جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

بيبي زينب(س) جي شخصيت

الله تعالى جي هن وسيع ڌرتيءَ جي سيني تي ڪيترائي اهڙا امر انسان ٿي گذريا آهن ، جن پنهنجي لازوال ڪارنامن جي ڪري دنيا جي ٻين انسانن کي بامقصد زندگي گذارڻ جو رستو ڏيکاريو ، انهن امر انسانن ۾ جتي ڪيترا ئي مرد ٿي گذريا آهن ته ڪيتريون ئي عظيم عورتون به انهي فهرست ۾ شامل آهن ۽ جڏهن به انهن عورتن جو ذڪر ٿئي ٿو ته صديقهء نائبة الزهرا سلام الله عليها شريڪة الحسين، حضرت زينب سلام الله عليها

  جو نالو سڀني کان وڌيڪ نروار نظر ٿو اچي ، اها بيبي جنهن پنهنجي ايمان ، صبر ، بردباري ۽ بهادريءَ سان سندس مظلوم ڀاءُ حضرت امام حسين عليه السلام جي مقصد کي پڄاڻي ءَ تي پهچايو ۽ ڪوفي ۽ شام جي بازارن ۽ دربارن ۾ انسان جي ضمير کي جهنجوڙيندڙ خطبن سان اموي ايوانن جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو ۽ انهن جي اڀرندڙ هر سازش کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو ،هن مختصر مقالي ۾ سندن شخصيت جي ڪجهه رخن تي روشني وجهنداسين.

ولادت ۽ نالي رکڻ جو اهتمام :

مشهور قول جي مطابق سندن ولادت 15 جمادي الاول سن ڇهه 6 هجريءَ تي مدينه منوره ۾ ٿي.[1]

۽ جڏهن سندن ولادت ٿي ته سندن والده محترمه بيبي فاطمه الزهرا سلام الله عليها  ، حضرت علي عليه السلام جن کي فرمايو : يا علي (ع) پنهنجي نياڻي جو نالو رکو ته پاڻ جواب ۾ فرمايائون : آئون ڪڏهن به توهان جي بابا (پنهنهجي سردار ) حضرت محمد (ص)  جن کان اڳرائي نه ڪندس پاڻ سڳورا(ص) هڪ مسافرت تي ويل هيا ، جيئن ئي سفر کان واپس موٽيا سڀني گهر وارن گڏجي عرض ڪيو يا رسول الله (ص)  پنهنجي پياري ڏهٽي جو نالو رکو پاڻ فرمايائون ته فاطمه سلام الله عليها   جي اولاد منهنجي اولاد آهي ان جي ڪري آئون نالي رکڻ ۾ خدا تعالى جي حڪم جو انتظار ڪندس . ان دوران ئي حضرت جبرائيل عليه السلام  نازل ٿيو ۽ فرمايائين ته خداوند عالم فرمائي ٿو ته هن نونهال جو نالو زينب سلام الله عليها   رکو ۽ هي اهو نالو آهي جيڪو سندس لائي لوح محفوظ ۾ لکيو ويو آهي .

ان کان پوءِ اهي مصيبتون جيڪي هن بيبي تي اچڻيون هيون بيان ڪيائين تنهن تي رسول خدا(ص) روئڻ لڳا ۽ فرمايامون : من بکى على مصائب هذهِ البنتِ کان کمن بقى على اخويه الحسن والحسين .

ترجمو: جيڪو شخص به منهنجي هن نياڻي جي مصيبت تي روئيندو ته جهڙوڪه ان شخص سندس ٻن ڀائرن حضرت امام حسن عليه السلام  ۽ امام حسين عليه السلام  تي گريو ڪيو [2] پاڻ سڳورن (ص) جي ان حديث مان مطلب اهيو ٿو ظاهر ٿئي ته هن ڀيڻ ۽ ڀائرن جون مصيبتون هڪئي آهن ۽ انهن تي روئڻ جو اجر به ساڳيو ئي آهي.

زينب جي معنى ۽ “ان ” جا آثار :

زينب جو لفظ جيڪو ٻن لفظن هڪ “زين” ۽ ٻيو “اب” مان ملي ٺهيو آهي . تنهن جي معنى آهي پيءَ جي زينت[3] ۽ حقيقت ۾ هي بيبي پنهنجي بابا جي زينت هئي ،گفتار ۾ ،رفتار ۾ ، ايمان ۾ ، تقوى ۽ پرهيزگاري ۾ ،بيان جي بلندين ۾ ،اهوئي سبب آهي جو علم نفسيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته وراثت جي قاعدي مطابق گهڻو ڪري پٽ پيءَ جون خصلتون اختيار ۾ ڪندو آهي ۽ ڌيءَ وري ماءُ سان هڪ جهڙائي اختيار ڪندي آهي ،ليڪن جڏهن حضرت فاطمه الزهرا سلام الله عليها ۽ حضرت زينب سلام الله عليها جي طرز زندگي تي نگاه ٿا ڪيون ته اهيو قاعدو ٽٽدو نظر ٿو اچي ،ڇاڪاڻ ته هنن ٻنهي بيبين عليهماالسلام جي هڪ جهڙائي پنهنجي پيئرن سان نظر ٿي اچي ايسيتائين جو حضرت زهرا سلام الله عليها  جي باري ۾ اهيو چيو ويو ته سندن اٿڻي ، ويهڻي ۽ ڳالهائڻ جو انداز رسول الله(ص) وانگر لڳندو هو .۽ حضرت زينب سلام الله عليها جي لاءِ ڪوفي جي بازار ۾ چوڻ واري ائين چيو ته اهيو خطبو ائين ڏئي رهي آهي ،جهڙوڪ سندن بابو علي عليه السلام جي زبان تان اهي جملا جاري ٿي رهيا هجن[4]

حضرت زينب (س) جا لقب :

حضرت زينب سلام الله عليها جن جي لقبن مان اهيو ئي معلوم ٿئي ٿو ته هي ڪا عام بيبي ناهي ، بلڪه وڏ عظمت واري بيبي آهي تاريخ دانن سندن ڪيترائي لقب ذڪر ڪيا آهن جن مان ڪجهه هيٺ ذڪر ڪجن ٿا.

  1. عقيله بني آل هاشم ، عقيله الطالبين: يعني هاشمي خاندان يا حضرت ابو طالب عليه السلام جي خاندان جي( قابل احترام) ڏاهپ ۽ دانائيءَ واري بيبي .
  2. موثقه: يعني پنهنجي گفتار ۽ رفتار ۾ قابل اعتماد بيبي .
  3. عارفه: يعني دين جي اصول ۽ فروع جي مڪمل معرفت رکڻ واري بيبي .
  4. عالمه غير معلمه : يعني بغير استاد جي تمام علمن جي عالم بيبي .
  5. فاضله :يعني سڀني عورتن تي فضيلت رکڻ واري بيبي .
  6. ڪامله : يعني تمام نيڪ خصلتن جي مالڪ بيبي .
  7. عابده آل علي عليه السلام : يعني علي عليه السلام جي خاندان جي عبادت گذار بيبي
  8. نائبه الزهرا : يعني جناب زهرا سلام الله عليها جي جانشين بيبي .
  9. شريڪه الحسين عليه السلام : يعني حضرت امام حسين عليه السلام سان سندن دائي مقصد ۾ شريڪ بيبي .

حضرت زينب (س) جي عبادت :

عابده آل علي عليه السلام جو ماڻيندڙ ان بيبي جي عبادت جي ڇا ڳالهه ڪجي جو وقت جو امام حضرت امام حسين عليه السلام پنهنجي آخري وقت تي کين مخاطب ٿي فرمائين ٿاته: اي ڀيڻ زينب سلام الله عليها مونکي نماز شب (تهجد جي نماز) ۾ ڪڏهن نه ويسارجان[5] امام عليه السلام جي زبان مان جاري ٿيندڙ اهي جملا وڏي معنى رکن ٿا ڇا ڪاڻ ته پاڻ ان علم امامت سان ڄاڻيندا هيا ته مون کان پوءِ هن بيبي تي ڪيتريون مصيبتون اچڻيون آهن ،ليڪن ان جي باوجود به سندن اهي جملا ان حقيقت کي ظاهر ٿا ڪن ته خدا تعالى جي بارگاه ۾ حاضر ٿيڻ لاءِ حضرت زينب سلام الله عليها  جي نظر ۾ اهي مصيبتون ڪجهه به اهميت نه ٿيون رکن . جناب زينب سلام الله عليها  الله تعالى جي عبادت ۾ سندن والده محترمه جو ڏيک ڏينديون هيون. سڄي رات جاڳي خدا تعالى (ج ) جي عبادت ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت ۾ گذاريديون هيون بعض عالمن جو چوڻ آهي ته زندگي ۾ ڪڏهن به حضرت زينب سلام الله عليها  شب بيداري ۽ رات جي مستحب نمازن کي نه ڇڏيائون ايسيتائين جو امام زين العابدين عليه السلام جن فرمائين ٿا ته : مون پنهنجي پڦي امان کي ڏٺو ته يارهين محرم جي رات به ويهي نماز پڙهي رهيون آهن.[6]

حضرت زينب (س) جو علم:

اگر ٿورڙو غور ڪيو وڃي ته هن عالمه بيبي جي علمي مقام لاءِ علم لدني جي عالم امام زين العابدين عليه السلام جا هي جملا ئي ڪافي آهن : جيڪي کين ڪوفي جي بازار ۾ خطبي

ڏيڻ کان بعد مخاطب ٿي فرمايائون : “عمتي انت بحمد الله عالمة غير معلمة و فهمة غير مفهمة ” ترجمو: “ اي پڦي امان توهان الله (ج) جي ثناء سان ، اهڙي عالمه آهيو جنهن کي ڪنهن استاد علم ناهي سيکاريو ۽ اهڙي داناء آهيو، جنهن کي ڪنهن سمجهائڻ ۽ تربيت ڏيڻ واري جي ضرورت نه آهي.”

علامه دربندي ، امام سجاد عليه السلام جي انهن جملن جو مطلب هن ريت بيان ڪن ٿا ته ، “کين دنيا جي ڪنهن به استاد وٽ حاضر ٿيڻ جي ضرورت نه هئي، بلڪه سندن علم جو سرچشمو به اهو ئي هو جيڪو جناب رسول خدا (ص) جن علي عليه السلام ، حضرت فاطمه الزهراسلام الله عليها ، امام حسن عليه السلام  ۽ امام حسين عليه السلام جن جو هو ۽ سندن تربيت به انهن ئي هستين فرمائي هئي .

شيخ صدوق عليه رحمه روايت ڪن ٿا ته : حضرت زينب سلام الله عليها پنهنجي ڀاءُ حضرت امام حسين عليه السلام جي طرفان خاص نيابت رکنديون هيون ۽ حضرت امام زين العابدين عليه السلام جي صحتيابيءَ تائين ماڻهو حلال ۽ حرام جي مسئلن (شرعي احڪامن) ۾ ان بيبي ڏانهن رجوع ڪندا هئا .[7]

حضرت امام علي عليه السلام جن جي ظاهري خلافت واري دور ۾ ڪوفي شهر ۾ ،ڪوفي وارين عورتن کي قرآن مجيد جي تفسير جھو سبق ڏينديون هيون، انهن ڏينهن ۾ هڪ دفعو پاڻ سوره مريم جي پهرين آيت “ڪهيعص” جي تفسير بيان ڪري رهيون هيون ته امام علي عليه السلام جن تشريف فرما ٿيا ، ۽ کين فرمايائون :اي منهنجي اکين جا نور هن آيت ۾ انهن مصيبتن جو ذڪر آهي ، جن مان ڪجهه تو تي اچڻيون آهن ۽ پوءِ پاڻ انهن مصيبتن جو ذڪر ڪيائون.[8]

حضرت زينب (س) جي معرفت :

يقين ۽ معرفت جا تمام مرحلا طيءَ ڪري ان آري حد تائين پهتل بيبي ، امام علي عليه السلام جي گود ۾ تربيت حاصل ڪندڙ هن عارفه بيبيءَ جي معرفت ۽ معنويت جو اندازو نه اُن امام کي ئي ٿي سگهي ٿو . اهوئي سبب آهي جو هڪ دفعو ننڊ پڻ جي عمر ۾ جناب زينب سلام الله عليها پنهنجي پياري بابا عليه السلام کان سوال ڪيائين ته اي بابا ڇا توهان اسان سان محبت ڪريو ٿا؟ ته پاڻ فرمايائون : جي ها منهنجي پياري ڌيءَ تنهن تي جناب زينب سلام الله عليها فرمائڻ لڳيون :  بابا مومن جي دل ۾ ٻه محبتون يعني خدا تعالى جي محبت ۽ اولاد جي محبت گڏ نه ٿيون ٿي سگهن ، ڇاڪاڻ ته محبت فقط خدا تعالى لاءِ هوندي آهي ، ۽ اولاد لاءِ شفقت ۽ مهرباني هوندي آهي . پاڻ پنهنجي عارفه ڌيءِ جو اهو جواب ٻڌي تمام گهڻو خوشحال ٿيا ۽ سائڻ وڌيڪ محبت ڪرڻ لڳا .[9]

اها حقيقت آهي ته علي عليه السلام علم لدني جا عالم امام آهن کين ان شيءَ جو سڀني کان وڌيڪ علم آهي ، پر سائڻ زينب سلام الله عليها جي سامهون ان محبت جو اظهار ڪرڻ اهوئي ٻڌائي ٿو ته ۽ جناب زينب سلام الله عليها خدا تعالى جي باري پنهنجي معرفت جو اظهار ڪن ۽ دنيا وارن کي سندن معرفت جي مرتبي جي خبر پوي .

آيه الله نورالدين جزائري رحه جن حضرت بيبي زينب سلام الله عليها جي نگاه ۾ معرفت امام عليه السلام کي بيان ڪندي لکن ٿا ته : جڏهن مديني کان ڪربلا لاءِ روانگيءَ جي وقت حضرت ابن عباس جن امام حسين عليه السلام کي اهو مشورو ڏنو ته بيبين کي پاڻ سان ساڻ نه وٺي وڃو ، ته جناب زينب سلام الله عليها جن ابن عباس کي مخاطب ٿي فرمايو “اي ابن عباس تون اسان جي سردار کي اهو مشورو ٿو ڏين ته اسان کي هتي ڇڏي ۽ پاڻ اڪيلو هليو وڃي ، خدا جو قسم اسان ائين هر گز نه ٿيڻ ڏينداسين ، بلڪه اسان جو مرڻ ۽ جيئڻ امام حسين  عليه السلام سان گڏ هوندو” .

آيه الله نور الدين جزائري ان روايت کي بيان ڪرڻ کان پوءِ لکن ته جناب زينب سلام الله عليها کي آئنده پيش ايندڙ واقعات جو علم هيو، پر ان جي با وجود به ان ثابت قدميءَ جو مظاهرو ڪرڻ ظاهر ڪري ٿو ته کين پنهنجي امام جي وڏي معرفت هئي ، ۽ خدا تعالى قيامت جي ڏينهن خدا تعالى طرفان ڪيل اجر واري واعدي تي پورو يقين هو . ان کان وڌيڪ امامت جي معرفت ٻي ڇا ٿيندي جو عاشور واري ڏينهن پنهنجي ٻنهي فرزندن ( حضرت عون (ع) ۽ حضرت محمد (ع) ) جي پاڪ جسمن کي ڇڏي پنهنجي سردار ڀاءُ امام حسين عليه السلام جي جسم اطهر تي اچي ويڻ ڪري پنهنجي هنن ٻن قربنين جي قبوليت جو مطالبوڪري رهيون هيون ۽ اهي جملا فرمائي رهيون هيون “ اي منهنجا پيارا ڀاءُ جيڪڏهن عورتن تي به ائين جهاد فرض هجي ها ، جيئن مردن تي فرض آهي ته منهنجي دل چاهي ٿي آءُ هزارين دفعا تو تي قربان ٿي تنهنجي جان کي قتل ٿيڻ کان بچايان ها، ليڪن خدا تعالى جي حڪم جي سامهون سر جهڪائڻو ئي پوي ٿو[10]

حوالا 

[1] _ زينب الڪبرى من المهد الي اللحد ،سيد محمد ڪاظم قزويني ، ص25.

[2] _ وفيات الائمه ،ص 431.

[3] _القاموس المحيط نصرهو ديني فيروز آبادي ،ج1،ص 80.

[4] _ الخصائص الزينبيه ، سيد نور الدين جزائري ، ص98.

[5] _السيده زينب عقيله الامامه والولايه ، ج 1، ص103.

[6] _ السيده زينب عقيله الامامه والولايه ، ج 1، ص104.

[7] _ سيره و انديشه حضرت زينب ، سيد نور الدين جزائري ، ص 62 .

[8] _ السيده زينب رائد الجهاد في الاسلام ، محمد باقر قرشي، ص52 .

[9] _ السيده زينب رائد الجهاد في الاسلام ، محمد باقر قرشي ، ص52.

[10] _الخصائص الزينبيه ،سيد نور الدين جزائري ، ص209.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي