جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

حضرت بيبي فاطمة زهرا (س) اهل سنت جي روايتن ۾3

فاطمه الزهرا عليها السلام جو پنهنجي موت کان باخبر هجڻ

حديث نمبر 30

احمد بن حنبل ام سلما کان روايت نقل ڪئي آهي فاطمه الزهرا عليها السلام بيمار هئي ۽ مان سائڻ جي سار سنڀال ڪندي هيس هڪ ڏينهن سائڻ ٿوري بهتر هئي ۽ حضرت علي عليه السلام ڪنهن ڪم سان گهر کان ٻاهر ويل هئا سائڻ مون کي چيو منهنجي لاء پاڻي کڻي اچ سائڻ ان پاڻي سان پاڻ کي بهترين نموني سان ڌوتو ۽ فرمايو: منهنجي لاء هڪ نئون لباس کڻي اچ ان نئين لباس کي پائي ڪري فرمايائون سائڻ ان بستري تي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي پئي ۽ فرمايائون اي اسماء منهنجا هن دنيا ۾ آخري پساو آهن ۽ منهنجي موت جو وقت اچي چڪو آهي مان پاڻ کي صاف ۽ سٿرو ڪيو آهي بس منهنجي جنازي کي ڪوبه عريان نه ڪري اهو چئي سائڻ هن دنيا تا لاڏڻو ڪري وئي.[1]

حضرت بيبي فاطمه الزهرا عليها السلام جو قيامت ڏينهن پل صراط تان عبور ڪرڻ

حديث نمبر 31

حاڪم مستدرڪ ۾ ابو هريره کان روايت نقل ڪئي آهي پاڻ سڳورن فرمايو: انبياء عليهم السلام قيامت جي ڏينهن بهترين سواري تي چڙهي ايندا تاڪي پنهنجي مومنن سانمحشر ۾ ملاقات ڪن حضرت صالح پنهنجي ڏاچي تي سوار ٿي ايندا ۽ مان براق تي چڙهي ايندس ۽ فاطمه الزهرا عليها السلام پل صراط تا عبور ڪرڻ ۾ مون آڏو آڏو هوندي.[2]

حديث نمبر 32

حاڪم مستدرڪ الصحيحين ۾ حضرت علي عليه السلام کان روايت ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: قيامت جي ڏينهن مناري ندا ڏيندو اي محشر وارو پنهنجي اکين کي بند ڪيو تاڪي فاطمه بنت محمد (ص) پل صراط کان عبور ڪري وڃي.[3]

حديث نمبر 33

خطيب بغدادي تاريخ بغداد ۾ عايشه کان نقل ڪيو آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: قيامت جي ڏينهن مناري ندا ڏيندو اي انسانو  پنهنجي سرن کي هيٺ جهڪايو تاڪي فاطمه بنت محمد (ص) پل صراط کان عبور ڪري وڃي.[4]

حديث نمبر 34

متقي ڪنزل العمال ۾ ابي ايوب کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول گرامي (ص) فرمايو: قيامت جي ڏينهن عرش مان منادي ندا ڏيندو اي اهل محشر پنهنجي سرن کي هيٺ جهڪايو ۽ اکيون بند ڪيو تاڪي فاطمه الزهرا عليها السلام پل صراط تان عبور ڪري بس حضرت فاطمه الزهرا عليه السلام 70 هزار حورن سان گڏجي هڪ لحظي ۾ بجلي وانگر پل صراط تان عبور ڪندي.[5]

حضرت فاطمه الزهرا ۽ ان جي اولاد تي جهنم جي باھ حرام آهي.

حديث نمبر 35

حاڪم مستدرڪ الصحيحين ۾ عبد الله بن مسعود کان روايت ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو:  فاطمه الزهرا پاڪ دامن آهي خدا فاطما جي ذريت ۽ اولاد تي جهنم جي باھ کي حرام قرار ڏنو آهي. [6]

حديث نمبر 36

متقي ڪنزل العمال ۾ ابن عباس کان روايت آندي آهي ته  رسول خدا (ص) فرمايو؛ اي فاطمه خدا توکي ۽ تنهنجي اولاد کي ڪڏهن به عذاب نه ڪندو. [7]

حديث نمبر 37

ذخائر العقبي واري حصرت امام علي ليه السلام کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول خدا (ص) فرمايو: منهنجي ڌي فاطمه قيامت جي ڏينهن ڪرامت جي لباس سان محشور ٿيندي ۽ سائڻ جو لباس موجب حيات هوندو سڀ سائڻ جي عزت کي ڏبيتعجب ڪندا ان کان پوء سائڻ کي بهشتي جامو پهرايو ويندو سائڻ جي لبا تي سائي رگ سان هزار ٻولين ۾ لکيل هوندو ته بنت رسول الله (ص) کي بهترين صورت ۽ هڪ وڏي شان ۽ شوڪت سان ۽ ڪامل فضيلت ۽ احترام سان ۽ سعادت ۽ خوشبختي سان سائڻ کي بهشت ۾ وارد ڪيو وڃي.[8]

                    فاطمه الزهرا عليها السلام سڀني کان پهريان جنت ۾ داخل ٿيندي         

حديث نمبر 38

ڪنزل العمال واري ابي يزيد مدني کان روايت نقل ڪئي اهي ته رسول خدا (ص) فرمايو: فاطمه بنت محمد (ص) سڀني کان پهريان بهشت ۾ داخل ٿيندي حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام جو مثال هن امت ۾ حضرت مريم وانگر آهي جيئن حضرت مريم بني اسرائيل ۾ بي مثال هئي سائڻ به هن امت ۾ بي مثال آهي.[9]

حديث نمبر39

ذهبي ميزان الاعتدال ۾ ابوهريره کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول گرامي (ص) فرمايو: سڀ کان پهريان جنت ۾ داخل ٿيڻ واري شخصيت فاطمه الزهرا عليها السلام جي هوندي.[10]

 

فاطمه الزهرا جو گهر انبياء عليهم السلام جي گهرن کان افضل آهي

حديث نمبر 40

سيوطي الدر المنثور ۾ انس بن مالڪ کان روايت نقل ڪئي آهي ته رسول خدا (ص) هن آيت مبارڪ کي پڙهيو: في بيوت اذن الله ان ترفع و يزکر فيها اسم الله. ڪجھ گهر جي باري ۾ خدا اجازت ڏني آهي انهن کي بلند مقام ڏنو وڃي ۽ انهن ۾ خدا جو ذڪر ڪيو وڃي حضرت رسول خدا (ص) کان سوال ڪيو ويو ته يا رسول گرامي اهي ڪهڙا ۽ ڪنهن جا گهر آهن جن کي خدا بلند مرتبو ڏنو آهي رسول خدا فرمايو: اهي گهر انبياء عليهم السلام جا گهر آهن ابوبڪر اٿي ڪري عرض ڪيو يا رسول الله علي ۽ فاطمه جو گهر به انهن گهرن منجهان آهي؟ پاڻ سڳورن فرمايو: ها فاطمه ۽ علي جو گهر به انهن منهجان آهي بلڪي انبياء جي گهرن کان افضل ۽ بهتر آهي.[11]

حضرت فاطمه انساني شڪل ۾ هڪ حور

حديث نمبر 41

تاريغ بغدادي ۾ رسول خدا کان روايت نقل ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: فاطمه حوراء انسيه کلما اشتقت الي الجنه قبلتها

يعني فاطمه الزهرا انساني شڪل ۾ هڪ حور آهي جڏهن مون کي بهشت جي سڪ لڳندي آهي فاطمه کي بوسو ڏيندو آهيان.[12]

حديث نمبر 42

صواعق محرقه ۾ پاڻ سڳورن کان روايت نقل ڪئي وئي آهي ته ابنتي فاطمه حوراء آدميه پاڻ سڳورن فرمايو: منهنجي ڌي فاطمه ماڻهو جي شڪل ۾ هڪ حور آهي.[13]

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام سان محبت قرآن واجب قرار ڏني آهي

حديث نمبر 43

احمد بن حنبل فضايل الصحابه ۾ روايت نقل ڪئي آهي ته جڏهن هي آيت نازل ٿي. قل لا اسئلکم عليه اجرا الا الموده في القربي[14] يعني اي رسول امت کي چئي ڏي ته مان رسالت جو اجر اوهان کان نٿو گهران مگر قربي جي محبت ۽ مودت يعني منهنجي ويجهڙن سان محبت ڪيو اهو منهنجي رسالت جو اجر آهي پاڻ سڳورن کان سوال ڪيو ويو ته اوهان جا ويجهڙا ڪير آهن؟ جن جي دوستي ۽ محبت قرآن مطابق اسان تي واجب آهي پاڻ سڳورن فرمايو: منهنجا ويجهڙا علي ۽ فاطمه ۽ انهن ٻنهين جي اولاد آهن جن جي محبت قرآن ۾ خدا واجب قرار ڏني آهي.[15]

حديث نمبر 44

تفسير بيضاوي ۾ عباس کان روايت آهي ته جڏهن آيت قربي نازل ٿي پاڻ سڳورن کان سوال ڪيو ويو ته اهي ڪير آهن جن جي محبت ۽ ولايت قرآن اسان تي واجب قرار ڏني آهي؟ رسول اڪرم (ص) فرمايو: علي ۽ فاطمه ۽ حسن ۽ حسين عليهم السلام آهن جن جي محبت قرآن ۾ خدا واجب قرار ڏني آهي.[16]

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام جي محبت ايمان ۽ ان سان بغض ڪفر آهي

حديث نمبر 45

ينابيع الموده واري حضرت ابوذر کان روايت ڪئي آهي جنهن جي هڪ حصي ۾ بيان ٿيل آهي ته علي ۽ فاطمه ۽ حسن ۽ حسين عليهم السلام سان محبت ايمان ۽ انهن سان دشمني ڪفر آهي انهن سان مومن دوستي ڪندو ۽ انهن سان ڪافر دشمني ڪندو.[17]

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام سان محبت جو فائدو

حديث نمبر 46

خوارزمي فرائد السمطين ۾ حضرت سلمان فارسي کان هڪ طولاني حديث نقل ڪئي آهي ان جي هڪ حصي ۾ آهي ته پاڻ سڳورن فرمايو: اي سلمان فاطمه سان محبت هڪ سئو 100 جاين تي فائدو ڏس انهن جاين مان آسان ترين هي آهن موت جي وقت ۽ قبر ۾ ۽ اعمالن کي ميزان ڪرڻ وقت ۽ محشر جي صحرا ۾ ۽ پل صراط تان عبور ڪرڻ وقت ۽ حساب ۽ ڪتاب جي وقت .[18]

حقيقت هي آهي ته ڪنهن به قلم ۾ اها طاقت نه آهي جو سيره النساء العالمين جا فضايل لکي سگهي يا زان سان بيان ڪري سگهي حتي سائڻ جا فضايل اهل سنت جي ڪتابن ۾ به شمار ڪرڻ کان وڌيڪ آهن ليڪن اسان مختصر هن مقالي 46 روايتن کي آندو آهي جيڪي حضرتفاطمه الزهرا عليها السلام جي ڪجھ زندگي کي بيان ڪري رهيون آهن.

سوال: سائڻ جي ايتري فضيلت جي باوجود ايتري قدر جو سائڻ جا دشمن به فاطمه الزهرا جا قصيدا ٿا پڙهن ان جي باوجود ڇو امت سائڻ کي ايترو ظلم ڪيو جو سائڻ جي گهر جي دروازي کي باھ ڏيئيساڙي ڇڏيو ان جو ڇا راز آهي؟

جواب

حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام جي گهر کي باھ ڏيڻ جي باري ۾ اهل سنت جي علمائن ۾ 3 نظريا يا ٽي گروھ آهن.

  1. اهل سنت جي علمائن جو پهريون گروھ اهو آهي جيڪي ان شي جا منڪر آهن چون ٿا ته سائڻ جي دروازي کي ڪنهن به باھ ناهي ڏني ۽ قايل آهن ته باھ وارو قصو ڪوڙو آهي.
  2. عمر فاطمه الزهرا عليها السلام جي گهر کي باھ ضرور ڏني آهي ۽ سائڻ کي ناراض ڪيو اٿس ليڪن اهو ڪم صغيرا گناهن منجهان آهي ابوبڪر ۽ عمر جي خلافت لاء رڪاوٽ نٿو ٿي سگهي هن گروھ وٽ حضرت فاطمه الزهرا هڪ عادي عورتن وانگر آهي.
  3. اهل سنت جي علمائن جو ٽيون گروھ ان شي جو قايل آهي ته بالفرض اگر فاطمه الزهرا جي گهر جي دروازي کي ساڙيو به ويو هجي ليڪن خلافت وارو مسئلو هڪ اهم مسئلو هيو ۽ خليفن جا مخالف فاطمه جي گهر ۾ گ ٿيل هيا ۽ خلافت جي مخالفن کي جيڪڏهن خليفن مارڪٽ ڪئي آهي يا انهن جي دروازي کي باھ ڏئي ساڙيو اثن ان ۾ ڪوبه اشڪال نه آهي خليفن اه ڪم خلافت جي ڪري ڪيو هيو ڪنهن شخصي عداوت يا دشمني جي ڪري سائڻ جي گهر جي دروازي کي نه ساڙيو هين.

ليڪن حق هي آهي ته اهل سنت جا سڀ اقوال قابل قبول نه آهن ٻئي نمبر گروھ کي جواب ڏيندي عرض ٿو ڪجي ته اوهان قايل آهيو ته سائڻ کي ناراض ڪرڻ يا ان جي گهر کي باھ ڏين هڪ ننڍڙو گناھ آهي اوهان جي اها ڳالھ خود اوهان جي نظريه جي خلاف آهي ڇو ته جيئن ذڪر ٿي چڪو اهل سنت جي معتبر ڪتابن به لکيو آهي ته فاطمه رسول خدا جي دل جو ٽڪڙو آهي جنهن به فاطمه کي ناراض ڪيو ۽ جنهن خدا کي ناراض ڪيو اهو ڪافر آهي. خدا ۽ رسول جي ناراضگي صغيره گناهن منهجان نه آهي بلڪي وڏي ۾ وڏي گناھ آهي.

اما ٽئين گروھ جي جواب ۾ عرض ٿو ڪجي ته اوهان فرمايو: ته خلافت جي ڪري اگر رسول جي ڌي جي گهر کي جلايو وڃي ان ۾ ڪوبه اشڪال نه آهي عرض هي آهي ته اهل سنت جي معتبر محدثين روايتون بيان ڪيو آهن جن کي اسان به بيان ڪيوسين فاطمه الزهرا ۽ علي جو گهر ايبياء جي گهرن منجهان آهي بلڪي انيباء جي گهرن کان به مرتبي ۾ مثي آهي خليفي کي ڪهڙو حق آهي ته نبي جي گهر کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏي. ها نا فرمان خليفي کان اها توقع رکي سگهجي ٿو.

پهرين گروھ جو جواب معلوم آهي ڇو ته انهن جي نظريي مطابق سائڻ جي گهر کي باھ وارو قصو ڪوڙو آهي جڏهن ته شيعا ۽ سنين جي معتبر ڪتابن ۾ اهو واقعو ذڪر ٿيل آهي هڪ واضح ۽ روشن شي جو انڪار نٿو ڪري سگهجي.

اميد آهي ته خدا اسان کي حضرت فاطمه الزهرا عليها السلام جي محبن مان قرار ڏئي ۽ اسان کي سائڻ جي شفاعت کان محروم نه ڪري. آمين

حوالا

 [1] .مسند احمد بن حنبل،ج6،ص 461. و ذخائر العقبي ، 53. اسد الغابه ، ج5،ص 590.

[2] . مستدرڪ الصحيحين،ج3،ص 153.، مجمع الزوائد،ج9،ص 212.

[3] . مستدرڪ الصحيحين،ج3،ص 153.، مجمع الزوائد،ج9،ص 212.

[4] . تاريخ بغداد،ج8،ص 141.

[5] . ڪنز العمال،ج6،ص 218. الصواعق المحرقه،ص 113.

[6] . مستدرڪ الصحيحين ج، ،ص، 152 و حليه  الاولياء ،ج 4 ،ص 188.

[7] ڪنزل العمال ج 6 ص 219  ذخائر القبي،ص48.

[8] . ڪنزل العمال ج 6 ص 219  ذخائر القبي،ص48.

[9] . ڪنز العمال،ج6،ص 219.

[10] . ميزان الاعتدال،ج2،ص131.

[11] .الدر المنثور،ج5،ص50.

[12] . تاريغ بغدادي،ج12،ص 331.

[13] . الصواعق المحرقه،ص 92.

[14] . سوره شوري، آيه 23.

[15] . فضايل الصحابه،ص 218.

[16] . تفسير بيضاوي،ج4،ص123.

[17] . ينابيع الموده،ص 118.

[18] . فرائد السمطين،ج2،ص47، ح 291. اسد الغايه ج5،ص 523. ڪفايه الطالب،ص 212.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي