڦٽڪار وجهڻ آهي. اهي اشخاص جيڪي مهم مذهبي مسئلي تي گفتگو ڪن ۽ هڪ جڳهه تي گڏ ٿين ۽ ڌڻي در ٻاڏائين ته جيڪو به ڪوڙو آهي ان تي خدا جي لعنت هجي.

[5] _ تفسير مجمع البيان آيت مورد نظر جي ذيل ۾ ، ٿورڙي تت سان هي شان نزول ڪجهه فرق سان ٻين تفسيرن جيتوڻيڪ: ابوالفتح رازي، ۽ تفسير ڪبير ۽ ٻين ۾ پڻ آيو آهي ۽ فخر رازي اها ادعا ڪئي آهي هي روايت علماءِ حديث۽ تفسير وارن جي نزديڪ مورد اتفاق آهي. بحارالانوار، ج21، ص321،322،342،344،345 ۽ ...؛ ارشاد مفيد،ج1، ص166،167 ۽ 168 (ڪنگره شيخ مفيد، 1413 هه، ق)

 

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي
نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان
هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن، هن سائيٽ جو مواد اجازت کان بغير شايع ڪرڻ منع آهي