جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

حضرت بيبي فاطمه معصومه (س) جا معنوي مقام

سائڻ معصومه سلام الله عليها جي معنوي مقامن کي سمجهڻ جي شروعات پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن جي هن حديث سان ڪجي ٿي ، جنهن ۾ پاڻ فرمائن ٿا ته : احبو لله لما يغذوکم من نعمته و احبوني لحب الله و احبوا ذريتي لحبي اياهم.[1]يعني : الله تعالى سان محبت ڪريو انهي ڪري جو هن توهان کي نعمتون عطا ڪيون آهن ۽ الله جي محبت جي ڪري مون سان به محبت

ڪريو، ( ڇو جو مان الله تعالى جي طرفان موڪليل آهيان) ۽ منهنجي اولاد سان محبت ڪريو ڇو جو مان انهن سان محبت ڪريان ٿو.

هتي پيغمبر (ص) طرفان جنهن محبت جو مطالبو ڪيو ويو آهي سا رڳوانهي شخص کي حاصل ٿيندي آهي، جيڪو الله تعالى، پيغمبر (ص) ۽ ائمه معصومين جي معرفت کي حاصل ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندوهجي، ڇو جو محبت به معرفت جو هڪ حصو آهي ، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪنهن جي معرفت نه هوندي ته ساڻس محبت به نه ٿي سگهندي ۽ اسان جي ستين امام موسى ڪاظم عليه السلام جن جي نياڻي حضرت فاطمه معصومه سلام الله عليها سان محبت جو اظهار ڪرڻ ۽ سندن معرفت حاصل ڪرڻ پڻ ان محبت ۽ معرفت جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، سندن معرفت ۽ معنوي مقامن جي سمنڊ مان فيض پرائڻ کان پهرين ضروري آهي ته مختصر طور تي سندن خانداني پس منظر تي هڪ نگاهه وڌي وڃي.

سندن خاندان:

سندن نالو حضرت فاطمه ۽ مشهور لقب معصومه آهي ، سندن والد بزرگوارحضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام ، سندن والده محترمه بيبي نجمه خاتون جن آهن ۽ امام علي رضا عليه السلام سندن سڳا ڀاءُ آهن.[2]

سندن ولادت پهرين ذيقعد سن 173هه ، ق سومر ڏهاڙي ٿي .[3] ۽ پاڻ ڏهه ربيع الثاني سن 201 هه  ق تي قم شريف ۾ وفات ڪيائون ان حساب سان سندن عمر مبارڪ  27 سال ۽ ڪجهه مهينا ٿئي ٿي .

سندن معنوي مقام :

سندن شمار انهن بيبين مان ٿئي ٿو، جيڪي ڪمال جي وڏن رتبن تي پهتل هيون،  سائڻ جي عظمت ايڏي ته وڏي آهي جو محدثن، مؤرخن ۽ سيرت جي عالمن انهي ڳالهه تي اتفاق ڪيو آهي ته هي سائڻ ايتري عظمت واري آهي جو جڏهن به قم شهر جو نالو اچي ٿو ته سندن عظمت ۽ عزت سڀني کي ياد اچي ٿي وڃي ، سندن عظمت کي ان مان چڱي طرح سمجهي سگهجي ٿو ته جيتوڻيڪ سندن اصلي نالو ته فاطمه آهي پر پوري دنيا ۾ کين معصومه جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

  1. محدثه:

انهي ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته سڀ کان پهريان انسان جي ڪمال ۽ خدا جي قرب جو سبب علم ۽ سندس ذات جي معرفت حاصل ڪرڻ آهي. ڇاڪاڻ سندس معرفت ئي الله تعالى  دين جي بنياد آهي، امير المؤمنين علي عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: اول الدين معرفته[4] دين جي بنياد الله تعالى جي معرفت حاصل ڪرڻ آهي. معرفت جو هي مرتبو انبياء ، ائمه عليهم السلام ۽ سندن نيڪ اولاد وٽان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو. سائڻ معصومه (س) جنهن پنهنجي امام پيءُ وٽ تربيت حاصل ڪئي هجي ۽ امام علي رضا عليه السلام جهڙي ڀاءُ جي سائي ۾زندگي گذاري هجي ته يقيناً پاڻ معرفت جي بلند درجن تائين پهتل هونديون ، اهو ئي سبب آهي جو پاڻ محدثه جهڙي عظيم مرتبي جون مالڪ آهن ،  سندن ان مقام جي معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ کانئن روايت ڪيل ڪجهه حديثن کي ذڪر ڪجي ٿو.

1_ حديث غدير : شهيد قاضي نورالله شوشتري جن ڪتاب ” احقاق الحق“  ۾ ارجح المطالب جي حوالي سان بڪر بن احمد القصري کان حديث غدير کي نقل ڪري ٿو[5] هن حديث جي سند ۾ ڪجهه فاطمه نالي بيبين جو ذڪر آيو آهي،  جن ۾ حضرت  فاطمه معصومه سلام الله عليها جن شامل آهن ، ۽ هن سند ۾ دلچسپ نڪتو هي آهي ته انهن مان هڪ بيبي ، امام رضا عليه السلام جي نياڻي ، هڪ حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام جي نياڻي ( حضرت فاطمه معصومه ) ، هڪ بيبي امام جعفر صادق عليه السلام جي نياڻي  ۽ هڪ بيبي امام حسين عليه السلام جي نياڻي آهي .

۽ حافظ شمس الدين محمد بن جزري شافعي متوفي 813 ه . ق. به ساڳئي سند سان هي روايت حديث منزلت کي وڌائيندي نقل ڪئي آهي.[6]

2_ حضرت امام حسين عليه السلام جي ولادت واري حديث : هڪ ٻي روايت جنهن کي شيخ صدوق حسن بن  يزيد جي واسطي سان  حضرت فاطمه معصومه کان نقل ڪيو اٿس، اها روايت هن ريت آهي: «عن فاطمة بنت موسي جعفر عليه السلام عن عمر بن علي بن الحسين عن فاطمة بنت الحسين عليه السلام عن اسماء بنت ابي بكر عن صفية بنت عبد المطلب قالت لما سقط الحسين عليه السلام عن بطن فاطمة امه و كنت وليتها قال النبي صلي الله عليه و آله يا عمة هلمي اليّ ابني فقلت يا رسول الله انا لم نظفه بعد فقال صلي الله عليه و آله يا عمة أ انت تنظفه ان الله تبارك و تعالي قد نظفه و طهره[7] ترجمو: فاطمه بنت موسى ڪاظم عليه السلام عمر بن علي زين العابدين بن حسين عليهما السلام کان ۽ ان  فاطمه بنت امام حسين عليه السلام کان ۽ ان اسماء بنت ابو بڪر کان ۽ ان صفيه بنت عبدالمطلب کان روايت ڪئي آهي ته: مان امام حسين عليه السلام جي ولادت وقت دائپي جا فرائض انجام پئي ڏنا ته انهي ٽائيم پيغمبر اڪرم (ص) (تشريف فرما ٿيا ۽ ) فرمايائون ته پڦي امان منهنجي ٻچڙي کي کڻي اچ!!! مون عرض ڪيو ته اڃان مون هن کي پاڪ ئي ناهي ڪيو، پاڻ سڳورن (ص) جن فرمايو: پڦي امان ڇا تون هن کي پاڪ ڪندين؟ هن کي ته الله تعالى پاڪ ڪري موڪليو آهي .

انهن روايتن مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته سائڻ جو علمي مقام هڪ مڃيل مڃايل حقيقت آهي جنهن کان ڪير به انڪار نه ٿو ڪري سگهي .

  1. ايمان ۽ عمل صالح:

ان ڳالهه ۾ به ڪو شڪ ڪونهي ته انسان جي سعادت ۽ ڪمال جا اصلي سبب الله سائين جو قرب حاصل ڪرڻ ، سندس ذات تي پڪو ايمان رکڻ ، بغير ڪنهن ريا ڪاري جي عملن کي انجام ڏيڻ ۽ ان ذات جي ڏسيل حڪمن تي هلڻ ئي آهن ۽ انهي رتبي ماڻڻ ۾ مرد ۽ عورت جي وچ ۾ ڪو به فرق پاتو نٿو وڃي، ڇاڪاڻ ته الله تعالى ڀلاري زندگي لاءِ ايمان ۽ نيڪ عمل جي ئي شرط لڳائي آهي. جيئن ته سوره نحل ۾ ارشاد ٿئي ٿو ته : من عمل صالحاً من ذكر او انثي و هو مؤمن فلنحيينه حياة طيّبة و لنجزينهم باحسن ما كانو يعملون.[8]يعني : مرد ۽ عورتن مان جن به مومن هوندي نيڪ عمل انجام ڏنا ته اسان کين ڀلاري زندگي سان جيارينداسين ، ۽ سندن ڀلي عملن جي تمام سهڻي جزا ڏينداسين.

سائڻ فاطمه معصومه (س) پڻ انهن عورتن مان آهي، جيڪي ان ميدان ۾  ڪمال جي درجي تي پهتل آهن، انهي جو ڪارڻ به اهو آهي ته جو سائڻ ٻن امامن وٽ تربيت پاتي آهي ۽ سندن حسب و نسب به ان خاندان ۾مان آهي جيڪو پاڪ ۽ پاڪيزه آهي ۽ سندن زيارت نامي ۾ به آيو آهي: «فانّ لك عند الله شأناً من الشأن» يعني : اي بيبي تنهنجو الله تعالى وٽ وڏو شان آهي اهو به سندن ايمان ۽ نيڪ عمل جي ڪري ئي آهي. ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو پاڻ الله سائين جي قرب ۽ ايمان ۽  عمل صالح جي مقام جو مالڪ نه هجي ته  سندس واسطي سان ڪو به شخص الله تعالى جو قرب حاصل نه ٿو ڪري سگهي ، سندن زيارت نامي ۾ هن جملي ۾ ان مطلب ڏانهن ئي اشارو آهي ، «اتقرب الي الله بحبكم و البرائة من اعدائكم و التسليم الي الله راضياً غير منكر و لا مستكبر»[9] يعني : آئون توهان جي محبت ۽ توهان جي دشمنن سان بيزاري جو اظهار ڪندي ، پنهنجي رضا خوشي ۽ انڪار ۽ وڏائي کان منهن موڙيندي الله سائين جي بارگاهه جو قرب حاصل ڪيان ٿو . حقيقت ۾ هي وصفون ان انسانن جون آهن جيڪي الله جا خالص بندا آهن.

  1. سندن زيارت جي فضيلت:

سندن معنوي مقامن مان هڪ مقام هي به آهي ته سندن زيارت آهي ، جنهن لاءِ ڪيتريون ئي فضيلتون روايتن ۾ بيان ڪيون ويون آهن.

1_ شيخ صدوق ڪتاب ثواب الاعمال ۽ عيون اخبار الرضا (ع) ۾ معتبر روايت سان امام رضا عليه السلام کان نقل ڪيو آهي ته: سعد بن اشعري چوي ٿو ته امام رضا عليه السلام کان بيبي فاطمه معصومه (س) جي باري ۾ سوال ڪيو ويو ته پاڻ فرمايائون: جيڪو به هن جي زيارت ڪندو ته ان لاءِ جنت واجب ٿي وڃي ٿي.[10] ۽ انهيءَ روايت کي ابن قولويه ڪتاب ڪامل الزيارات ۾ پڻ آندو آهي.[11]

2_ امام محمد تقي عليه السلام جن فرمايو آهي ته: من زار عمتي بقم فله الجنة[12]

جيڪو به شخص منهنجي پڦي جي قم جي شهر ۾ زيارت ڪندو ته ان لاءِ جنت واجب آهي.

۽ ٻيون روايتون جيڪي امام رضا يا امام صادق عليهما السلام کان نقل ٿيل آهن، سي به سندن زيارت جي فضيلت کي واضح ٿيون ڪن.

اها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته ڪنهن عام ماڻهو جي زيارت سان جنت واجب ڪونه ٿي ٿئي، پر جيڪڏهن ڪنهن جي باري ۾ ٽن معصوم امامن کان ساڳي مفهوم سان روايت نقل ٿي هجي ۽ اهي روايتون سند جي اعتبار سان به معتبر هجن ته ان مان اها ڳالهه پڌري ٿئي ٿي ته کيس به الله جي خالص ، حقيقي ۽ معصوم هستين وارو مقام حاصل آهي.

  1. شفاعت:

سندن معنوي مقامن مان هڪ مقام هي به آهي ته الله تعالى سندن شفاعت سان سڀني شيعن کي جنت ۾ داخل ڪندو.

محدث قمي رحمة الله عليه ، شهيد قاضي نور الله شوشتري جي ڪتاب ” مجالس المؤمنين“ مان روايت نقل ڪئي آهي ته امام جعفر صادق عليه السلام فرمائن ٿا ته: الله تعالى جو حرم مڪي پاڪ ۾ ، رسول (ص) جو حرم مديني شريف ۾ ۽ امير المؤمنين علي عليه السلام جو حرم ڪوفو(عراق)  آهي ۽ ان ڳالهه کان به توهان کي با خبر هجڻ گهرجي ته منهنجو ۽ منهنجي اولاد جو حرم قم شريف آهي ۽ هي هڪ ننڍڙو ڪوفو( ڪوفه صغيره) آهي ۽ جنت جي اٺن درن مان ٽي دروازا قم جي طرف کلن ٿا ۽ قم ۾ هڪ بيبي دفن ٿيندي جيڪا منهنجي اولاد مان هوندي، جنهن جو نالو فاطمه بنت موسى (ع) هوندو ، جنهن  جي شفاعت سان منهنجا سڀ شيعه جنت ۾ داخل ٿيندا.[13]

۽ سندن زيارتنامي ۾ آيل جملو به سندن شفاعت واري مقام کي چڱي طرح سمجهائي ٿو،. يا فاطمة اشفعي لي في الجنّة فانّ لك عند الله شأنا من الشأن[14]اي فاطمه منهنجي جنت ۾ شفاعت ڪجان ڇو جو تنهنجو الله سائين وٽ وڏو مرتبو آهي. هتي ان ڳالهه جي وضاحت ڪندو هلان ته سڀني شيعن جي شفاعت وارو هي مقام الله تعالى طرفان سواءِ معصوم جي ٻيو ڪنهن کي نه ٿو ملي سگهي. جيتوڻيڪه ڪجهه سچا مؤمن قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندا پر انهن جي تعداد تمام محدود هوندي ۽ اها ڳالهه جنهن کي روايت بيان ٿي ڪري ته : سائڻ اڻ ڳڻي شيعن جي شفاعت ڪندي ، سندن هن معنوي مقام لاءِ بهترين دليل آهي .

  1. نفساني فضيلتن جي ملڪه

سائڻ جي معنوي مقام تي فائز هجڻ ۾ هڪ سبب سندن بهترين اخلاق به وڏو ڪردار رکي ٿو ، جهڙوڪ صبر، بردباري ، الله تعالى جي رستي تي قائم رهڻ، الله جي رضا ۾ راضي رهڻ ۽ قضا و قدر جي اڳيان سر جهڪائڻ وغيره سندن مشهوروصفون هيون.

حضرت امام موسى ڪاظم عليه السلام ۽ سندن اولاد مٿان جيڪي ظلم ٿيا جن ڪيترا ئي مثال به تاريخ ۾موجود آهن. جيئن خود امام جو ڊگهي عرصي تائين هارون جي قيد ۾رهڻ ، ۽ قيد خاني ۾ شهيد ٿيڻ ،ان کان پوءِ سندن اولاد جو مامون رشيد جي زماني ۾ مختلف شهرن ڏانهن جلاوطن ٿيڻ  جن مان گهڻن کي ته شهادت جو جام نوش ڪرڻو پيو ۽ سڀ کان وڏي مصيبت امام رضا عليه السلام جو ايران ڏانهن هجرت ڪرڻ ، انهن سڀني مصيبتن تي سائڻ جو صبر ڪرڻ سندن عظمت کي ٻڌائي ٿو جيڪو رڳو الله جي رضايت خاطر هو جنهن سان پاڻ اسلام ۽ مذهب شيعه جي حقانيت کي محفوظ ڪيائون ۽ سڀ کان وڌيڪ سندن وطن کان ڪوهين ڏور قم شهر ۾ اچي فوت ٿيڻ به هڪ وڏي مصيبت هو جنهن تي سندن صبر ڪرڻ جي مثال تاريخ ۾ نه ٿي ملي.

  1. سائڻ جون ڪرامتون:

سندن معنوي مقامن مان هڪ مقام سندن ڪرامتون آهن، جيڪي هرسال ظاهر ٿينديون رهن ٿيون، جن ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ئي ڪونهي ، اسان هتي انهن ڪرامتن مان هڪ ڪرامت نموني طور پيش ڪريون ٿا ، سائڻ جو هڪ مجاور، جنهن نالو سيد حسين بن سيد صفي آهي، نقل ٿو ڪري ته: منهنجي چاچي ، ميرزا اسد الله جي پيرن جون آڱريون سڄيون ڪاريون ٿي ويون هيون ۽ ڊاڪٽرن به هن کي علاج کان جواب ڏئي ڇڏيو هو ۽ انهن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته هن جي پير کي ڪٽيو وڃي ته جيئن هن جو اهو مرض مٿي نه وڃي انهن اهو چيو ته سڀاڻي هن جي آپريشن ڪئي ويندي ، تنهن تي ميرزا چيو ته سڀاڻي هونئن ئي منهنجو پير ڪٽيو ويندو اڄ مونکي سائڻ جي حرم ۾ پهچايو ، جڏهن کيس حرم ۾ آندو ويو ۽ مجاور رات جو  حرم جا درواز بند ڪري هليا ويا، ته هن سڄي رات سائڻ کي پئي سوال ڪيو جيئن ئي باک ڦٽي جو ٽائيم ٿيو ته مجاورن در جي پويان ميرزا جو آواز ٻڌو جيئن ئي در کوليائون ته ميرزا کي ڏٺائون خوشي واري حالت ۾ بيٺو آهي ۽ اهو نشان به ختم ٿيل اٿس، هن پنهنجو قصو هن ريت ٻڌايو ته جيئن مان سوال ڪري ستس مون کي خواب ۾ هڪ برقعي واري بيبي نظر آئي ۽ منهنجي ويجهو اچي مون کان پڇيائين ته ڇا ٿو گهرڻ چاهين مون عرض ڪيو هن پير جي درد منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي يا شفا ملي يا موت ملي؟ ته ان بيبي پنهنجي پردي جو پلو کڻي منهنجي درد واري جگهه تي رکيو ۽ چيائين ته توکي اسان شفا ڏئي ڇڏي!! ان موقعي تي مون اهو پڇيو ته توهان ڪير آهيو؟ جواب مليو ته منهنجي در جي نوڪري به ڪرين ٿو پوءِ به  مون کي نٿو سڃاڻين ، مان فاطمه بنت موسى ڪاظم (عليه السلام ) آهيان. آئون جڏهن ننڊ مان اٿيس ته ڏٺم ڪجهه ڪپهه جا ٻڙا پيل آهن مون انهن ٻڙن کي کنيو ۽ ٻين مريضن کي شفا خاطر ڏيندو رهيس ايستائين جو آيو جنهن ۾ اهي ٻڙا موضايع ٿي ويا.[15]

اها هڪ حقيقت آهي ته اهي معجزا يا ڪرامتون ان شخصيت کان حاصل ئي ٿينديون آهن  جيڪي معصوم الله جا ولي هوندا آهن .

هي اها سائڻ آهي جنهن وٽان پوري دنيا جا شيعا فيض پرائيندا رهن ٿا ، جيڪا ڳالهه سندن عظمت تي وڏي وڏي ۾ دليل آهي .

حوالا

 

[1] _ المحجة البيضاء، ملا محسن، فيض ڪاشاني، ج8، ص5 .

 

[2] _ دلائل الامامه، محمد بن جرير الطبري، ص209 .

 

[3] _ نزهة الابرار في نسب اولاد الائمة الاطهار.

 

[4] _ نهج البلاغه، خطبه 1.

 

[5] _ احقاق الحق» ج 6، ص 282.

 

[6] _ ساڳيو.

 

[7] _ الامالي» شيخ صدوق، ص 82..

 

[8] _ سوره مبارڪه نحل، آيت مبارڪه 97 .

 

[9] _ مفاتيح الجنان، زيارت نامه حضرت معصومه (س).

 

[10] _ بحار الانوار» ج 102، ص 265؛ «عيون اخبار الرضا عليه السلام» ج 2، ص 267؛ «ثواب الاعمال» ص 89..

 

[11] _ ڪامل الزيارات، ص324

 

[12] _ ساڳيو.

 

[13] _ منتهي الآمال» شيخ عباس قمي، ج 2، ص 243.

 

[14] _ مفاتيح الجنان، زيارت نامه حضرت معصومه (س).

 

[15] _ انوار المشعشعين، ج2، ص503 .

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي