ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

حضرت بيبي فاطمه زهرا (س) اهل سنت جي روايتن ۾ 2

فاطمه الزهرا عليها سلام دنيا ۽ آخرت جي عورتن جي سردار آهي

حديث نمبر 17

حاڪم مستدرک الصحيحين ۾ عايشا کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا صلى الله عليه وآله ان بيماري ۾ جنهن جي ڪري هن دنيا تان لاڏاڻو ڪري ويا فرمايائون اي فاطمها تون ٻنهي جهانن جي عورتن ۽ هن امت جي عورتن ۽ مومن عورتن جي سردار آهين.[1]

حديث نمبر 18

ابو نعيم حليه الاولياء ۾ عمران بن حصين کان روايت ڪئي آهي ته رسول خدا صلى الله عليه وآله مون کي چيو فاطمه بيمار آهي ڇا تون مون سان فاطمها جي عيادت  لاء هلندين مان عرض ڪيو حتما يا رسول خدا اسان گڏجي فاطمه جي گهر آيا سون گهر جي در تي پهچي رسول خداق جي اجازت لاء دروازي تي بيهي رهيا ۽ اجازت وٺڻ لاء فاطمه کي چيائون آيا اجازت آهي اسان اندر گهر ۾ اچون؟ فاطمه جي اجازت کان پوء رسول خدا صلى الله عليه وآله فاطمه الزهرا جي گهر ۾ داخل ٿيا رسول خدا جن فاطمه کي ان ملاقات ۾  فرمايو: اي فاطمه تون ٻنهي جهانن جي عورتن جي سردار آهين حضرت فاطمه عرض ڪيو بابا ڇا حضرت مريم عورتن جي سردار نه آهي؟ پاڻ سڳورن فرمايو: حضرت مريم پنهنجي زماني جي عورتن جي سردار هئي اي فاطمه تون پنهنجي زماني جي عورتن جي سردار آهين مون کي قسم آهي خدا جو توکي اهڙو شوهر ڏنو اٿم جيڪو دنيا ۽ آخرت ۾ سڀني جو سردار آهي.[2]

( ليڪن اسان شيعن وٽ فاطمه الزهرا عليها السلام صرف پنهنجي زماني جي عورتن جي سردار نه آهي بلڪي پوري جهان ۽ آخرت جي عورتن جي سردار آهي جيئن سن جي ڪتاب ۾ نقل ڪيوسين.)

حديث نمبر 18

خصائص نسائي ۾ ابو هريره کان روايت آهي ته هڪ ڏينهن رسول خدا صلى الله عليه وآله اصحابن وٽ نه آيا صحابا سڀ سڪ ۾ ٻڏن پيا سج لهڻ وارو هيو رسول خدا صلى الله عليه وآله صحابا وٽ آيا صحابا عرض ڪيو يا رسول اڃ اسان جي لاء ڏاڍو سخت گذريو آهي ڇو اوهان دير سان اسان وٽ آيا آهيو رسول خدا فرمايو خدا وٽ هڪ فرشتو آهي جنهن ڪڏهن به مون سان ملاقات ناهي ڪئي اڃ خدا کان اجازت وٺي منهنجي ملاقات لاء آيو هيو جنهن هڪ خوشخبري ڏني ته فاطمه هن امت جي عورتن جي سردار آهي ۽ حسن ۽ حسين جنت جي جوانن جا سردار آهن.[3]

حديث نمبر 19

حاڪم مستدرڪ ۾ عايشا کان روايت ڪئي آهي ته عايشا فاطمه الزهرا عليها السلام کي فرمايو: مان توکي خوشخبري ٿي ڏيان اها هي ته رسول خدا صلى الله عليه وآله چئي رهيو هيو ته چار عورتون جنت جي عورتن جون سردار هونديون. ا. حضرت مريم بنت عمران.2. فاطمه بنت محمد صلى الله عليه وآله 3. خديجه بنت خويلد..4. حضرت آسيه بنت مزاحم.[4]

حديث نمبر 20.

ابو معيم ابن عباس کان روايت ڪئي آهي ته رسول اڪرم صلى الله عليه وآله فرمايو: چار عورتون پنهنجي زماني جي عورتن جون سردار آهين. مريم بنت عمران. آسيه بنت مزاحم. خديجه بنت خويلد. فاطمه بنت محمدصلى الله عليه وآله ليڪن انهن مان فاطمه الزهرا عليها السلام افضل آهي.[5]

فاطمه الزهرا عليها السلام سچي سائڻ

حديث نمبر 21.

حاڪم مستدرڪ الصحيحين ۾ عايشا کان روايت نقل ڪئي آهي ته جڏهن به فاطم الزهرا عليها السلام جو ذڪر ٿيندو هيو مان چوندي هيس فاطمه کان وڌيڪ ڪو سچو انسان نه آهي مگر ان جو بابو حاڪم وڌيڪ لکي ٿو ته مسلم ان حديث کي صحيح حديثن مان شمار  ڪيو آهي. [6]

فاطمه الزهرا عليها السلام جي ناراضگي رسول خدا جي ناراضگي جو باعث بڻجي ٿي.

حديث نمبر 22

بخاري ۾ رسول خدا کان روايت آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: فاطمه منهنجي دل و ٽڪڙو اهي جنهن به فاطمه کي ناراض ڪيو ان مون کي ناراض ڪيو آهي.[7]

حديث نمبر 23.

صحيح مسلم رسول خدا صلى الله عليه وآله کان روايت ڪئي آهي ته فاطمه الزهرا منهنجي دل جو ٽڪڙو آهي جنهن فاطمه کي ناراض ڪيو ان مون کي ناراض ڪيو ۽ جنهن فاطمه کي ڏک ڏنو ان مون کي ڏک ڏنو ان مون کي ڏک ڌنو اهي.[8]

حديث نمبر 24

حاڪم مستدرڪ الصحيحين ۾ نقل ڪيو آهي ته رسول خدا صلى الله عليه وآله فرمايو فاطمه الزهرا عليها السلام منهنجي دل جو ٽڪڙو آهي جنهن فاطمه کي غم ڏنو ان مون کي غم ڏنو جنهن فاطمه کي خوشحال ڪيو ان مون کي خوشحاک ڪيو آهي . فاطمه جو غم منهنجو غم اهي فامه جي خوشحالي منهنجي خوشحالي آهي.[9]

حديث نمبر 25

ابن قتيبه الامامه والسياسه ۾ روايت آندي آهي ته حصرت فاطمه الزهرا عليها السلام ابوبڪر ۽ عمر کي چيو اگر رسول خدا صلى الله عليه وآله کان هڪ حديث اوهان لاء بيان ڪيان ڇا اوهان ان کي ياد آڻيندئو؟ ۽ ان تي عمل ڪندئو؟ ٻنيهين جواب ڏنو ها سائڻ فرمايو: مان اوهان کي خدا جو قسم ڏئي سوال ٿي ڪيان ڇا اوهان رسول خدا صلى الله عليه وآله کان هي  نه ٻڌو هيو جو پاڻ فرمايائون فاطمه جو راصپو منهنجو راضپو آهي ۽ ان جي ناراضگي منهنجي ناراضگي آهي جنهن فاطمه سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي جنهن فاطمه کي خوش رکيو ان مون کي خوشا رکيو جنهن فاطمهکي ناراض ڪيو ان مون کي ناراض ڪيو ٻنهين جواب ڏنو ها اها حديث اسان رسول گرامي کان ٻڌي آهي. حضرت فاطمه فرمايو: مان خدا ۽ ان جي ملاڪئن کي گواھ بڻائي چوان ٿي ته اوهان مون کي ناراض  ڪيو آهي ۽ اگر مان رسول گرامي سان ملاقات ڪيم اوهان جي ان کي ضرور دانھ ڏيندس ابوبڪر چيو خدا جي ناراضگي ۽ تنهنجي ناراضگي کان خدا کان پناھ ٿو گهران ان کان پوء ابوبڪر ايترو ته رنو جو نزديڪ هيو ته هن جهان تان لاڏاڻو ڪري وڃي ليڪن حضرت فاطمه عليها السلام چئي رهي هئي مون کي خدا جو قسم آهي اي ابوبڪر مان هر نماز کان پوء توتي لعنت ڪندي رهندي آهيان ابوبڪر سائڻ وٽان اٿيو ڪري هليو ويو ماڻهو ابوبڪر جي چوڌاري گڏ ٿي وياو ابوبڪر ماڻهن کي چيو مون اوهان جي ڪابه پرواھ نه آهي مان اوهان جي بيعت جڳو محتاج نه آهيان مون کان پري ٿي وڃو.[10]

فاطمه الزهرا عليها السلام جي ناراضگي خدا جي ناراضگي آهي.

حديث نمبر 26

حاڪم مستدرڪ الصحيحين ۾ حضرت علي عليه السلام کان روايت نقل ڪئيآهي ته پاڻ سڳورن فاطمه کي فرمايو: خدا جو راضپو تنهنجي راضپي ۾ آهي ۽ خدا جي ناراضگي تنهنجي ناراضگي ۾ آهي.[11]

افسوس ان ڳالھ جي آهي ته اهل سنت جي معتبر ڪتابن ۾ آهي ته خدا فاطمه جي راضپي ۾ راضي آهي ۽ ان جي غضب تي غضبناڪ  آهي ۽ اهڙي طرح رسول خدا صلى الله عليه وآله به فاطمه جي ناراضگي ۾ ناراض ۽ان جي رضايت ۾ راضي  آهي ليڪن ان جي باوجود به حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام کي تمام گهڻا ڏک ۽ غم ڏنا ويا جو سائڻ کي چوڻو چئجي ويو مون کي ايترا غم ڏنا ويا جو اگر اهي ڏک ۽ مصائب ڏينهن تي پون ها ته ڪاري راتين ۾ تبديل ٿي وڃن ها.

اهل سنت جي معتبر ڪتابن جهڙوڪ ترمذي ۽ احمد بن حنبل ۽ بيهقي ۽ صحيح مسلم لکيو آهي ته فاطمه الزهرا کي پهرين ۽ ٻئي خليفي ايترا ته ڏک ۽ غم ڏنا جو سائڻ مرڻ گهڙي تائين انهن ٻنهين سان ڪلام نه ڪيو.[12]

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام پنهنجي بابي جي غم ۾

حديث نمبر 27

ابو نعيم حليه الاولياء ۾ حضرت امام باقر عليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته فاطمه الزهرا عليها السلام حضرت رسول خدا صلى الله عليه وآله جي رحلت کان پوء ڪڏهن کلي نه ڳالهايو مگر هڪ ڏينهن اهو به تمام ٿوري وقت لاء صرف سائڻ مسڪرايو ۽ سائڻ رسول گرامي صلى الله عليه وآله کان پوء 6 مهينا زندھ رهي.

حديث نمبر 28

ابن سعد طبقات ۾ روايت کي هن خرح بيان ڪيو آهي ته فاطمه الزهرا عليها السلام کي پنهنجي بابا جي رحلت کان پوء ڪنهن به کلندي نه ڏنو ليڪن ڪڏهن ڪڏهن صرف سائڻ مختصر طور تي تبسم ڪندي هئي.

( حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام پنهنجي بابي جي رحلت کان پوء جڏهن پنهنجي تابوت کي ٺهرايائين سائڻ صرف ان ڏينهن تابوت کي ڏسي ٿورو مسڪرايو)

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام ۽ تابوت

حديث نمبر 29

طبري حضرت امام باقر عليه السلام جي امڙ سڳوري کان روايت ڪئي آهي ته حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام اسماء بنت عميس کي فرمايو: مون کي اهو پسند نه آهي ته عورت جي مرڻ کان پوء صرف هن جي ميت مٿان هڪ ڪپڙو رکيو وڃي ۽ ان جي جنازي کي هڪ ڪپڙي ذريعي لڪايو وڃي اسماء چيو اي رسول خدا جي ڌي مون کي اجزت آهي جيڪا آهي جيڪا شي ميت لاء حبشا ۾ ٺاهيندا آهن اوهان لاء به ٺاهيان حضرت اسماء ڪجھ نرم ڪاٺيون گهرايون ۽ انهن کي ٽيڙو ڪري ڪاٺين جي مٿان هڪ ڪپڙي کي وڌائين سائڻ فرمايو هي تمام سٺي آهي اي اسماء جڏهن منهنجو هن دنيا تان لاڏاڻو ٿي وڃي تون ۽ علي مون کي غسل ڏجپ ۽ منهجي جنازي کي هن تابوت ۾ رکجو غسل ڏيڻ وقت عايشا آئي ليڪن اسماء عايشا کي اندر اچڻ کان منع ڪئي ۽ غسل لاء اجازت نه ڏني عايشه ابوبڪر کي دانھ ڏني ته اسماء مون کي فاطمه جي غسل ڏيڻ جي اجازت نه ڏني آهي ان ڪري ابوبڪر غسل واري جاء تي آيو ۽ دروازي تي بيهي اسماء کي چيو ته ڇو تون رسول خدا جي گهر وارن کي سائڻ جي غسل ڏيڻ کان منع ڪري رهي آهين؟ ۽ هي تون ڇا ٺاهيو آهي؟ اسماء فرمايو فاطمه جي وصيت آهي ته ٻيو ڪوبه ان جي غسل ڏيڻ ۾ شريڪ نه ٿئي ۽ هي تابوت به سائ جي حڪم سان ٺاهيو اٿم ابوبڪر چيو جيڪو ڪجھ توکي فاطمه وصيت وصيت مطابق چيو آهي ان تي عمل ڪر ابوبڪر موٽي ويو ۽ فاطمه کي اسماء ۽ علي عليه السلام غسل ڏنو.[13]

 

[1] . مستدرک الصحيحين،ج3،ص 156.

[2] . حليه الاولياء،ج2،ص 42.

[3] . خصائص امير المومنين،ص 34. 

[4] . مستدرڪ الصحيحين،ج3،ص 185.

[5] . ذخائي العقبي، ص 44.

[6] . مستدرڪ الصحيحين،ج3،ص 160.

[7] . بخاري، ڪتاب بدء الخلق، باب مناقب قرابه الرسول، و ڪنز العمال،ج6،ص 220. مسند احمد بن حنبل، ج4،ص 328. صحيح مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه، باب فضائل فاطمه.

[8] . صحيح مسلم، ڪتاب فضائل الصحابه، باب فضائل فاطمه عليها السلام.

[9] . مستدرڪ اکصحيحين،ج3،ص 158.

[10] . الامامه والسياسه،ص 14.

[11] .صحيح مسلم،ڪتاب جهاد. مسند احمد بن حنبل،ج1،ص 9، سنن بيهقي ج6،ص 300. صحيح ترمذي باب ما جاء في ترکه الرسول ﷺ.

[12] . صحيح مسلم،ڪتاب جهاد. مسند احمد بن حنبل،ج1،ص 9، سنن بيهقي ج6،ص 300. صحيح ترمذي باب ما جاء في ترکه الرسول ﷺ.

[13] . ذخائي العقبي،ص 53. و سنن بيهقي ،ج5،ص 34.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي