ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

حضرت بيبي فاطمه الزهرا سلام الله عليها اهل سنت جي روايتن ۾ 1

 اهل بيت عليهم السلام جو مقام خصوصا حضرت بيبي الزهرا عليها السلام جو شان ۽ درجو فقط شيعين جي ڪتابن ۾ نه آهي بلڪي اهل سنت جون روايتون ۽ ڪتاب پڻ اهل بيت رسول صلى الله عليه وآله وسلم خصوصا حضرت بيبي فاطمه الزهرا سلام الله عليها جي فضائلن ۽ عالي مقامن سان ڀريل نظر اڇن عا اگر چه ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته اهل بيت جي فضائلن کي خيانت ڪندي لڪايو ويو آهي ليڪن خدا جو ارادو هي آهي ته اهل بيت الرسول خصوصا حضرت بيبي زهرا سلام عليها جي نور کيهميشه لاء روشن رکي.

ممڪن آهي اهو سوال ڪيو وڃي ته اهل بيت جي فضيلت واريون روايتون اهل سنت وٽ ڪوبه اعتبار نٿيون رکن لذا اهل سنت کان روايتون نقل ڪرڻ جو ڪوبه فائدو نه آهي. ليڪن تعجب ان ۾ آهي ته اهل بيت جي فضيلت واريون روايتون اهل سنت وٽ معتبر آهن ۽ هنن جي معتبر ترين ڪتابن ۾ نقل ٿيل آهن ۽ اهل سنت وٽ اهي روايتون وثاقت ۽ صحت رکن ٿيون.

اسان هن مقالي ۾ جن روايتن کي آڻينداسون اهي سڀ اهل سنت جي معتبر ڪتابن مان هونديون ۽ انهن جي ئي ڪتابن مان اسان پنهنجي  سچي سائڻ جا فضائل بيان ڪنداسون اميد آهي ته دوستن لاء مفيد ثابت ٿئي.

حضرت بيبي فاطمه الزهرا سلام الله عليها جنت جو ميوو

حديث نمبر 1

سيوطي پنهنجي تفسير الدر المنثور ۾ عايشه کان روايت نقل ڪئي آهي ته حضرت رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو: جڏهن مون کي آسمان جو سير ڪرايو ويو جنت ۾ داخل ٿيس ۽ جنت جي هڪ اهڙي وڻ وٽ بيهي رهيس جيڪو تمام گهڻو سهڻو هيو ۽ جنهن جا پن اڇا هيا ۽ پوري جنت ۾ ان وڻ جي ميوي مان وڌيڪ مٺو ميوو نه هيو  مان ان وڻ جي ميوي مان ڪجھ کاڌو اهو ميوو فاطمه الزهرا عليها السلام جو نور بڻجي منهنجي صلب ۾ آيو ۽ جڏهن مان زمين تي آيس ته خديجه سان همبستر ٿيس ۽ ان ميوي جي برڪت سان حضر خديجه حامله ٿي ۽ خديجه حضرت  فاطمه کي هن دنيا ۾ آندو مان رسول کي جڏهن به جنت جي خوشبو جي سڪ لڳندي آهي ته فاطمه الزهرا عليها السلام کي سگهندو آيان.[1]

حديث نمبر 2

مستدرڪ الصحيحين سعد بن مالڪ کان روايت ڪئي آهي ته رسول گرامي  صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو: جبرئيل جنت مان منهنجي لاء هڪ ناسپتي آندي ان ناسپتي کي مان معراج واري رات کاڌو ان ناسپتي جي برڪت سان خديجه حاملا ٿي ۽ فاطمه الزهرا سلام الله عليها کي هن دنيا تي آندائين جڏهن به مان جنت جي خوشبوء جو مشتاق ٿيندو آهيان  فاطمه جي ڳلي کي سگهندو آهيان.[2]

حديث نمبر 3

ذخائر العقبي ۾ ابن عاس کان روايت آهي ته حضرت رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم فامه الزهرا عليها السلام کي تمام گهڻو چمندا هيا تنهن تي عايشه اعتراض ڪندي پاڻ سڳورن کي فرمايو: اوهان فاطمه الزهرا سلام الله عليها کي حد کان وڌيڪ بوسا  ٿا ڏيو عايشه کي جواب ڏيندي پاڻ سڳورن فرمايو: جبرئيل معراه واري رات مون کي جنت ۾ وٺي ويو ۽ جنت جنت جا گهڻا ميوا مون کي کارايائين ۽ اهو بهشتي طعام منهنجي صلب ۾ نطفو بڻيو ۽ ان نطفي سان خديجه حاملا ٿي ۽ فاطمه کي هن دنيا ۾ آندو ۽ جڏهن به مون کي ان جنتي ميون جي سڪ لڳندي آهي فاطمه الزهرا کي بوساڏيندو آهيان ۽ فاطمه الزهرا مان مون کي سمورن بهشتي ميون جي خوشبوء ايندي آهي.[3]

حديث نمبر 4.

ذخائر العقبي واري حضرت رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم کان روايت نقل آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: جبرئيل بهشت مان منهنجي لاء هڪ بهترين صوف آندو ان صوف کي مان کاڌو ۽ خديجه  سان همبستر ٿيس ۽ خديجه حاملا ٿي حضرت خديجه فرمايو: جڏهن اوهان مونو ٽ ناهيو هوندا ۽ مان اڪيلي هوندي آهيان هي ٻار جيڪو منهنجي پيٽ ۾ آهي مون سان ڳالھ ٻولھ ڪندو آهي.[4]

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام جا نالا ۽ انهن جي حڪمت

حديث نمبر 5.

ذخائر العقبي واري حضرت علي عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن حضرت فاطمه کي فرمايو: اي فاطمه تون ڄاڻي ٿي ته فاطمه نالو توتي ڇو رکيو ويو آهي؟ علي عليه السلام فرمايو: اي خدا جا رسول ڇو  فاطمه کي فاطمه چيو وڃي ٿو؟ پاڻ سڳورن فرمايو: ان جي لاء جو خدا جي ذات فاطمه کي ۽ ان جي ٻچڙن کي قيامت جي ڏينهن جهنم جي باھ کان پري رکيو آهي.[5]

حديث نمبر 6

طبري حضرت امام رضا عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: خدا فاطمه ۽ ان جي اولاد ۽ ان جي محبن کي جهنم جي باھ کان پري رکيو آهي ان ئي سبب جي ڪري فاطمه کي جو نالو فاطمه رکيو ويو آهي.[6]

حديث نمبر 7

ابن اثير ڪتاب نهايه ۾ لکي ٿو ته فاطمه کي بتول ان ڪري چوندا هيا جو سائڻ پنهنجي زماني جي عورتن کان دين ۽ حسب ۽ سب ۽ فضيلت جي اعتبار کان جدا هئي ۽ خدا جي ڪري دنيا کان جدا هئي يا ان جي ڪري جو فاطمه جو ڪوبه نظير نه هيو.[7]

حضرت فاطمه الزهرا سلام عليها جي رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم سان شباهت

حديث نمبر 8

صحيح ترمذي حضرت عايشا کان نقل ڪيو آهي ته حشرت فاطمه الزهرا سلام عليها وقار ۾ سيرت ۽ صورت ۾ حتا اٿڻ ۽ ويهڻ ۾ رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم سان مڪمل شباهت رکندي هئي جڏهن به فاطمه رسول اڪرم وٽ ايندي هئي رسول خدا اٿي ڪري فاطمه جي استقبال لاء ايندا هئا ۽ فاطمه کي بوسو ڏئي پنهنجي جاء تي ويهاريندا هيا  جڏهن به رسول خدا فاطمه وٽ ويندو هيو فاطمه اٿي ڪري رسول خدا جو استقبال ڪندي هئي ۽ پاڻ سڳورن جا هٿ چمي ڪري سائڻ رسول خدا ڱي پنهنجي جاء تي ويهاريندي هئي.[8]

حديث نمبر 9

مستدرک الصحيحين ۾ حضرت عايشه کان نقل آهي ته حضرت فاطمه الزهرا س.ع جو ڳالهائڻ سڀ کان وڌيڪ رسول خدا سان شباهت رکندو هيو جڏهن به فاطمه الزهرا رسول خدا وٽ ايندي هئي پاڻ سڳورا اٿي ڪرا فاطمه الزهرا جا هٿ چمي ڪري سائڻ کي پنهنجي جاء تي ويهاريندا هيا.[9]

حديث نمبر 10

احمد بن حنبل پنهنجي مسند ۾ انس بن مالڪ کان نقل ڪيو آهي ته حسن بن علي عليه السلام ۽ فاطمه الزهرا عليها السلام جي سڀني کان وڌيڪ رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم سان شباهت هوندي هئي.[10]

حديث نمبر 11

احمد بن حنبل عايشا کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا  صلى الله عليه وآله وسلم جون سڀ گهر واريون گڏ هيون سين اتي فاطمه الزهرا سلام الله عليها آئي فاطمه جو هلڻ رسول خدا وانگر هيو رسول خدا فاطمه کي ڏسي فرمايو: مرحبا اي منهنجي پياري ڌي ۽ فاطمه الزهرا عليها السلام کي پنهنجي ڀرسان وهاريو.[11]

رسول اڪرم صلى الله عليه وآله وسلم حضرت فاطمه الزهرا سلام الله عليها جي ديدار جو مشتاق

حديث نمبر 12

سنن بيهقي ۾ رسول خدا  صلى الله عليه وآله وسلم جي غلام ثوبان نالي کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا سفر ڪرڻ وقت سڀ کان آخر ۾ فاطمه الزهرا عليها السلام سان ملندا هيا ۽ ان سان ديدار ڪندا هيا ۽ سفر کان واپسي تي سڀ کان پهريان فاطمه الزهرا جي ديدار لاء ويندا هيا.[12]

حديث نمبر 13

حاڪم مستدک الصحيحين ۾ ابن عمر کان روايت نقل ڪئي آهي ته حضرت رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم جو سفر ڪرڻ وقت آخرين ديدار ۽ سفر کان موٽڻ وقت اولين ديدار حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام سان هوندو هيو. ۽ سائڻ سان ديدار کان پوء رسول اڪرم  صلى الله عليه وآله وسلم جن چوندا هيا اي فاطمه منهنجو بابو ۽ منهنجي امڙ توتي قربان ٿي وڃن.[13]

حديث نمبر 14

حاڪم مستدرک الصحيحين ۾ ابي ثعلبه کان نقل ڪيو آهي ته رسول خدا  صلى الله عليه وآله وسلم جڏهن سفر يا جنگ کان واپس ٿيندا هيا سڀ کانپهريان مسجد ۾ وڃي ڪري ٻه رڪعتون نماز پڙهندا هيا ۽ ان کان بعد پنهنجي گهر وارن سان ملڻ کان پهريان فاطمه الزهرا سان ديدار ڪندا هيا.[14]

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام ۽ گهر جو ڪم ڪار

حديث نمبر 15

صحيح ابي داود ابي الورد ثمامه کان روايت نقل ڪئي آهي ته حضرت علي عليه السلام ابن اعبد کي فرمايو: ڇا توکي مان پنهنجي ۽ فاطمه الزهرا عليها السلام لاء ڪجھ نه ٻڌايان؟ ثمامه عرض ڪيو ٻڌايو حضرت علي عليه السلام فرمايو: پوري فيملي منهجان رسول کي سڀ کان وڌيڪ فاطمه الزهرا عليها السلام سان پيار هيو فاطمه الزهرا عليها السلام منهنجي گهر ۾ ايترو ته اٽو پيٺو جو چنڊ کي هلائي هلائي فاطمه جي هٿن ۾ لفون پئجي ويون هيون ۽ ايترو ته مشڪ سان پاڻي ڀريائين جو سائڻ جي بدن تي مشڪ جا نشان بڻجي ويا هيا ۽ منهنجي گهر ۾ ايترو ته فريو ڏنائين جو فاطمه جو لباس خاڪي ٿي ويندو هيو ۽ ماني پچائڻ لاء ايترو تنور کي ٻاريائين جو هن جو لباس ڪارو ٿي ويندو هيو مان علي هڪ ڏينهن ٻڌو ته رسول خدا وٽ غلام آيا آهن مان فاطمه کي چيو رسول خدا  صلى الله عليه وآله وسلم وڃي پاڻ سڳورن کان غلام جي درخواست ڪيو تاڪي اوهان جي گهر جي ڪم ڪار ۾ مدد ڪري فاطمه الزهرا عليها السلام پاڻ سڳورن وٽ وئي ليڪن خدا جو رسول اصحابن سان ڪلام ڪري رهيو هيو سائڻ کي درخواست ڪرڻ ۾ سرم آيو ۽ فاطمه الزهرا س. پنهنجي گهر موٽي آئي ٻئي ڏينهن تي پاڻ سڳورا اسان جي گهر آيا ۽ فرمايائون اي فاطمه ڪالھ توکي ڪهڙو ڪم هيو فاطمه شرم ڪندي چپ ڪئي وري ٻيهر پاڻ سڳورن دهرايو ليڪن حياء ڪندي سائڻ ڪجھ به نه چئي سگهي ان ڪري مان رسول خدا  صلى الله عليه وآله وسلم کي عرض ڪيو اي خدا جا رسول فاطمه منهنجي گهر ۾ ايتري ته چڪي هلائي آهي جو هٿن ۾ لفون پئجي ويون اٿس ۽ ايتريون ته پاڻي جون مشڪون ڀريون اٿس جو ان جا نشان فاطمه جي بدن تي اچي ويا آهن ۽ ايترو ته گهر ۾ فريوو ڏنو اٿس جو سائڻ جو لباس خاڪي ٿي ويو آهي ۽ ايترو ته تنور کي ٻاريو اٿائين جو سائڻ جو لباس ڪارو ٿي ويو آهي مان فاطمه کي چيو ته ٻڌو آهي ته پاڻ سڳورن وٽ هڪ غلام آيو آهي اوهان وڃي غلام جي درخواست ڏيو تاڪي اهو غلام گهر جي ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري سگهي پاڻ سڳورن فرمايو: ڇا اوهان کي اهڙي شي ياد نه ڏيان جيڪا غلام جي درخواست کان بهتر آهي سمهڻ وقت 34 دفعا تڪبير ۽ 33 مرتبا تسبيح ۽ 33 مرتبا خدا جو حمد پڙهو. هي عمل اوهان لاء هڪ غلام کي رکڻ کان بهتر آهي.[15]

حديث نمبر 16.

احمد بن حنبل انس بن مالڪ کان روايت ڪئي آهي ته هڪ ڏينهن حضرت بلال نمازصبح جي اچڻ ۾ دير ڪئي پاڻ سڳورن بلال کان دير اچڻ جي باري ۾ سوال ڪيو بلال عرض ڪيو يا رسول الله  صلى الله عليه وآله وسلم فاطمه الزهرا عليها السلام جي گهر وٽان گذر ٿيو ڏٺم ته سائڻ اٽو پيهي  رهي آهي ليڪن ان جو ٻچڙو روئي رهيو آهي مان فاطمه کي عرض ڪيو اگر اجازت هجي ته مان چڪي هلايان ۽ اوهان ٻچڙي کي آرام ڪرايو يا مان ٻچڙي کي آرام ڪرايان اوهان چڪي هلايو فاطمه مون کي چيو اي بلال مان پنهنجي ٻچڙي لاء توکان وڌيڪ مهربان آهيان تون چڪي هلاء مان ٻچڙي کي مهربان آهيان تون چڪي هلاء مان ٻچڙي کي کيڏايان ٿي نماز جماعت ۾ دير اچڻ جي جي علت اها هئي پاڻ سڳورن فرمايو: اي بلال تون منهجي ڌي تي احسان ڪيو آهي خدا توتي رحمت ڪري.[16]

 

[1] . الدر المنثور، سبحان الذي اسري بعبده ليلا من المسجد الحرام، هن آيت جي تفسير جي ذيل ۾ آندو آهي.

[2] . مستدرڪ الصحيحين،ج3،ص 156.

[3] ذخائر العقبي، ص 36.

[4] . ذخائر العقبي، ص 44.

[5] . ذخائر العقبي، ص 26.

[6] . کنز العمال، ج6،ص 219.

[7] النهايه. (بتل) ماده جي ذيل ۾

[8] صحيح ترمذي، ج2،ص 319.

[9] . مستدرک الصحيحين،ج2،ص 154.

[10] مسند احمد بن حنبل،ج3،ص 164.

[11] . مسند احمد بن حنبل ،ج6،ص 282.

[12] . سنن بيهقي،ج1،ص26.

[13] . مستدر الصحيحين،ج3،ص156.

[14] . مستدر الصحيحين،ج3،ص155.

[15] . صحيه ابي داوود، ج33، باب : التسبيح عند النوم، و حليه الاولياء ج2،ص 41.

[16] . احمد بن حنبل،ج3،ص 150.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي