ڇنڇر, 07 ڊسمبر 2019 - Sat 12 07 2019

منو

بيبي فاطمه زهرا (س) جي شخصيت

سائڻ زهرا(س) جن جي ولادت 20جمادي الثاني بعثت جي پنجين سال ۾ ٿي ۽ پاڻ ڪريمن(ص) جي هجرت کان پوءِ بيبي فاطمه زهرا(س) به مديني جي طرف هجرت ڪئي. هجرت کان ٻه سال پوءِ حضرت علي(ع)پهرين ذُوالحج سن ٻه هجريءَ ۾ ساڻس شادي ڪئي. مرحوم ڪليني پنهنجي ڪتاب ڪافي ۾ امام محمد باقر(ع)کان روايت ڪري ٿو ته فاطمة زهرا(س) بعثت جي پنجين سال پيدا ٿيون پوءِ جڏهن ته هوءَ ارڙهن سال ۽ پنجهتر ڏينهن جون هيون ته هن فاني جهان مان برقعو مٽائي ويون. 

اڄڪلهه جي هن جديد دور ۾ انسان پنهنجي حسين خوابن جي ساڀيان ۽ پنهنجي سپنن جي خوبصورت محل کي اڏڻ لاءِ پنهنجي پنهنجي آئيڊيل جي تلاش ۾ نظر اچي ٿو ڪنهن جي نظر ۾ ڪو بهترين سياستدان آئيڊيل آهي ته ڪنهن جي نظر ۾ ڪو دانشور محقق ۽ عالم،ڪو پنهنجو آئيڊيل ڪنهن بهترين رانديگر کي بڻائي ٿو ته ڪو اليڪٽرانڪ ميڊيا جي رنگين دنيا ۾ ڪنهن ڪامياب ڪردار کي آئيڊيل سمجهي ٿو مطلب تي فڪر ۽ خيال جي اختلاف سان انسان ۽ انهن جي آئيڊيل شخصيت به مختلف ٿئي ٿي.آئيڊيل شخصيتون ٻن قسمن جو ٿين ٿيون هڪ اهي جن کي انسان آئيڊيل بڻائي ٿو جڏهن ته اهي حقيقت ۾ آئيڊيل  نه هونديون آهن جڏهن ته ڪجهه شخصيتون فطري طور آئيڊيل آهن چاهي ڪير انهن کي پنهنجو آئيڊيل سمجهي يا نه. يعني الله تعالى پنهنجي قدرت سان انهن کي انسانيت لاءِ اهڙو ته آئيڊيل بڻايو آهي جو هر انسان سندن وجود ۾ موجود فطري ڪشش سبب انهن ڏانهن ڇڪجي اچي ٿو، سندن ڪردار کان متاثر ٿي ان جي پيروي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ سندس رنگ ۾ رنڱجڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. انساني تاريخ ۾ حضرت محمد مصطفى (ص) جي ذات اها هستي آهي جنهن کي انسانن لاءِ سڀني کان وڌيڪ  متاثر ڪندڙ شخصيت مڃيو ويو آهي، سندن ڪردار ايترو ته اعلى هو جو خود خالق اڪبر به ان جي گواهي ڏيندي فرمايو آهي ته:

لَقَدْ كانَ لَكُمْ في‏ رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ لِمَنْ كانَ يَرْجُوا اللَّهَ وَ الْيَوْمَ الْآخِرَ وَ ذَكَرَ اللَّهَ كَثيراً[1]

يعني مسلمانو! بيشڪ اوھان جي لاءِ الله جي پيغمبر (ص) جي زندگي بهترين آئيڊيل آهي اُنھيءَ شخص لاءِ آھي جيڪو الله (جي رضا جي اُميد) ۽ قيامت جي ڏينھن (جي اچڻ) جي اميد رکندو ھجي ۽ الله کي گھڻو ياد ڪندو ھجي. 

 جيئن رحمة للعالمين رسول الله (ص) پوري ڪائنات جي انسانن لاءِ آئيڊيل شخصيت آهن، تيئن سندن نياڻيءَ کي به رسول پاڪ(ص) پوري دنيا جي عورتن لاءِ آئيڊيل شخصيت قرار ڏيندي کين ”سيدة النساءِ للعالمين“ جو لقب عطا ڪيو.

رهبر معظم انقلاب اسلامي ايران آيت الله العظمى سيد علي خامنه اي جي فرمان مطابق ته: جامعه اسلامي کي گھرجي ته سائڻ زهرا (س)۽ سائڻ زينب(س) کي عورتن لاءِ آئيڊيل ۽ نمونه عمل  پيش ڪري ته جيئن  عورتن پنهنجي حقيقي مقام تي پهچي سگهن ٿيون.[2]

حقيقت به ائين آهي ته حضرت زهرا (س) هڪ آئيڊيل خاتون، هڪ آئيڊيل ڌيءُ، هڪ آئيڊيل گهر واري ۽ هڪ آئيڊيل ماءُ آهي . جنهن جي گواهي ڏيندي رسول الله (ص) جن جي حديث آهي ته:  خوش نصيب آهي اهو گهر جنهن ۾ زهرا(س) هجي .هن مختصر مقالي ۾ ڪوشش ڪنداسين ته وضاحت سان بيان ڪريون ته  حضرت زهرا (س)ڪئين  ڪائنات جي عورتن جي لاءِ آئيڊيل شخصيت آهي؟

1_ حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل عورت

2_ حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل ڌيءَ

3_ حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل گهرواري

4_ حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل  ماءُ

حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل عورت

حضرت زهرا (س)هڪ  اهڙي آئيڊيل شخصيت آهي، جنهن جي زندگي تي اسان جيڪڏهن نظر ڪريون ٿا ته سائڻ جي زندگيءَ جا مختلف پهلو انسانن لاءِ خاص ڪري عورتن لاءِ هن دنيا توڙي آخرت لاءِ ڪارائتا آهن انهن پَهلوئن کي اسان هتي ٻن حصن ۾ بيان ڪريون ٿا.

1_ سندن انفرادي پهلو:

الف_ حجاب جي اهميت

حضرت علي (ع)جن فرمائن ٿا ته: هڪ ڀيري حضرت زهرا (س) جي گهر هڪ انڌو شخص آيو ته سائڻ پنهنجي پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. رسول اڪرم(ص) جن فرمايو ته : توکي جڏهن  اهوشخص ڏسي نه ٿو سگھي ته ان کان ڪهڙو پردو؟ سائڻ عرض ڪيو ته : توڙي جو هو مونکي نٿو ڏسي پر مان ته هن کي ڏسي سگھان ٿي ۽ هو منهنجي بوءِ کي محسوس ڪري سگھي ٿو. “فقال رسول الله(ص): اشهد انک بضعه منی” پيغبر اڪرم(ص) سائڻ جي ڪردار جي حق ۾ اهو فرمايو ته مان گواهي ٿو ڏيان ته بيشڪ تون منهنجو ٽڪڙو آهين.[3]

ب: صبر جو لحاظ:

سائڻ (س)ٻين کي دين جا مسئلا سيکارڻ لاءِ وڏي صبر کان ڪم وٺندي هئي. هڪ ڏينهن هڪڙي عورت سائڻ (س) کان هڪ مسئلي جي باري ۾ سوال ڪرڻ چاهيو ۽ سوال ڪيائين ته: منهنجي ٻڍڙي امڙ نماز ۾ ڀُلجي پئي هئي انهي مسئلي خاطر مونکي توهان جي خدمت ۾ موڪليو اٿس ته توهان کان انهيءَ جو جواب حاصل ڪريان. سائڻ انهيءَ عورت جي سؤال جو جواب ڏنو، ان عورت ٻه ٽي مرتبا سوال کي ڌهرايو سائڻ به صبر ۽ حوصلي سان ان جو جواب ڏنو ايستائين جو ان عورت هڪ ئي سوال کي ڏهه ڀيرا ڌهرايو سائڻ به ڏهه دفعا انهي جو جواب ڏنو، اها عورت لڳاتارسوال ڪرڻ تي شرمائيندي چوڻ لڳي ته مان توهان کي وري تڪليف نه ڏيندس . سائڻ (س) فرمايو ته ڪو مسئلو ڪونهي توکي جڏهن به ڪو مسئلو پُڇڻو هجي بغير ڪنهن شرمندگيءَ جي وري به مون کان اچي سوال ڪر مان ڪاوڙ ڪونه ڪنديس. ڇو جو مون پنهنجي پيءُ کان ٻڌو آهي ته پاڻ سڳورن(ص) فرمائي رهيا هئا ته : قيامت جي ڏينهن منهنجي امت جا عالمَ اسان جا پوئلڳ محشور ٿيندا ۽ جيڪو ڪجهه انهن ماڻهن کي سيکاريو هوندو انهي جو عظيم ثواب انهن کي عطا ڪيو ويندو ۽ ثواب جو اندازو انهن جي تلاش جيترو هوندو جيتري به انهن الله جي بندن کي هدايت ڪئي هوندي اوترو ئي انهن کي   اجر ۽ ثواب ملندو.[4]

ج: ٻين جي حق ۾ دعا گهرڻ:

امام حسن مجتبى عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: مون پنهجي ماءُ کي جمعي جي رات مصلي تي عبادت ڪندي ڏٺو ايستائين جو صبح جي سفيدي تائين عبادت ۾ مشغول هئي ۽ مون اهو ٻڌو پئي ته منهنجي امڙ مؤمنن  لاءِ دعا پئي گهري، ايتري قدر جو مؤمنن جانالا کڻي انهن لاءِ دعا گهريائون ۽ پنهنجي لاءِ ڪا به دعا نه پئي گهريائين ته مون عرض ڪيو : امان ! جيئن ٻين لاءِ دعا پيا گُهرو ائين پنهنجي لاءِ دعا ڇو نٿا گُهرو؟ فرمايائون ته : پهريان پاڙي وارا پوءِ پنهنجو گهر. [5]

د: سچي سائڻ:

حضرت عايشه نقل ڪري  ته : مون رسول خدا(ص) کان سواءِ سچائي ۾ ڪنهن کي به ناهي پاتو! جيڪڏهن رسول(ص) کان سواءِ ٻيو ڪير سچو آهي ته فاطمه(س) انهي جي نياڻي سچي آهي.

2_ سماجي ڪردار :

الف_ نيڪي جو حڪم ڪرڻ ۽ برائي کان روڪڻ:

قرآن ڪريم انهن ٻنهي ( امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر)عملن کي مؤمن جي صفتن مان شمار ڪري ٿو ، انهي باري ۾ ارشاد رب العزت آهي ته:

 وَ الْمُؤْمِنُونَ وَ الْمُؤْمِناتُ بَعْضُهُمْ أَوْلِياءُ بَعْضٍيأْمُرُونَ بِالْمَعْرُوفِ وَ ينْهَوْنَ عَنِ الْمُنْكرِ[6] ۽ مؤمن ۽ مؤمنياڻيون (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا مددگار آھن، چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا آھن ۽ خراب ڪمن کان جھليندا آھن

هن آيت ۾ هڪ اهم نڪتي جي طرف اشارو آهي ته خداوند متعال عورتن کي امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جي ميدان ۾پابند بڻايو آهي.  عورتون به مردن جيان ضروري آهي ته  الله جي  ڏنل سگھ کان فائدو وٺندي امر بالمعروف و نهي عن المنڪر جي حڪم ۾ اڳڀريون هجن، ڇو جو اهي ٻئي حڪم اسلام ۾ سڀني حڪمن کان افضل ۽ مهم آهن ايستائين جو جهاد کان به وڌيڪ آهن.امام علي عليه السلام فرمائن ٿا ته :

و ما اعمال البركلّها و الجهاد في سبيل الله عند الامر بالمعروف و النهي عن المنكر الاّ كنفثهِ فيبحرٍ لِجّي [7]

سڀ جا سڀ نيڪ عمل ، ايستائين جهاد به جيڪو الله جي راه ۾ ڪيو وڃي ٿو، امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر سامهون ائين آهن ڄَڻُ سمنڊ سامهون هڪ قطرو هجي  .

 بيبي سڳوري(س) خراب ڪمن کان روڪڻ جي حڪم کي، قرآني آيتن کان علاوه، عقلي دليل ذريعي به ثابت ڪيو آهي. جهڙي ريت بيبي(س) حضرت ابو بڪر سان مناظرو ڪندي قرآني آيتن کان علاوه عقلي دليل به پيش ڪيا . تاريخ انهي ڳالهه جي گواهه آهي ته سائڻ هڪ ڏينهن حضرت ابوبڪر وٽ وئي ۽ کيس باغ فدڪ جي غصب ڪرڻ واري خراب عمل تي تنبيه ڪيائين . بيبي سڳوري(س) خليفي جي جواب ۾ فرمايو ته : اي ابوبڪر! جڏهن تون هن دنيا کي ڇڏيندين ته تنهنجو وارث ڪير ٿيندو؟ خليفي وراڻيو ته، منهنجي گهر واري ۽ ٻار . سائڻ زهرآ (س)جن فرمايو ته پوءِ مان پنهنجي پيءُ جي وارث ڇو نٿي ٿي سگهان ؟[8]

ب: پاڪدامني ۽ نا محرمن کان پري هجڻ:

سائڻ زهرا (س)هن سؤال ”عورتن جي لاءِ ڪهڙي شيءَ بهتر آهي؟“ جي جواب ۾ فرمايو ته: عورتن لاءِ سڀ کان وڌيڪ شي اها بهتر آهي ته اهي مردن ڏانهن نگاه نه ڪن ۽ مرد انهن کي نه ڏسن.[9]

ج : سخاوت:

هڪ ڀيري پيغمبر (ص)  سائڻ جي لاءِ هڪ شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ جي لاءِ هڪ لباس آندو ڇو جو سائڻ جو لباس جيڪو تن مبارڪ تي هو اهو ڦاٽل ۽ چتيون لڳل هو، انهي موقعي تي هڪ سوالي اچي لباس جو سوال ڪيو، سائڻ فاطمه چاهيو ته اهو پراڻو لباس سوالي کي ڏئي ، پر متوجهه ٿيون ته خداوند متعال جن فرمايو آهي ته :

لَن تَنالُوا البِرَّ حَتّي تُنفقوا ممّا تُحبّون چڱائيءَ کي ايستائين ڪڏھن نه پھچندؤ جيستائين جن شين کي دوست رکندا آھيو تن مان (الله جي واٽ ۾ نه) خرچيو[10] .   انهي مهل نئون لباس فقير کي کڻي ڏنائون.[11]

د: سادگي پسند:

سلمان فارسي نقل ٿو ڪري ته: مون هڪ ڀيري سائڻ فاطمه (س)کي ڦاٽل ۽ سادي چادر پاتل ڏٺي . ته مان سوچيو ۽چوڻ لڳس ته عجيب! ايران ۽ روم جي بادشاهن جون ڌيئرون ته سون جي تختن تي ويهن ٿيون ۽ بهترين ڪپڙي جو لباس تن تي ڪن ٿيون. ۽ هي رسول خدا(ص) جي نياڻي نه اوچي چادر پائي ٿي ۽ نه وري ڪو زينت وارو لباس ٿي پهري ٿي . سائڻ فاطمه (س)جواب ۾ فرمايو ته : اي سلمان ، خداوند متعال زينت واري لباس ۽ سون واري تختن کي اسان جي لاءِ قيامت واري ڏينهن جي لاءِ بچائي رکيو آهي.[12]

حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل ڌيءَ

سائڻ جي شخصيت ۾ انسانيت جي لاءِ فڪر واري زندگي آهي. سائڻ جو مڪتب ڌيئرن ۽ عورتن کي اهو سيکاري ٿو ته مسئوليت کي سڃاتو وڃي ۽ مسئوليت کي قبول ڪيو وڃي ۽ انهي بنيادي نڪتي جي طرف پنهنجي زندگي ۾ متوجهه ٿين ته جيئن قيامت جي ڏينهن پنهنجي عملن جا جواب ڏئي سگهن. سائڻ جي حياتي سڀني کي اهو سبق ڏئي ٿي ته صرف ۽ صرف خدا جي لاءِ زندگي ڪن ۽ انهي جي راهه ۾ ثابت قدم رهن، هڪ لمحو به پنهنجي عمر جو اجائي ڪمن ۾ خرچ نه ڪن، پنهنجي زندگي کي رٿا بنديءَ سان هلائن ۽ هڪ لمحو به خدا جي راهه ۾ جهاد کان پاسو نه ڪن. سائڻ (س)سڀني کي اهو سيکاريو ته پاڪ زندگي جا حقدار ڪيئن ٿين ؟

اهي غلط رسمون جيڪي ، معاشري ۾ مشهور هيون حضرت فاطمه زهرا (س) انهن ڪڌين رسمن کي ٽوڙڻ واري شخصيت آهي؛ سائڻ(س)،  پيغمبر (ص) جي لاءِ هڪ عملي تجربو هئي ۽ رسول خدا (ص) هن جي وجود سان الاهي سنتن ۽ اسلامي پروگرامن کي، عورتن آڏو پيش ڪيو.

پيغمبر (ص) سائڻ جي وسيلي سان اهو ڪري ڏيکاريو ته پنهنجي ڌيئرن سان ڪيئن محبت ڪئي وڃي ۽ ماڻهو جنهن زماني ۾ پنهنجي ڌيئرن کي جيئرو دفن ڪندا هئا، ته پيغمبر (ص)  پنهنجي نياڻي جي هٿ کي بوسو ڏئي ڪري اهو ٻڌائڻ پيءِ چاهيائين ته اسلامي دنيا ۾ عورت جو ڇا مقام آهي. پيغمبر (ص) سائڻ جي ذريعي سان اهو ٻڌائي ڇڏيو ته پٽ جي نه هجڻ سان ، پاڻ ابتر ناهي، بلڪه ڌيءُ  خير ڪثير جو سبب ٿئي ٿي[13]

حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل گهرواري

عورت لاءِ وڏي ڪاميابي اها آهي ته پنهنجي زندگي جي مختلف پهلوئن تي ، پنهنجي گهر واري جي خوشحالي کي حاصل ڪري ۽ هر انهيءَ ڪم کان پرهيز ڪري جنهن ۾ سندس شوهر ناراض ٿيندو هجي. حضرت علي عليه السلام فرمائن ٿا ته : ”عورت جو جهاد، بهترين گهر واري هجڻ آهي.“  ۽ حضرت علي(ع)فرمائن ٿا ته : مونکي قسم آهي خدا جو مون زهرا (س) کي ايستائين جو خدا جي طرف وئي ڪڏهن به نه  ڪاوڙايو ۽ ڪنهن ڪم ۾ ناراضپي جو سبب نه ٿيس . هن به مونکي ڪڏهن ناراض ڪونه ڪيو ۽ ڪو اهڙو عمل به  انجام نه ڏنو جيڪو منهنجي ناراضگي جو سبب ٿئي.[14]

سائڻ سڳوري ، گهريلو ڪمن ۽ گهر واري هجڻ جي ناتي جا قانون بخوبي رعايت ڪندي هئي. سائڻ زندگي ۾ پنهنجي شوهر سان گڏ حقيقتاً شريڪ حيات ۽ همراز هئي.

اقتصادي لحاظ کان تنگي جي هجڻ ڪري،  گهر ۾ ڪڏهن ڪڏهن خوراڪ جي نه هجڻ ڪري سائڻ جا ٻار ۽ پاڻ به بُک تي هوندي هئي، پر سائڻ زهرا (س)امام علي (ع)کي ڪجهه  به نه چوندي هئي ۽ نه ان کان ڪنهن قسم جي درخواست به ڪندي هئي. ايستائين پيغمبر (ص) کي به ڪڏهن انهيءَ باري ۾ ڪا ڳالهه نه ڪندي هئي. ان ڊپ کان ته متان مان ڪنهن شيءِ جي گُهر ڪريان ۽ علي(ع)انهي کي پورو نه ڪري سگهي ۽ شرمسار ٿئي .ان ريت زندگي گذارڻ فقط سائڻ زهرا(س) جو ڪمال آهي .حضرت زهرا مرضيه (س)عورتن لاءِ بهترين نموني عمل ۽ آئيڊيل شخصيت آهي.   حضرت زهرا (س)پنهنجي شوهر سان گڏ تمام بهترين زندگي گذاري، نه رڳو پنهنجي شوهر کي ناراض نه ڪيائين بلڪه سائڻ، مولا جي مددگار به هئي. حضرت امام علي عليه السلام فرمايو ته: مان جڏهن به حضرت زهرا (س) جي چهري مبارڪ

تي نگاهه ڪندو هيس ته چاهي ڪيترو به غمگين هجان، منهنجا سڀ غم ختم ٿي ويندا هئا.[15]

امام صادق (ع)فرمائن ٿا ته : ... علي (ع)پاڻي ۽ ڪاٺيون آڻيندو هو ۽ حضرت زهرا (س)اَنُ پهي ڪري ۽  اٽو ڳوهي ماني پچائيندي هئي ۽ ڪپڙا سبندي هئي، ۽ سائڻ سونهن جي راڻي هئي ۽ رخسار پاڪ  سهڻي گل جيان هيس . درود خدا هجي انهي تي ۽ هن جي پيءَ ۽ ٻچڙن تي.[16]

امام علي (ع)فرمائن ٿا ته: زهرا (س)ايترو ته مشڪ سان پاڻي ڪڍيو جو سندس سيني تي نشان ٿي ويا، ۽ ايتري قدر ته چڪي هلايائين جو هن جا هٿ به زخمي ٿي ويا ۽ ايتري قدر ٻهاري ڏنائين ۽ رڌ پچاءُ ڪيائين جو سندس لباس دونهين ۽ مٽيءَ سان خراب ٿي ويندو هو ۽ انهن ڪمن ۾ گهڻيون تڪليفون ڏٺائين...[17]

حضرت زهرا (س)هڪ آئيڊيل ماءُ

اولاد سان محبت

علم تربيت جي ماهرن جو چوڻ آهي ته : ٻارَ کي ننڍپڻ ۾ سڀ کان وڌيڪ محبت جي ضرورت هوندي آهي . ٻار چاهيندو آهي ته سندس ماءُ ۽ پيءُ ان کي گھڻي کان گھڻو پيار ۽ محبت ڏين . سائڻ زهرا(س) پنهنجي گھر کي محبت ۽ پيار جو مجسمو بنائي ڇڏيو هو .حضرت سلمان فارسي بيان ڪري ٿو ته: “هڪ ڏينهن خاتون جنت (س) کي جنڊ هلائيندي ڏٺم، اوچتو سندس ٻچڙي حسين(ع)روئڻ شروع ڪيو مان عرض ڪيو ته: آءٌ توهان جي ڪهڙي شيءِ ۾ مدد ڪريان؟ جنڊ هلايان يا توهان جي ٻچڙي کي ماٺ ڪرايان ؟ سائڻ پاڪ فرمايو ته: مون کي گھرجي ته حسين(ع)کي ماٺ ڪرايان، توهان اچي جنڊ  هلايو” .

اولاد کي عبادت جو درس

حضرت زهرا (س)پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان، خداوند متعال جي عبادت طرف شوق ڏياريو ۽ خداوند متعال جي عبادت کي انهن جي فطرت ۾ سمائي ڇڏيائين ۽ شروع کان پنهنجي ٻارن کي تعليم ڏني ۽ انهن کي معرفت حاصل ڪرڻ لاءِ شوق ڏياريو، مثال جي طور تي پنهنجي پٽ حسن عليه السلام جنهن جي اڃا عمر ست سال هئي ته فرمائيندي هئي ته : ”مسجد وڃو، جيڪو ڪجهه به پيغمبر(ص) کان ٻڌو ته انهي کي ياد ڪريو  ۽ اهو اچي مونکي ٻڌايو “.[18]

آخر ۾ رب پاڪ کان دعا آهي ته الله سائين جهان جي مڙني عورتن کي سائڻ پاڪ(س) جي سيرت تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. [19]

 

[1] _‌ سورة احزاب ، آية 12.

[2] _ سخنراني مقام معظم رهبريحضرت آية الله خامنه‌اي در ورزشگاه آزادی،  30/7/76

[3] _ بحارالانوار، ج 43، ص 191

[4] _ حميدرضا، 75 درس زندگي از سيره عملي حضرت فاطمه زهرا سلام اللّه عليها، ص 29.

[5] _ ڪشف الغمّه، ج 2، ص 25 و 26 ـ بحار، ج 43، ص 81.

[6] _ سورة توبه، آيت71

[7] _ شرح نهج البلاغه ابن ابي الحديد، ج 19، ص306

[8] _ ڪشف الغمّه ، ج 1، ص477

[9] _ مناقب شهر آشوب، ج 3، ص 119

[10] _ رياحين الشريعه، ج 1، ص 106

[11] _ سوره آل عمران، آيت 92

[12] _ بحار الانوار، ج 16، ص 18.

[13] _ در مڪتب فاطمه، اميري، 1375

[14] _ حسيني شاهرودي ،سيد محمد، الگوهاي رفتاری حضرت زهرا Iتربيت فرزند،ص16.

[15] _ حسيني ، سيد علي، ڪرامات و مقامات عرفاني حضرت زهرا Iص44.

[16] _ روضة الکافي، ص 165.

[17] _ بحارالانوار، ج 43، ص 42 و 82 ـ بيت الاحزان، ص 23.

[18] _ محمدي اشتهاردي ،محمد، نگاهي بر زندگي حضرت فاطمه Iص 64

[19] _ حسيني شاهرودي ،سيدمحمد، الگوهاي رفتاري حضرت زهرا Iتربيت فرزند، ص 14

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي