جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

شان نزول (سورت بقره_قسط3)

سورت بقره  آيت 99

وَ لَقَدْ أَنزَلْنَا إِلَيْكَ ءَايَاتِ  بَيِّنَاتٍ  وَ مَا يَكْفُرُ بِهَا إِلَّا الْفَاسِقُونَ

ترجمو: ۽ (اي پيغمبر) بي شڪ اسان تو ڏانھن روشن آيتون موڪليون آهن، ۽ بي دينن کانسواءِ ڪوبه اُنهن جو انڪار نه ڪندو.

شان نزول: هٺ ڌرمي ۽ دشمني :

هن آيت جي شان نزول جي باري ۾ ابن عباس نقل ڪري ٿو ته: ”ابن صريا“ هڪ يهودي عالم هو جنهن پنهنجي دشمني ۽ ساڙ سبب پيغمبر اڪرم (ص) کي چيو ته : تو اسان لاءِ ڪا شي سمجهه ڀري شي نه آندي آهي ۽ خداوند متعال توتي ڪا روشن نشاني نازل ڪونه ڪئي آهي جو اسان تنهنجي پيروي ڪيون، ته اها آيت نازل ٿي ۽ انهي يهودي کي واضح لفظن ۾جواب ڏنائين.[i]