ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

حضرت فاطمه معصومه (س) جون فضيلتون

چوڏهن معصوم ڪائنات ۾ الله سائين جون اهي عظيم هستيون آهن جو دنيا ۾ سندن ڪو مٽ ۽ مثال نه ٿو ملي، هي اهي هستيون آهن جن کي خالق جي ذات اهڙو ته پاڪ بڻايو آهي جهڙو پاڪ رکڻ جو حق آهي، ۽ سندن ئي پاڪ صلب مان ڪن اهڙين هستين جنم ورتو جيڪي وڏي عظمت جون مالڪ آهن، انهن هستين مان اسان جي ستين امام موسى ڪاظم عليه السلام جي نياڻي ۽ اٺين امام

علي رضا عليه السلام جي ڀيڻ حضرت معصومه سلام الله عليها پڻ آهن جن جو روضو مبارڪ ايران جي شهر قم المقدسه ۾ عام و خاص لاءِ برڪتن ڀريو شاهڪار آهي، هن مقالي ۾ ان عظمت واري بيبي جي ڏهن فضيلتن تي نظر وجھنداسين.

1_پيغمبر اڪرم ص) جي نياڻي:

سائڻ جي زيارت نامي ۾ جيڪو زيارت نامو امام رضا عليه السلام کان نقل ٿيل آهي حضرت معصومه کي هن عنوان سان لقب ڏنل آهن ته:

رسول خدا ص جي نياڻي، فاطمه و خديجه س) جي نياڻي اميرالمؤمنين عليه س) جي نياڻي، حسن و حسين عه) جي نياڻي، ولي خدا (ستين امام ڪاظم عه ) جي نياڻي، ولي خدا عه اٺين امام رضا( ) جي ڀيڻ، ولي خدا ( نائين امام جواد تقي ( ) جي پڦي طور ياد ڪيو ويو آهي. هي لقب ۽ منزلتون رڳو سائڻ جي شرافت کي بيان نٿيون ڪن بلڪه انهي شرافت ۽ عظمت کان علاوه هن شي کي به بيان ڪن ٿيون ته حضرت معصومه سلام الله عليها معنويت ۽ مقام جي اعتبار سان پيغمبر ص ، حضرت زهرا ۽ حضرت خديجه سلام الله عليهما ۽ معصوم امام جي اولاد آهي.

2_سائڻ جي عصمت ۽ طهارت:

اسان جي اٺين پيشوا حضرت امام علي رضا عليه السلام کان نقل ٿيل آهي ته: .مَنْ زارَ الْمَعْصُومَهَ بِقُمْ كَمَنْ زارَني.جنهن به قم ۾ حضرت معصومه (س) جي زيارت ڪئي ڄڻ انهي منهنجي (امام رضا () ) جي زيارت ڪئي اٿس.1

جيتوڻيڪ سائڻ جي مقام عصمت ۽ طهارت لاءِ ٻيون مثالون به ڪئي آهن پر مٿين روايت ۾سائڻ جي عظمت ۽ عصمت کي واضح بيان ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته ته اهو معصومه وارو لقب جيڪو وڏي سائڻ زهرا سلام الله عليها سان منسوب آهي، امام رضا عليه السلام پاڻ کين عطا ڪيو آهي ۽ ٻيو ان ڪري ته سائڻ جي زيارت جو ثواب به امام رضا عليه السلام جي زيارت جي ثواب جيترو ٻڌايو ويو آهي.

3_حضرت امام صادق عليه السلام جي سائڻ حضرت معصومه س) جي ولادت کان پهريان خبر ڏيڻ:

سائڻ جي عظمت ۾ ڪي اهڙيون ڳالهيون به نقل ٿيل آهن جيڪي خصوصي طور سائڻ معصومه (س) جي عظمت کي بيان ڪن ٿيون، جيتوڻيڪ سائڻ اڃا هن ظاهري دنيا ۾ قدم ئي نه رکيو هو، ايستائين جو سائڻ جي والد بزرگوار به هن دنيا ۾ظاهري طور پير نه پاتو هو پر ان وقت به اسان جي ڇهين امام، سائڻ جي عظمت کي بيان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ ان سلسلي ۾ گهڻائي مثال ملن ٿا پر هتي مختصر طور ڪجهه مثالن کي بيان ٿا ڪريون:

الف: سائڻ جي ولادت کان پهريان امام صادق عليه السلام فرمايو آهي ته: .وَسَتُدفَنُ فِيها اِمْرَأَهٌ مِنْ اَوْلادِی تُسَمی فاطِمَهُ، فَمَنْ زارَها وَجَبَتْ لَهُ الْجَنَهُ. سگھوئي قم جي شهر ۾ منهنجي اولاد منهجان هڪ خاتون دفن ڪئي ويندي جنهن جو نالو فاطمه (س) هوندو، جيڪو به هن جي زيارت ڪندو انهي لاءِ جنت واجب ٿي ويندي.

هن روايت جي وضاحت ڪندي علماء لکيو آهي ته انهي روايت کي امام صادق (ع) جن، امام ڪاظم (ع) جي ولادت کان پهريان فرمايو آهي. 2

ان روايت مان اهو نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته حضرت امام ڪاظم عه جي ولادت سن 128 هه ، ق، ۾ ٿي ۽ حضرت معصومه (س) جي ولادت سن 173 هه، ق ۾ ٿي، ته پوءِ انهي حساب سان اهو قول سائڻ جي ولادت کان گھٽ مان گھٽ 45 سال پهريان بيان ڪيل آهي.

اهڙي اڳڪٿي امام صادق عه هڪ ٻي مقام تي به بيان ڪئي آهي ته:

. قم ۾ هڪ نياڻي منهنجي اولاد مان رحلت ڪندي، ۽ انهي جي شفاعت سان منهنجا سڀئي شيعا بهشت ۾ داخل ٿيندا.. 3

4_سندن پيءُ جو مٿن قربان ٿيڻ.

سائڻ حضرت زهرا سلام الله عليها جي هڪ وڏي فضيلت اها آهي ته حضرت رسول اڪرم ص ڪيترائي مرتبه سائڻ جي شان ۾ فرمايو آهي ته : .فَداها اَبْوها. سندس پيءُ مٿس قربان ٿئي4.

پاڻ سڳورنص جو اهو فرمان حضرت زهرا سلام الله جي وڏي مقام ۽ مرتبي کي بيان ڪري ٿو.

۽ ساڳيو ئي جملو حضرت معصومه (س) جي باري ۾ به سندن والد محترم امام موسى ڪاظم عه پڻ فرمايو آهي :

مرحوم آيت الله مستنبط عه آيت الله سيد خويي رح جو پهريون ناٺي ) ڪتاب ڪشف اللئالي مان نقل ڪيو آهي ته : امام ڪاظم (ع) جي زماني ۾ جمعي جي ڏينهن ڪجهه شيعان حيدر ڪرار پنهنجي سوالن جا جواب وٺڻ لاءِ مديني ۾ داخل ٿيا ته جيئن امام موسى ڪاظم عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿين، پر جيئن ته امام عليه السلام جن مسافرت تي هئا، تنهن جي ڪري مجبور ٿي انهن واپس وڃڻ چاهيو ۽ پنهنجا سوال لکي امام موسى ڪاظم عليه السلام جي ڪٽنب جي ماڻهن جي حوالي ڪري هليا ويا ۽ اهو سوچيائون ته سوالن جا جواب ڪنهن ٻئي سفر تي اچي وٺنداسين، ڪجهه دير کان پوءِ خدا حافظي ڪندي ڏٺائون ته حضرت معصومه (س) انهن جي سوالن جا جواب لکي ڇڏيا هئا، انهن سوالن جا جواب ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ پنهنجي وطن واپس موٽي رهيا هئا ته رستي ۾ انهن جي امام موسى ڪاظم عه سان ملاقات ٿي ته انهن مديني شريف واري قصي جو تفصيلي احوال امام عليه السلام سان بيان ڪيو ته امام عليه السلام انهن کان اهي جواب جيڪي سائڻ لکيا هئا طلب ڪيائين ۽ پاڻ عليه السلام انهن جو مطالعو ڪيائون ۽ جڏهن سوالن جا جواب صحيح ڏٺائون ته امام عليه السلام ٽي مرتبه فرمايو : .فَداها اَبْوها. سندس پيءُ مٿس قربان ٿئي.5 جڏهن ته سائڻ معصومه (س) انهي وقت اڃا ننڍپڻ جي زندگي گذاري رهيون هيون.

5_عالمه ، محدثه ۽ امامن لاء ِحجت ۽ امين

سائڻ جي فضيلتن مان هڪ فضيلت اها هئي ته آل محمد ( جي علمن کان واقف هيون ۽ انهي علم کي ٻين مومنن ۽ آينده نسلن جي لاءِ بيان ڪنديون هيون، ايستائين جو کين راوين ۽ محدثن منهجان شمار ڪيو ويندو هو، ۽ جنهن روايت ۾ امام عليه السلام سائڻ لاءِ فرمايو ته : .سندس پيءُ مٿس قربان ٿئي. سٺي نموني انهي ڳالهه کي سمجھائي ٿي ته سائڻ جوپاڪ وجود پنهنجي پيءُ امام ڪاظم ( لاءِ حجت ۽ امين هو . جيئن زيارت غير معروفه ۾ به ۾ نقل ٿيل آهي ته : .اَلسَلامُ عَلَيْكِ يا فاطِمَهُ بِنْتَ مُوسَي بْنِ جَعْفَرٍ و حُجَتِهِ وَاَمِينِهِ. سلام هجي توتي اي فاطمه موسى بن جعفر (ع) جي نياڻي ۽سندن لاءِ حجت ۽ امين6

انهي مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته حضرت معصومه حضرت امام موسى ڪاظم ( لاءِ حجت ۽ امين هيون.

جيتوڻيڪ گهڻيون روايتون سائڻ کان روايت نه ڪيون ويون آهن پر ڪجهه روايتن ڏانهن هيٺ اشارو ڪيو ٿو وڃي.

1 : ڪتاب الغدير ۾، اهل سنت جي ڪيترن ئي ڪتابن مان حديث منزلت) سائڻ کان نقل ڪئي وئي آهي.

2 : مٿي ذڪر ٿيل حوالي سان حضرت معصومه (س) کان، حضرت زهرا سلام الله عليها جي واسطي سان، رسول اڪرم ص جي معراج جو قصو نقل ٿيل آهي.

3 : حضرت معصومه (س) ڪجهه واسطن سان رسول اڪرم (ص) جي پڦي کان امام حسين عه جي ولادت وارو قصو نقل ڪيو آهي.

4 : جڏهن سائڻ معصومه ساوهه م بيمار ٿي پئي هئي ته سائڻ فرمايو : مونکي قم وٺي هلو ڇو جو مون پنهنجي پيءَ کان ٻڌو هو ته : قم اسان جي شيعن جو مرڪز آهي.

6_حضرت معصومه (س ) جو حرم حضرت زهرا (س) جي مزار جو جلوه گاهه.

مرجع تقليد مرحوم آيت الله العظمى سيد شهاب الدين مرعشي نجفي فرمائيندا هئا ته : منهنجي پيءَ مرحوم آيت الله سيد محمود مرعشيؒ نجف ۾ رهندو هو، ۽ سندن اها دلي خواهش هئي ته ڪيئن به ڪري حضرت زهرا (س) جي اصلي قبر اطهر کي تلاش ڪيان، انهي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ مجرب دعا کي انتخاب ڪيائون، انهي دعا کي 40 چاليهه راتيون پڙهندا رهيا ته جيئن کين انهي دعا وسيلي حضرت زهرا (س) جي اصلي قبر ملي پوي، چاليهين رات ورد پوري ڪرڻ کان پوءِ بستري تي سُتا خواب ڏٺائون ته امام باقر (ع) (يا امام صادق عه) جي خدمت ۾ حاضر ٿيا آهن ۽ امام عليه السلام فرمائي رهيا آهن : . عَلَیْكَ بِكَریمَهِ اَهْلِ الْبَیْتِ . ڪريمه اهل بيت جي دامن کي پڪڙ.. هن اهو سوچيو ته شايد امام جو انهي جملي مان مقصد، حضرت زهرا (س) آهي، ته عرض ڪيائين . قربان وڃان ! مون انهي ڪري ئي ته هي ورد پڙهيو آهي ته جيئن سندن اصلي قبر اطهر جي زيارت ڪيان.

امام (ع) فرمايو ته : .ان جملي مان منهنجو مقصد قم ۾ حضرت معصومه (س) جي قبر مطهر آهي “ انهي کان پوءِ امام فرمايو ته : ڪجهه مصلحتن خاطر ڌڻي تعالي چاهيو ته حضرت زهرا (س) جي قبر مطهر هميشه لاءِ لڪيل رهي ته حضرت معصومه (س) جي قبر مطهر کي سندن قبر مطهر جو جلوه گاهه قرار ڏئي ڇڏيائين.7

7_سندن مخصوص زيارت نامو:

حضرت بيبي معصومه (س) جي هڪ منفرد فضيلت اها آهي ته سندن زيارت نامو مخصوص آهي، جيڪو حضرت امام رضا عليه السلام جي واسطي سان سائڻ جي شان ۾ بيان ڪيل آهي.8 ڇاڪاڻ ته حضرتزهراسلام الله عليها کانپوءِ هي ئي اها بيبي آهي جنهن لاءِ هڪ معصوم امام زيارت نامو پڙهيو آهي.

8_سائڻ جا لقب هڪ پيغام .

سائڻ جي باري ۾ جيڪي ٻه زيارت نامه نقل ٿيل آهن جن مان هڪ مشهور آهي، جنهن کي علامه مجلسي امام رضا عليه السلام کان نقل ڪيو آهي. 9

۽ ٻيو زيارت نامو اهو آهي جيڪو شيخ محمد علي بن حسين ڪاتوزيان، پنهنجي ڪتاب انوار المشعشعين جي پراڻي ڇپائي جلد نمبر 1 ۾ نقل ڪيو آهي . انهي زيارت نامي مان ڪجهه جملا هن ريت آيا آهن:

.اَلسَلامُ عَلَيْكِ اَيَتُهَا الطاهِرَهُ الْحَمِيدَهُ الْبَرَهُ الرِشِيدَهُ، التَقِيَهُ النَقِيهُ الرَضِيَهُ الْمَرْضِيَهُ .

سلام هجي تو تي اي پاڪ ، تعريف جي لائق، نيڪ، فلاح پاتل، پاڪيزه، خدا جي رضا تي راضي رهڻ واري ۽ اي خدا جي پسنديدهه ڪنيز.10

9_سائڻ جي وسيع شفاعت:

اها روايت جيڪا سائڻ جي ولادت جي باري ۾ امام صادق (ع) جن فرمائي هئي انهي روايت جي هيٺ هي جملو به آيو آهي ته:

....وَاِسْمُها فاطِمَهُ بِنْتُ مُوسی، تَدْخُلُ بِشَفاعَتِها شِیعَتُنا الْجَنَهَ بِاَجْمَعِهمْ .

هن جو نالو فاطمه آهي ۽ موسى ڪاظم (ع) جي ڌيءُ آهي، انهي جي شفاعت سان اسان جا سڀئي شيعه بهشت ۾ داخل ٿيندا.11

هي روايت انهي ڳالهه کي سمجھائي ٿي ته سائڻ جي هڪ خاص عظمت آهي جنهن عظمت جي ڪري سندن شفاعت سڀني شيعن کي شامل ٿيندي.

10­_سائڻ جي زيارت جو بهترين اجر:

سائڻ جي زيارت جي ثواب جي سلسلي ۾ ڪيتريون ئي روايتون نقل ٿيل آهن پر اسان هتي اختصار جو لحاظ ڪندي ڪجهه ڏانهن اشارو ڪيون ٿا.

1_ امام جعفرصادق عليه السلام سندن هڪ گفتگو دوران فرمايو آهي ته :

. ... مَنْ زارَها وَ جبت لَهُ الْجَنَه . جنهن به هن جي زيارت ڪئي ته انهي شخص لاءِ بهشت واجب آهي.12

2_ ۽ وري فرمايائون ته: . اِنَ زيارتَها تَعْدِلُ الْجَنَهَ . سندن زيارت بهشت حاصل ڪرڻ جي برابر آهي. 13

3_ سعد بن سعد اشعري ٿو چوي ته : مون مولا رضا عه کان حضرت معصومه (س) جي قبر مبارڪ جي زيارت جي ثواب جي باري ۾ سوال ڪيو ته پاڻ فرمايائون: . مَنْ زارَها فَلَهُ الْجَنَهُ . جنهن به هن جي زيارت ڪئي ته انهي لاءِ بهشت واجب ٿي وڃي ٿي.14

4_ هڪ ٻي جڳهه تي امام رضا عه فرمائن ٿا ته: .مَنْ زارَها عارِفاً بِحَقِها فَلَهُ الْجَنَهُ؛ . جنهن شخص به معرفت سان سندن زيارت ڪئي ته ان لاءِ بهشت واجب آهي.15

5_ ۽ هڪ ٻي جڳهه تي امام رضا (ع) جن فرمايو آهي ته: . مَنْ زارَ الْمَعْصُومَهَ بِقُمْ كَمَنْ زارَنی. جنهن به شخص قم ۾ معصومه جي زيارت ڪئي ته ڄڻ هن منهنجي زيارت ڪئي.16

حوالا

(1) ناسخ التواريخ، ج 3، ص 68، رياحين الشريعه، ج 5، ص 35.

(2) بحار الانوار، ج 60، ص 117.

(3) بحار الانوار، ج 60، ص228.

(4) بحار الانوار، ج 43، ‌ص 86 و 88

(5) ڪتاب ڪريمة اهلبيت، ص 63 و 64.

(6) انوارالمشعشين، ج 1، ص 211.

(7) ڪتاب ڪريمة اهل بيت(ع)، ص 43 تا 45ـ مان اقتباس ڪيل آهي. انهي واقعي کي مرحوم آيت الله العظمى سيد شهاب الدين مرعشي نجفي، ڪيترائي مرتبه مختلف ماڻهن لاءِ نقل ڪيو هو

(8) بحارالانوار، ج 102، ص 266.

(9) هي ڪتاب سن 1325 هجری قمری، ۾ لکيو ويو آهي.

(10) انوارالمشعشين، ج 1، ص 211.

(11) بحارالانوار، ج 60، ص 228.

(12) بحارالانوار، ج 48، ص 317.

(13) ڪجهه روايتن ۾ تعدل جي جاء تي تعادل آيو آهي (ساڳيو ج 60، ص 219)

(14) عيون اخبار الرضا ج 2، ص 267.

(15) بحارالانوار ، ج 48، ص 317.

ناسخ التواريخ، ج 3، ص 68؛ رياحين الرشيعه، ج 5، ص

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي