Logo

بيبي فاطمه زهرا (س) رسول پاڪ(ص) جي نظر ۾

سائڻ زهرا(س) جي ذات ۽ سندس زندگي معرفت جو اهو سمنڊ آهي جنهن جي ڪا ڪنڌي ۽ ڪنارو نظر نه ٿو اچي .سندس حقيقي معرفت فقط رب پاڪ ، رسول الله(ص) ۽ رسول پاڪ جا جانشين رکن ٿا. هتي اها جاکوڙ ڪئي وئي آهي ته سائڻ پاڪ جي عظمت ۽ فضيلتن کي نبي پاڪ(ص) جي حديثن جي سوجھري ۾ پَسيو وڃي.

سائڻ زهرا(س) جي نوراني خلقت

رسول اڪرم(ص) سائڻ پاڪ جي نوراني خلقت جي باري ۾ فرمايو آهي ته:

”فاطمه(س) جو نور زمين ۽ آسمان جي جوڙڻ کان اڳ پيدا ڪيو ويو. رب پاڪ آدم جي خلقت کان اڳ فاطمه (س) جي نور کي خلق ڪيو ۽ فاطمه(س) جو نورعرش الاهي هيٺ پالڻهار جي تسبيح، حمد، پاڪائي، هيڪڙائي کي بيان ڪرڻ ۾ رُڌل هيو. جڏهن ڌڻيءَ پاڪ مون کي آدم جي نسل مان پيدا ڪيو ته فاطمه(س) جي نور کي جنت ۾ صوف جي صورت ۾ رکيو۽ جبرائيل اهو صوف مون کي ڏنو ۽ چيو ته:

يا محمد انّ هذه تفّاحةٌ اهداها اللّه عزّ و جلّ اليك من الجنّة

 اي محمد(ص) رب پاڪ جنت مان توهان لاءِ هي صوف هديو ڪيو آهي. مون اهو صوف ورتو ۽ پنهنجي سيني سان لاتو. جبرائيل چيو ان کي کائو، مون ان کي ڪٽيو ته ان مان هڪ نور روشن ٿيو آئون اچرج ۾ پئجي ويس. جبرائيل چيو: اي محمد(ص) ! ان کي کاءُ ۽ حيران نه ٿي. هي اهو نور آهي جنهن جو آسمان تي “منصوره” ۽ زمين تي  فاطمه(س)  نالو رکيو ويو آهي. مون پڇيو: اي جبرائيل اهي نالا ڇو رکيا ويا آهن؟ جبرائيل وراڻيو: زمين تي فاطمه(س)  نالو رکيو ويو ان ڪري جو پنهنجي پوئلڳن کي دوزخ جي باھ کان ڇڏائڻ واري آهي ۽ آسمان تي“ منصوره   نالو ان ڪري رکيو آهي جو پنهنجي مڃڻ وارن جي مدد ڪندي ۽ اها رب پاڪ جي هن فرمان جي تفسير آهي.

وَيَوْمَئِذٍ يَفْرَحُ الْمُؤْمِنُونَ بِنَصْرِ اللَّهِ يَنصُرُ مَن يَشَاء.[1]

ترجمو: قيامت جي ڏهاڙي مومنَ الله جي مدد سان خوشحال هوندا ۽ الله جنهن جي چاهي ان جي مدد ڪري ٿو.

ان مدد مان مراد اها مدد آهي جيڪا سائڻ فاطمه(س) پنهنجي شيعن جي قيامت ڏهاڙي ڪندي.[2]

سائڻ پاڪ(س) جي نالي جي برڪت

سندس نالي پاڪ لاءِ پاڻ سڳورن(ص) فرمايو آهي ته :

 اني سميت ابنت فاطمه لان الله عزوجل فطمها و فطم من احبها من النار. [3]

  مون پنهنجي نياڻيءَ جو نالو فاطمه (س)رکيو ان ڪري جو الله پاڪ ان کي ۽ جيڪو ان سان محبت ڪندو ان کي جهنم جي باھ کان پري رکيو آهي.   هن حديث مان سمجھ ۾ اچي ٿو جنهن جو نالو مبارڪ ايڏي ڪرامت وارو آهي ته ان جي ذات ڪيڏي ڪرامت جي مالڪ هوندي!

بيبي فاطمه(س) سان محبت

سائڻ (س) سان محبت جي باري ۾ رسول پاڪ(ص) جن فرمايو آهي ته :

  من احب فاطمة ابنتي فهو في الجنة معي ومن ابغضها فهو في النار [4]

 جيڪو منهنجي نياڻي فاطمه(س) سان محبت ڪري اهو جنت منجھ مون (رسول(ص)) سان گڏ هوندو ۽ جيڪو ان سان بغض رکندو اهو دوزخ ۾ هوندو.

ان فرمان مان اها ڳالھ پڌري ٿئي ٿي ته جنت ۾ وڃڻ لاءِ هڪ شرط سائڻ فاطمه(س) جي ذات سان محبت آهي.

 سچي سائڻ(س) جي دشمن جي شفاعت نه ٿيندي

 سهڻي سردار حديث ۾ فرمايو آهي ته  

  .. يا فاطمة! لو ان كل نبي بعثه الله وكل ملك قربه شفعوا في كل مبغض لك غاصب لك ما اخرجه الله من النار ابدا [5]

  ...اي فاطمه(س) تمام نبي جن کي الله سائين  مبعوث ڪيو آهي ۽ سڀ ملائڪ جيڪي رب پاڪ جي درٻار ۾ مقرب آهن جيڪڏهن هر ان شخص جي شفاعت ڪن جنهن تو سان بغض رکيو هجي۽ تنهنجي حق جو غصب ڪيوهجي ته الله پاڪ ان شخص کي تڏهن به دوزخ مان نه ڪڍندو.   

هن حديث پاڪ مان معلوم ٿئي ٿو ته جيڪو انسان سچي سائڻ(س) سان بغض رکي ٿو توڙي جو نبي ۽ الله پاڪ جا مقرب فرشتا ان جي شفاعت ڪن ته به ڌڻي پاڪ ان شخص کي بخش نه ڪندو

سائڻ جو مقام

سائڻ جو مقام بيان ڪندي پاڻ سڳورن(ص) فرمايو آهي ته :

 يا فاطمة ... انت مني وانا منك ..

اي فاطمه تون مون مان ۽ آئون تو مان آهيان[6]

بي بي(س) جي عظمت کي بيان ڪندي حديث قدسي ۾ رب پاڪ فرمايو آهي ته :

يا احمد لولاك لما خلقت الافلاك و لولا علي لما خلقت ولولافاطمه لما خلقتكما [7]

 اي احمد(ص) جيڪڏهن تون نه هجين ها ته ڪائنات کي نه جوڙيان ها ۽ جيڪڏهن علي نه هجي ها ته توکي خلق نه ڪريان  ها ۽ جيڪڏهن فاطمه نه هجي ها ته توهان ٻنهي کي خلق نه ڪريان ها

هن حديث قدسيءَ منجھان ظاهر ٿئي ٿو ته هيءَ سموري ڪائنات سچي سائڻ(س) جي صدقي ۾ جوڙي وئي آهي .

هڪ ٻيءَ حديث ۾ رسول اڪرم(ص) جن فرمايو آهي ته:

 ... فداك ابويا فاطمة    

... اي فاطمه(س) تنهنجو بابا توتان قربان ٿي وڃي  [8]

ان سواءِ رسول (ص) جو فرمان آهي ته :

 ... ان فاطمة بضعة مني و هي نور يني وثمرة فؤادی ...  [9]

 فاطمه منهنجو حصو، منهنجي اکين جو نور ۽ دل جو ميوو آهي . 

هڪ مقام تي رسول (ص) فرمايو آهي ته :  ... فاطمة اعز البرية علي [10]

 فاطمه(س) مونکي مڙني کان وڌيڪ عزيز آهي

سائڻ فاطمه (س) جو وجود هن دنيا ۾ رسول پاڪ(ص) لاءِ جنت جي خوشبوءِ هيو ان بابت پاڻ سڳورن فرمايو آهي ته :

 ... ففاطمة حوراء انسية وكلما اشتقت الي رائحة الجنة شممت رائحة ابنتي فاطمة عليها السلام.[11]

  فاطمه(س) انساني روپ ۾ جنت جي حور آهي، جڏهن به مون کي جنت جي خوشبوءِ جي طلب ٿيندي آهي ته آئون فاطمه (س) جي خوشبوءِ سگھندو آهيان.

رسول  خدا (ص) جي پياري

حديث پاڪ ۾ ذڪر ٿيو آهي ته:  كان أحبّ النساء إلى رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم فاطمة ، ومن الرجال علي بن أبي طالب . [12]

  عورتن مان رسول(ص) کي سڀ کان پياري فاطمه (س) ۽ مردن مان مڙني کان پيارو عليA هو  

بيبي فاطمه(س) جو راضپو الله جو راضپو

پاڪ نبي(ص)  سائڻ فاطمه (س)جي غضب ۽ رضامنديءَ کي بيان ڪندي فرمايو آهي ته  ان الله لیغضب لغضب فاطمة ویرضی لرضاها    رب پاڪ جو ڏمر فاطمه (س) جي ڏمر سان ۽ الله پاڪ جي رضا فاطمه جي رضا سان آهي . [13]

مڙني کان اڳ جنت ۾ داخل ٿيڻ

 عورتن جي سردار بيبيءَ لاءِ رسول الله(ص) فرمايو آهي ته:

 أَوَّلُ مَنْ دَخَلَ الجَنَّةَ فاطِمَة [14]

فاطمه(س) سڀني کان اڳ جنت ۾ داخل ٿيندي  

سائڻ فاطمه(س) عورتن جي سرواڻ

نبي پاڪ(ص) فرمايو آهي ته:

فاطِمَة سيِّدَةُ نِساءِ أُمَّتِي

فاطمه(س) منهنجي امت جي عورتن جي سردار آهي.  [15]

هيءَ حديث اهل سنت جي ڪتابن ۾ به موجود آهي 

بيبي پاڪ(س) جي زيارت

 سائڻ زهرا (س) جي زيارت جي عظمت کي بيان ڪندي  رسول پاڪ (ص) فرمايو آهي ته :

 من زار فاطمة فكنما زارني [16]

 جنهن فاطمه(س) جي زيارت ڪئي ڄَڻ ان مون (رسول) جي زيارت ڪئي.

سائڻ فاطمه(س) قيامت جي ڏهاڙي 

هن مقام تي رسول خدا(ص)۽ امامن G کان ڪافي حديثون نقل ٿيون آهن اسان فقط رسول پاڪ(ص) جي هڪ حديث کي بيان ڪريون ٿا، جنهن ۾ نبي سڳورن(ص)سائڻ فاطمه(س) جي پل صراط تان گذرڻ کي بيان ڪيو آهي .

 عن أبي أيوب الأنصاري ، قال : قال رسول الله صلى الله عليه وآله : « إذا كان يوم القيامة نادى منادٍ من بطنان العرش : يا أهل الجمع نكّسوا رؤوسكم وغضّوا أبصاركم حتى تمرُّ فاطمة بنت محمد على الصراط  قال : فتمرُّ ومعها سبعون ألف جارية من الحور العين كالبرق اللامع [17]

حضرت ابو ايوب انصاريءَ کان روايت آهي ته رسول الله(ص) فرمايو:  جڏهن قيامت جي ڏهاڙي عرش الاهي مان منادي صدا ڏيندو ته :اي محشر ۾ گڏ ٿيڻ وارو پنهنجا ڪنڌ ۽ نظرون جھڪايو ايستائين جو محمد(ص)جي نياڻي فاطمه(س)  پل صراط تان گذري وڃي. ۽ رسول الله(ص) فرمايو پوءِ فاطمه(س) ستر هزار حورن سان گڏ  چمڪندڙ کنوڻ وانگر گذري ويندي .  

افسوس ايڏي عظمت واري بيبيءَ(س) کي رسول پاڪ(ص) جي رحلت کان پوءِ ڏاڍو رنجايو ويو هن مقام تي مرحوم آية... فاضل لنڪراني رح جي تقرير ياد اچي ٿي جنهن ۾ سائين فرمايو ته:  رسول(ص) جي نياڻي فاطمه(س) پيءُ جي رحلت کان پوءِ ڪيترا ڏک ڏٺا ان جو اندازو ان ڳالھ مان لڳائي سگھجي ٿو ته، رسول(ص) جي رحلت وقت سائڻ جي ڄمار ارڙهن[18] سال هئي . اها ڄمارانسان جي ڦوھ جوانيءَ واري ڄمار هوندي آهي پاڻ سڳورن(ص) جي گذرڻ کان 75 يا 95 ڏينهن پوءِ سائڻ زهرا(س) جو جسم پاڪ ايترو ڪمزور ۽ ضعيف ٿي ويو هو جو عليA فرمائن ٿا ته: ميت جي غسل واري تختي تي رسول(ص) جي نياڻيءَ جو جسم پاڪ ائين نظر اچي رهيو هو ڄَڻ تختي تي ڪو پاڇو هجي.

جيتوڻيڪ ان بابت دليلون ۽ عبارتون موجود آهن پر اسان هن کي هتي اتي ئي ختم ڪريون ٿا.

حوالا

[1] _ سورت روم، آيت 4 و  5

[2] _ معاني الاخبار، ص 396، بحارالانوار، ج 43، ص 4.

[3] _ عيون اخبار الرضاA، ج 2، ص 46 .

[4] _ بحارالانوار، ج 27، ص 116 .

[5] _ بحارالانوار، ج 76، ص 354 .

[6] _ بيت الاحزان، ص 19; بحارالانوار، ج 43، ص 32 .

[7] _ شفاء الصدور، ص 225.

[8] _ بحارالانوار، ج 22، ص 490

[9] _ الامالي، شيخ صدوق، ص 486 .

[10] _ الامالي، شيخ مفيد، ص 259 .

[11] _ التوحيد، شيخ صدوق، ص 117

[12] _ مستدرڪ الحاڪم 3 : 155. وسنن الترمذي 5 698 | 3868 .والاستيعاب 4 : 378 . وذخائر العقبى35

[13] _ بحارالانوار، ج 43، ص 58 .

[14] _ الامالي، شيخ مفيد، ص 94 .

[15] _ ينابيع المودّة ج2 ص322 باب56.

[16] _ سير أعلام النبلاء ج 2 ص 127/صحيح مسلم،ڪتاب فضائل الصحابة، باب مناقب فاطمة/مجمع الزوائد ج 2 ص 201/

[17] _ الصواعق المحرقة: 190 باب 11 فصل 3 . وإتحاف السائل | المناوي: 73 . ومناقب ابن شهر آشوب 3 : 326

[18] _ الصواعق المحرقة: 190 باب 11 فصل 3 . وإتحاف السائل | المناوي: 73 . ومناقب ابن شهر آشوب 3 : 326

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي
نورالقرآن فائونڊيشن پاڪستان
هن سائيٽ جا سڀ حق ۽ واسطا محفوظ آهن، هن سائيٽ جو مواد اجازت کان بغير شايع ڪرڻ منع آهي