جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

عورت جو مقام ۽ قرآن3 ۽ آخري

مرد جو فيملي لاءِ قوام هجڻ:
قرآن پاڪ جي سورت نساء ۾ آيت نمبر 34 ۾ آيو آهي ته: ”الرِّجَالُ قَوَّامُونَ عَلَى النِّسَاء“ هتي قواميت جون مختلف معنىئون ڪيون ويون آهن.
اڳواڻي، سرواڻي، حاڪميت، مسئوليت، مديريت

اهو به معلوم آهي ته هتي معنى فيملي جي اڳواڻي لاءِ بحث ڪئي وڃي ٿي. دنيا جو اهو دستور آهي ته هڪ فيميلي جي اڳواڻي پنجن قسمن ۾ تقسيم ٿيندي آهي.
1. مرد جي اڳواڻي
2. عورت جي اڳواڻي
3. ٻئي اڳواڻ
4. اڳواڻ ڪير به نه آهي
5. مرد تي گهر جي ٻاهريان اڳواڻي ۽ عورت جي گهر اندر اڳواڻي
جيڪڏهن انهن قسمن ۾ غور سان نگاه ڪئي وڃي ته سواءِ پنجين قسم جي، باقي سڀ قسمون گهر جي جهڙي جهٽي کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿو ٿئي ۽ اهو پنجون قسم سنت نبوي مطابق پڻ آهي، پاڻ سڳوري مولاءِ ڪائنات ۽ سچي سائڻ جي درميان مسئوليت ورهائي هئي. (6)
جڏهن اهو مڃيوسين ته مسئوليت ورهايل آهي ته قرآن اهو حڪم ڏئي ٿو ته: پهريان مردن جو وظيفو آهي ته زندگي جو خرچو برداشت ڪن، ”وَبِمَا أَنفَقُواْ مِنْ أَمْوَالِهِم(سورت نساء، آيت34.)
ان ڪم جو ورهائجڻ به قرآن ۾ موجود آهي. ”بِمَا فَضَّلَ اللّهُ بَعْضَهُمْ عَلَى بَعْضٍ“(7)
ٻيو اهو ته قرآن فرمايو آهي ته: ”الرجال“ نه ”الرجل“ يعني مرد ذات، عورت ذات جا پاسدار آهن.
اها به هڪ حقيقت آهي ته مرد ۽ عورت جي ذميواري جو ورهاجڻ ڪو هڪٻئي تي برتري نه آهي ڇو جو هر ڪنهن جو ڪم ان جي طبيعت مطابق ورهايل آهي.
ڪڏهن ڪڏهن مرد جوعورت جي برابرهجڻ معاشري ۾ پاتو وڃي ٿو ته اهو به قرآن مطابق آهي يعني هن آيت ۾ گهر واري جي مقابلي جي ڳالهه آهي ۽ اسلام ۾ ڪٿي به اهو نه چيو ويو آهي ته مرد ذات، عورت ذات تي برتري رکي ٿو.(8)
گهر ورايءَ کي مار ڏيڻ:
قرآن پاڪ جي سورت نساء آيت نمبر34 ۾ آيو آهي: ”وَاضْرِبُوهُنَّ“ ته ان جي معنى ڇا آهي؟
هن آيت جي تفسير لاءِ ڪجهه مهم نڪتن ڏي توجهه ڏيارجي ٿي:
الف: هن آيت ۾ اهي عورتون جيڪي نافرمان هونديون آهن (نه سڀ جون سڀ عورتون) انهن سان جيڪڏهن ڪير شادي ڪري ته زندگي ڪرڻ انهن سان ڏکي هوندي آهي، ته قرآن پاڪ اهڙين عورتن سان زندگي گهارڻ جا ڪجهه اصول ۽ ڪجهه مرحلا بيان ڪيا آهن:
1. سڀ کان پهريان نصيحت ڪري
2. جيڪڏهن اثر نه ٿئي ته پنهنجو بسترو هن کان جدا ڪري ته جيئن هو ان عادتن کان پرهيز ڪري.
3. جيڪڏهن ان مرحلي جو به اثر ظاهر نه ٿئي ته پوءِ تنبيه (مار ڏئي) ڪري اهو آخري مرحلو آهي.
ان ڳالهين جو مطلب گهر واري کي اذيت ڪرڻ ڪونهي بلڪه رڳو تنبيه ڪرڻ ئي آهي.
ب: جيڪي عورتون (لجوج يا سرڪش) نافرمان هونديون آهن انهن جي تنبيه ڪرڻ لاءِ اسلامي حديثن اهو آيو آهي ته: ڏندوڻ جي ڪاٺي سان تنبيه ڪئي وڃي اهڙي طرح جو نه هن جو جسم ڳاڙهو ٿئي ۽ نه وري ڪارو ٿئي ۽ مارجي ته آرام آرام سان ته جيئن پنهنجي غلطي ڏي متوجهه ٿئي.
عن النبي  ضرب بالسواک (9)
عن الباقر بانه الضرب بالسواک (10)
عن النبي اذا عصينکم في المعروف ضربا غير مبرح (11)
ج: جيڪڏهن ڪنهن مرد پنهنجي گهر واري کي اهڙي ريت مار ڏني جو هن جو جسم ڳاڙهو يا ڪارو ٿي وڃي يا ڪو هڏ ڀڄي پوي ته ان جي لاءِ قصاص جو حڪم واجب ٿي وڃي ٿو.(12)
هتي ٻيون مختلف تفسيرون پڻ ڪيون ويون آهن پر اسان انهي تي اڪتفاء ڪيون ٿا ته هڪ، اهو ته هر عورت کي مارڻ جو حڪم ڪونهي، بلڪه جيڪا نا فرمان آهي ان لاءِ اهو حڪم ٻڌايو ويو آهي. ٻيو، اهو ته اهو مارڻ شروع ۾ نه آهي بلڪه مرحلي به مرحلي سان مارڻ جي نوبت اچي ٿي. ٽيون اهو ته، مارڻ به خفيف هلڪو آهي جنهن تي علماء جو اتفاق ۽ حديثن جو ثبوت پڻ آهي، جيڪڏهن ڪنهن زخم جو باعث ٿئي ته ان وقت مرد تي قصاص لازم آهي.
عورت جو ورثو مرد جي ورثي ڀيٽ اڌ هجڻ
هتي ڪجهه نڪتن ڏي توجهه ڏيڻ سان اسان جو مسئلو حل ٿي ويندو.
1_قرآن پاڪ ۾ آيو آهي ته حقيقت ۾ ورثو عورت جو آهي ۽ مرد جي ورثي کي ان جو ٻه برابر قرار ڏنو اٿس ان ۾ ضرور ڪا حڪمت خدا آهي. جو اصل ورثو عورت جو هجي پر مرد کي ان جي ٻه برابر چيو ويو آهي: لِلذَّكَرِ مِثْلُ حَظِّ الأُنثَيَيْنِ (سورت نساء، آيت نمبر 11)
پُٽ لاءِ (حصّو) ٻن ڌيئرن جي ڀاڱي جيترو آھي.
2_ لما سئل عن علة إعطاء الذ كر مثل حظ الانثيين): إن المرأة ليس عليها جهاد و لا نفقة و لا معقلة، وإنما ذلك على الرجال (13)
امام صادق (انهي سوال جي جواب ۾ :فرمايو) ته ڇو جو عورت تي نه جهاد واجب آهي، نه وري نفقو (خرچو)نه ئي ديو، اهي سڀ ڪجهه مرد تي واجب آهن.
3_ عورت جو ورثو جيڪو هوندو اهو ذخيرو ٿيندو ۽ مرد جو ورثو خرچ ٿيندو زندگي جي مختلف موڙن تي، شادي، بياهه وغيره تي ان ڪري مرد حضرات وڌيڪ حصي جا حقدار آهن.
ٻن عورتن جي گواهي هڪ مرد جي گواهي جي برابر هجڻ
هن جواب کي بيان ڪرڻ کان پهريان قرآن پاڪ جي سورت بقره جي آيت نمبر282 منجهان ڪجهه حصو پيش ڪريون ٿا:
” يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُواْ إِذَا تَدَايَنتُم .... وَاسْتَشْهِدُواْ شَهِيدَيْنِ من رِّجَالِكُمْ فَإِن لَّمْ يَكُونَا رَجُلَيْنِ فَرَجُلٌ وَامْرَأَتَانِ مِمَّن تَرْضَوْنَ مِنَ الشُّهَدَاء أَن تَضِلَّ إْحْدَاهُمَا فَتُذَكِّرَ إِحْدَاهُمَا الأُخْرَى وَلاَ يَأْبَ الشُّهَدَاء إِذَا مَا دُعُواْ وَلاَ تَسْأَمُوْاْ أَن تَكْتُبُوْهُ صَغِيرًا أَو كَبِيرًا إِلَى أَجَلِهِ ذَلِكُمْ أَقْسَطُ عِندَ اللّهِ وَأَقْومُ لِلشَّهَادَةِ وَأَدْنَى أَلاَّ تَرْتَابُواْ إِلاَّ أَن تَكُونَ تِجَارَةً حَاضِرَةً تُدِيرُونَهَا بَيْنَكُمْ فَلَيْسَ عَلَيْكُمْ جُنَاحٌ أَلاَّ تَكْتُبُوهَا وَأَشْهِدُوْاْ إِذَا تَبَايَعْتُمْ وَلاَ يُضَآرَّ كَاتِبٌ وَلاَ شَهِيدٌ وَإِن تَفْعَلُواْ فَإِنَّهُ فُسُوقٌ بِكُمْ وَاتَّقُواْ اللّهَ وَيُعَلِّمُكُمُ اللّهُ وَاللّهُ بِكُلِّ شَيْءٍ عَلِيمٌ “
اي مؤمنؤ جڏھن ڪنھن ٺھرايل (مُدت) تائين قرض جو معاملو ڪريو ... ۽ پنھنجن (مسلمانن) مڙسن مان ٻه گواھ شاھد ڪريو، پوءِ جيڪڏھن ٻه مڙس نه ھجن ته ھڪ مڙس ۽ ٻه زالون (اُنھن) شاھدن مان جيڪي اوھان کي وڻن (شاھد ڪريو ھن لاءِ) ته جي اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي، ۽ جڏھن شاھد (شاھديءَ ڏانھن) سڏيا وڃن ته انڪار نه ڪن، ۽ اُن جي مدت تائين ٿوري يا گھڻي (قرض) جي لکي ڏيڻ کان نه ٿڪجو، اِھو (لکڻ) الله وٽ انصاف کي تمام ويجھو ۽ شاھديءَ لاءِ بلڪل بيھڪ وارو آھي ۽ اوھان جي شڪ ۾ نه پوڻ کي (به) ڏاڍو ويجھو آھي پر جيڪڏھن اوھان جو واپار رُوبرو ھجي جو اوھين ھٿون ھٿ پاڻ ۾ پيا ڪريو ته اُن جي نه لکڻ ۾ اوھان تي ڪو گناھ نه آھي، ۽ جڏھن ڳنھو وڪڻو ته شاھد ڪريو، ۽ لکندڙ ۽ شاھد کي نه ڏکوئجي، ۽ جيڪڏھن (اھڙو ڪم) ڪندؤ ته اُھو اوھان کي گُناہ آھي، ۽ الله کان ڊڄو، ۽ الله اوھان کي سيکاري ٿو، ۽ الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.
هيءُ آيت قرآن پاڪ جي مڙني آيتن کان وڏي آيت آهي.
هن هڪڙي آيت منجهان پندرنهن حڪم نڪرن ٿا.
مرد ۽ عورت جي شاهدي ۾ فرق هجڻ تي ڪجهه اهم نڪتا:
1_ انهي جي حڪمت خود ان آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي ته: ” أَن تَضِلَّ إْحْدَاهُمَا فَتُذَكِّرَ إِحْدَاهُمَا الأُخْرَى “ (اُنھن (ٻنھي) مان ھڪڙي وساريندي ته اُنھن مان ٻي کيس ياد ڏياريندي) اها ڳالهه فطري به آهي ته عورتون اقتصادي مسئلن ۾ تمام گهٽ درگير هونديون آهن ۽ اقتصاد کي اهميت به گهٽ ڏينديون آهن.
2_ عورتون احساساتي ۽ مرد جي مقابلي حياء دار هونديون آهن ان ڪري جلدي ڊجنديون ۽ تسليم به جلد ٿينديون آهن.
3_ عورتون گهريلو مسئلن ۾ گهڻيون الجهيل هونديون آهن ۽ عام زندگي جي مسائل کان واقف نه هونديون آهن اقتصادي چڪرن کي گهٽ سمجهي سگهنديون آهن.
4_ جيتوڻيڪ آيت ۾ به آيو آهي ته صرف اقتصادي مسئلن ۾ ٻن عورتن جي گواهي هڪ مرد جي برابر آهي (14)
ڪجهه جڳهين تي صرف عورت جي گواهي ئي قابل قبول هوندي آهي، جيئن عورتن جي خاص عيبن جي باري ۾ هتي مرد جي گواهي کي رد ڪيو ٿو وڃي صرف عورت جي گواهي کي مڃيو وڃي ٿو.
اسان هن مختصر لکڻي ۾ اها ڪوشش ڪئي سون ته عورت جي مقام کي قرآن پاڪ ڪيترو بيان ڪيو آهي، ان شاء الله قارئين هن مختصر لکت مان اهو ضرور سمجهي ويا هوندا ته قرآن ۽ مذهب اسلام ۾ عورت جو ڪيترو عظيم مقام آهي.
حوالا
1) فقه ۾ ايلاء جو مطلب آهي ته: مرد جو پنهنجي گهرواري لاءِ قسم کائڻ ته مان هاڻي چار مهينا يا ان کان وڌيڪ پنهنجي زال سان همبستر نه ٿيندس. (تفسير قرطبي، ج۳، ص۱۰۴-۱۰۵.)
2) فقه ۾ ظهار طلاق جو هڪ قسم آهي جيڪو عربن جي جهالت واري زماني ۾ استعمال ٿيندو هو جنهن ۾ هن ريت چيو ويندو هو ته: ”ظَهركَعَلّي كَظَهر أمّي عَليّ“ يعني تنهنجي پُٺ ڄڻ منهنجي امڙ جي پُٺ آهي ۽ هاڻي تو سان همبستر ٿيڻ مون تي حرام آهي ائين چوڻ سان اها عورت هميشه لاءِ حرام ٿي ويندي هئي (قمي، علي بن ابراهيم؛ تفسير قمي، تحقيق طيب موسوي، قم، دارالڪتاب، 1404ق، ج1، ص14 ۽ فيض کاشان، ملامحسن؛ تفسير صافي، قم، الهادي، 1416ق، ج5، ص143).
3) المفصل في تاريخ العرب قبل الاسلام، ج5، ص550 ۽ 551.
4) شهيد مطهري، نظام حقوق زن، ص 373 ۽ 374.
5) صادقي، نگاهي به جايگاه زن در اسلام، ص 32.
6) بحار الانوار، ج43، ص81.
7) ساڳيو
8) تفسير تسنيم، ج17، ص554.
9) شيخ طوسي، تفسير تبيان، ذيل آيت مورد نظر 34 سورت نساء.
10) تفسير نور الثقلين، ج1، ص.478
11) تفسير درالمنثور، ج2، ص155.
12) علامه فضل الله، تفسير من وحي القرآن، ج7، ص228
13) ڪافي، ج 7، ص 85 ۽ ميزان الحڪمة، ج11، ص93.
14) رجوع ڪيو وڃي، تحرير الوسيله، ڪتاب شهادات، مسئله نمبر4

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي