Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

غدير قرآن جي آئيني ۾

حُرِّمَتْ عَلَيْكُمُ الْمَيْتَةُ وَالْدَّمُ وَلَحْمُ الْخِنْزِيرِ وَمَا أُهِلَّ لِغَيْرِ اللّهِ بِهِ وَالْمُنْخَنِقَةُ وَالْمَوْقُوذَةُ وَالْمُتَرَدِّيَةُ وَالنَّطِيحَةُ وَمَا أَكَلَ السَّبُعُ إِلاَّ مَا ذَكَّيْتُمْ وَمَا ذُبِحَ عَلَى النُّصُبِ وَأَن تَسْ تَقْسِمُواْ بِالأَزْلاَمِ ذَلِكُمْ فِسْقٌ الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ مِن دِينِكُمْ فَلاَ تَخْشَوْهُمْ وَاخْشَوْنِ الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ وَأَتْمَمْتُ عَلَيْكُمْ نِعْمَتِي وَرَضِيتُ لَكُمُ الإِسْلاَمَ دِينًا فَمَنِ اضْطُرَّ فِي مَخ ْمَصَةٍ غَيْرَ مُتَجَانِفٍ لِّإِثْمٍ فَإِنَّ اللّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ *

ترجمو:

اوهان تي حرام ڪجن ٿا مردار، رت، سوئر جوگوشت، جنهن کي الله کانسواءِ ٻئي ڪنهن جي نالي ذبح ڪيو ويو هجي، گُهٽجي مئل، ڌڪ کائي مئل، مٿانهين جاءِ تان ڪري مئل ۽ جنهن کي چريندڙ، ڦاٽيندڙ جانور کائي، سواءِ انهي جي، جو ذبح ڪجي، ۽ جيڪو (بتن لاءِ) آستانن تي ڪُهجي ۽ پُکن جي تيرن سان وراهيل (به حرام آهن) اهي (مڙئي) گناهن جا ڪم آهن.

اڄ (ارڙهن ذوالحج، هجرت جي ڏهين سال، حضرت علي (ع) ربّ جي حڪم سان، پيغمبر (ص) جو جانشين بڻيو ته) ڪافر دين (جي ختم ٿيڻ)  کان نا اميد ٿيا بس انهن کان نه ڊڄو مونکان ئي ڊڄو، اڄ مون اوهان جي دين کي، اوهان لاءِ ڪامل ڪيو ۽ پنهنجي نعمت اوهان لاءِ پوري ڪيم ۽ اوهان لاءِ اسلام، دين طور پسند ڪيم، پر جيڪو بک وگهي، گناهه ڏانهن لاڙو نه ڪندي، (مذڪوره حرام ٿيل شيئن جي، کائڻ تي) لاچار ٿي پوي (ته مٿس ڪا ميار ڪانهي) بيشڪ الله بخشڻهار مهربان آهي.

 مذڪوره آيت ۾، ٻن جدا جدا ڳالهين جو تذڪرو آهي

  1. حرام ٿيل گوشتن جو تذڪرو، جن کي عام رائج حالتن ۾ واپرائي نٿو سگهجي سواءِ لاچاري جي.
  2. دين جو ڪامل ٿيڻ ۽ ڪافرن جو نا اميد ۽ مايوس ٿيڻ. ان ڳالهه جي ثابتي لاءِ ڪي شاهديون پيش ڪجن ٿيون.

(الف) ڪافرن جي نا اميد ٿيڻ جو، حرام گوشت جي واپرائڻ سان ڪوبه واسطو ناهي.

(ب) شيعه سني روايتن مطابق، جيڪي روايتون مذڪوره آيت جي شان نزول بابت نازل ٿيون آهن تن جو واسطو (الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ) ۽ (الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ) سان آهي، ن ڪه آيت جي اڳين ۽ پوئين جملي سان مربوط آهن.

(ج) شيعه سني روايتن ۾ آيو آهي ته (الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ) وارو جملو علي عليه السلام جي ارڙنهين غدير واري ڏينهن تاج پوشي، کانپوءِ نازل ٿئي.

(د) حديثي دليلن کانسواءِ جيڪڏهن عقلي ويچار ڪجي، تڏهن اها ڳالهه سمجهه ۾ ايندي ته آيت ۾ ٻن جدا جدا ڳالهين جو تذڪرو ٿيل آهي سو هن ريت ته مذڪوره آيت ۾ ان ڏينهن جون چار صفتون بيان ٿيل آهن.

  1. ڪافرن جي نا اميدي جو ڏينهن
  2. دين جي ڪامل ٿيڻ جو ڏينهن
  3. ربّ جي نعمتن جي پوري ٿيڻ يا تمام ٿيڻ جو ڏينهن.
  4. ان ڏينهن اسلام، دين طور هڪ ڪامل مذهب، ربّ پاڪ جو پسنديده قرار ڏنو ويو.

هاڻي جيڪڏهن، تاريخ اسلام جي اهم ڏهاڙن جو اڀياس ڪيو وڃي ته معلوم ٿيندو اهي چارئي اهم خاصيتون ڪنهن ڏهاڙي ۾ نه ٿيون پاتيون وڃن پوءِ اهو کڻي، بعثت، هجرت، مڪي واري فتح، حجه الوداع ۽ جنگين ۾ ڪامياب ٿيڻ وارا ڏهاڙا ڇونه هجن، توڙي جو انهن ڏهاڙن جي پنهنجي جاءِ تي اهميت ۽ عظمت آهي، پر انهن چئن خاصيتن جي ميلاپ کان خالي آهن.

ڇوته:

  • بعثت واري ڏهاڙي پاڻ سڳورن (ص) جي رسالت جو آغاز ٿيو، سو ڪئين ٿو چئي سگهجي ته ان ڏينهن دين ڪامل ٿيو.؟
  • هجرت واري ڏهاڙي پاڻ سڳوري (ص) ربّ جي حڪم سان مڪي کان لڏ پلاڻ ڪئي سو ڪئين ٿو چئي سگهجي ته ان ڏينهن ڪافر نا اميد ٿيا.؟ ( بلڪه ظاهر ۾ ته ڪافر پاڻ سڳورن (ص) کي مڪي ڇڏڻ تي مجبور ڪري وڌو.
  • جنگين جي ڪامياب ٿيڻ واري ڏهاڙن ۾، رڳو اهي ڪافر نا اميد ٿيا، جيڪي جنگين جي ميدانن ۾ هئا، نه ڪه هڙئي ڪافر، جڏهن ته آيت جو ظاهر اهو آهي (الْيَوْمَ يَئِسَ الَّذِينَ كَفَرُواْ) هڙئي ڪافر مايوس ٿيا.
  • حجہ الوداع واري ڏهاڙي ماڻهن حج جا آداب ۽ اعمال پاڻ سڳورن کان سکيا، سو ان ڏينهن حج جا آداب ۽ اعمال ڪامل ٿيا، نه ڪي سڄو دين ڪامل ٿيو هجي، جڏهن ته آيت ۾ آهي (الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ) سڄو دين ڪامل ٿيو.

غدير واري ڏهاڙي خداوند متعال، علي (ع) جي جانشيني جو فرمان ڏنو، اهو ڏهاڙو آهي جنهن ۾ چارئي خاصيتون پاتيون وڃن ٿيون سو هن ريت آهن:

پهرئين خاصيت ڪافرن جو نا اميد ٿيڻ، ڪافرن پاڻ سڳورن (ص) تي تهمتون هنيون، لڙايون لڙيون، کين قتل ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا جيڪي ڪامياب نه ٿيا سو ڪافرن کي هاڻي ان ڳالهه جو اوسيئڙو هو ته پاڻ سڳورن جي برقعي مٽائڻ کان پوءِ پاڻ هرتو سندس دين ۽ مڪتب به ختم ٿي ويندو، ليڪن جڏهن علي بن ابي طالب (ع) جي تاج پوشيءَ ٿئي ته ڪافرن جي اميدن تي پاڻي ڦري ويو، ڪافر جيڪي دين جي ختم ٿيڻ جي اوسئيڙي ۾ هئا، سندن خواب کوٽا سڪا ثابت ٿيا، ڇاڪاڻ جو پاڻ سڳورن کانپوءِ اسلام جو ولي وارث علي ابن ابي طالب (ع) بڻيو.

ٻئين خاصيت دين جو ڪامل ٿيڻ: اها خاصيت به غدير ۾ پڌري ڏسجي ٿي، چوته ڪنهن به مڪتب ۾ هڙني قانون ۽ حڪم ته هجن پر، امت ۽ سماج لاءِ معصوم رهبري ۽ اڳواڻي جو انتظام نه هجي ته پڪ ساڻ اهو مڪتب ناقص ۽ اڌرو رهجي ويندو.

ٽئين خاصيت نعمتن جو پورو ٿيڻ: به غدير ۾ چٽو ٿو ڏسجي ڇاڪاڻ جو قرآن، سڀني کان وڏي نعمت ، رهبري ۽ اڳواڻي ڄاڻائي آهي، هاڻي اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي جو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃن ۽ ماڻهن کي سرپرست ۽ اڳواڻ کانسواءِ ئي ڇڏي وڃن،؟ ڇا ڪو ٻڪرار به ائين ڪندو جو ڌڻ ڌنار کانسواءِ ئي ڇڏي وڃي ؟ پوءِ رهبر ۽ اڳواڻ کانسواءِ نعمت ڪئين پوري ٿيندي؟

چوٿئين خاصيت ربّ جو راضپو: به غدير ۾ واضح ٿو ڏسجي، ان ڪري جو جڏهن به ڪامل نظام ۽ الهي عادل اڳواڻ ۽ رهبر گڏجي پوندا ته پالڻهار جو راضپو پاڻ ئي حاصل ٿي ويندو.

جيتوڻيڪ، اڪمال دين (دين جو ڪامل ٿيڻ) اتمام نعمت (نعمتن جو پورو ٿيڻ) رضايت حق (رب جو راضپو) ۽ ياس ڪافر ( ڪافرن جو نا اميد ٿيڻ) مان ڪا هڪ خاصيت به ڪنهن ڏينهن ۾ پاتي وڃي ته اهو ڏينهن ايّام الله جو پڌرو، مصداق آهي پوءِ غدير جو ڇا مقام هوندو؟ غدير اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ۾ اهي چارئي خاصيتون پاتيون ٿيون وڃن اهوئي سبب آهي جو روايتن ۾ اهل بيت اطهار کان وارد ٿيو آهي ته غدير، مڙني عيدن کان مٿانهين عيد آهي.

ولايت جي اهميت

مختلف شيئن جا اثر به مختلف هوندا آهن ڇاڪاڻ جو، ڪڏهن ڪڏهن هڪ شيءَ جو اثر تڏهن ظاهر ٿيندو آهي، جڏهن ان شيءَ جا هڙئي جزا پاتا وڃن جهڙوڪ: ”روزو“ جيڪڏهن اذان کان هڪ سيڪنڊ به اڳ ۾کوليو ويو ته باطل ٿي ويندو، ان لحاظ سان روزي لفظ ”اتمام“ (پورو ڪرڻ) ڪتب آندو ويو آهي ”اتموا الصيام الي اليل“ ڪڏهن ڪڏهن وري ائين هوندو آهي جو هر جز جو پنهنجو خاص اثر هوندو آهي جهڙوڪ قرآن جي تلاوت ڪرڻ، توڙي جو پوري قرآن جي تلاوت ڪرڻ، ڪمال آهي، پر جيترو به پڙهيو ويندو، ان حصي جو خاص ثواب آهي.

ڪڏهن ڪڏهن وري ڪنهن مرڪب جا، ڪي جزا اهڙا هوندا آهن جو، اگر اهي جزا نه هوندا ته مرڪب ناقص ۽ اڌرو ٿي پوندو جهڙوڪ جهاز ۽ گاڏي جيڪڏهن پائليٽ ۽ ڊرائيور نه هجن ته جهاز ۽ گاڏي جو ڪو فائدو نه ٿيندو.

رهبري ۽ اڳواڻي به اهڙي ريت آهي ڇاڪاڻ جو انسان کي ربّ پاڪ سان ڳنڍڻ واري شيءَ ولايت آهي جيڪڏهن ولايت نه هوندي ته خلقت ۽ نعمتون نقمت ۽ مصيبت ۾ تبديل ٿي وينديون ۽ اهي شيئون ڪڏهن به انسان کي ربّ پاڪ تائين پهچائي نه سگهنديون.

نڪتو:

سوره بقره جي آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ڪافرن جي اِڇا هئي ته مسلمان سئين دڳ تان ٿڙي وڃن، ربّ پاڪ فرمايو: اوهان مسلمان، ان کي درگذر ڪري ڇڏيو ايستائين جو رب پاڪ جو امرُ اچي، مسلمان انتظار ۾ هيا، ايستائين جو آيه اڪمال دين ” الْيَوْمَ أَكْمَلْتُ لَكُمْ دِينَكُمْ“ نازل ٿي ۽ ڪافر مايوس ۽ نا اميد ٿيا.

رايا (0) هٽس: 2776

سورت آل عمرآن قسط 8

آيت نمبر93:

كُلُّ الطَّعَامِ كَانَ حِـلاًّ لِّبَنِي إِسْرَائِيلَ إِلاَّ مَا حَرَّمَ إِسْرَائِيلُ عَلَى نَفْسِهِ مِن قَبْلِ أَن تُنَزَّلَ التَّوْرَاةُ قُلْ فَأْتُواْ بِالتَّوْرَاةِ فَاتْلُوهَا إِن كُنتُمْ صَادِقِينَ

بني اسرائيل لاءِ سڀ (پاڪ) کاڌا حلال هئا سواءِ انهن جي جن کي اسرائيل(يعقوب) تورات جي نازل ٿيڻ کان اڳي پاڻ تي حرام ڪري ڇڏيو هو، (جيئن اٺ جو گوشت جيڪو هن جي لاءِ نقصان رکندڙ هو) اي رسول چئو جيڪڏهن توهان (پنهنجي اعتراضن ۾) سچا آهيوته تورات آڻيو ۽ ان کي پڙهي ڏسو. (اهي ڳالهيون جيڪي گذريل نبين ڏي منسوب ڪندا آهيو، ايستائين جو ڇا توهان جي تحريف ٿيل تورات ۾ اهي ڳالهيون ناهن؟)

سورت آل عمران قسط 6

سورت آل عمران آيت 77

إِنَّ الَّذِينَ يَشْتَرُونَ بِعَهْدِ اللّهِ وَأَيْمَانِهِمْ ثَمَنًا قَلِيلاً أُوْلَـئِكَ لاَ خَلاَقَ لَهُمْ فِي الآخِرَةِ وَلاَ يُكَلِّمُهُمُ اللّهُ وَلاَ يَنظُرُ إِلَيْهِمْ يَوْمَ الْقِيَامَةِ وَلاَ يُزَكِّيهِمْ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ

جيڪي الله سان ڪيل پنهنجي واعدن ۽ قسمن کي ٿوري قيمت تي وڪڻي ڇڏيندا آھن انهن جو آخرت ۾ ڪو حصو نه آھي ۽ قيامت جي ڏينھن الله ساڻن نه ڳالھائيندو ۽ نه ئي اُنھن ڏانھن نھاريندو ۽ کين (گناھن کان) پاڪ به نه ڪندو، ۽ اُنھن لاءِ دردناڪ عذاب آھي.

سورت آل عمرآن قسط 7

آيت نمبر86:

كَيْفَ يَهْدِي اللّهُ قَوْمًا كَفَرُواْ بَعْدَ إِيمَانِهِمْ وَشَهِدُواْ أَنَّ الرَّسُولَ حَقٌّ وَجَاءهُمُ الْبَيِّنَاتُ وَاللّهُ لاَ يَهْدِي الْقَوْمَ الظَّالِمِينَ

خدا اهڙي قوم جي هدايت ڪيئن ڪندو جيڪا ايمان آڻڻ کان پوءِ ڪافر ٿي ويئي، حالانڪه اها قوم پاڻ گواهه آهي ته (آخري) رسول حق تي آهي ۽ انهن وٽ کليل نشانيون به اچي چڪيون آهن. بيشڪ الله تعالى ظالم قوم جي هدايت نٿو ڪري.

شان نزول سورت آل عمران قسط 5

سورت آل عمران، آيتون65 کان 68 تائين:

يَا أَهْلَ الْكِتَابِ لِمَ تُحَآجُّونَ فِي إِبْرَاهِيمَ وَمَا أُنزِلَتِ التَّورَاةُ وَالإنجِيلُ إِلاَّ مِن بَعْدِهِ أَفَلاَ تَعْقِلُونَ* هَاأَنتُمْ هَؤُلاء حَاجَجْتُمْ فِيمَا لَكُم بِهِ عِلمٌ فَلِمَ تُحَآجُّونَ فِيمَا لَيْسَ لَكُم بِهِ عِلْمٌ وَاللّهُ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لاَ تَعْلَمُونَ * مَا كَانَ إِبْرَاهِيمُ يَهُودِيًّا وَلاَ نَصْرَانِيًّا وَلَكِن كَانَ حَنِيفًا مُّسْلِمًا وَمَا كَانَ مِنَ الْمُشْرِكِينَ * إِنَّ أَوْلَى النَّاسِ بِإِبْرَاهِيمَ لَلَّذِينَ اتَّبَعُوهُ وَهَـذَا النَّبِيُّ وَالَّذِينَ آمَنُواْ وَاللّهُ وَلِيُّ الْمُؤْمِنِينَ

v اي ڪتاب وارؤ (حضرت) ابراھيم (ع) بابت ڇو بحث ڪريو ٿا؟جڏهن ته توريت ۽ انجيل هن کان پوءِ لاٿا ويا، ڇا اوھين سمجھندا نه آھيو؟