Saturday, 17 November 2018 - Sat 11 17 2018

منو

سائڻ فاطمه عليها السلام جي عبادت

پالڻهار هن جهان ۾ انسان لاءِ انيڪ نعمتون جوڙيون آهن ۽ انسان کي ان مطلب ڏانهن توجهه ڏياريو آهي ته انهن نعمتن جي شڪر گذاري ڪرڻ جي صورت ۾ رب پاڪ انهن نعمتن ۾ برڪت عطا ڪندو ۽ ڪفر ڪرڻ جي صورت ۾ شديد عذاب کان بندن کي ڊڄاريو اٿس. شڪر جي قسمن مان اعلى قسم پروردگار جي عبادت آهي.

اسان جڏهن حضرت آدم  عليه السلام کان اڄ ڏينهن تائين نظر ڊوڙايون ٿا ته اسان کي وڏا وڏا عابد انسان نظر اچن ٿا پر ڪجھ هستيون عبادت جي ميدان ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هيون، انهن هستين مان رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جي پياري نياڻي سائڻ فاطمه زهرا  عليها السلام عبادت جي آسمان ۾ چمڪندڙ پُرنور ستاري وانگر آهي. هن مختصر لکڻي ۾ اسان ڪوشش ڪنداسين ته سچي سائڻ  عليها السلام جي عبادت جي ڪجھ پهلوئن کي مٿاڇري طور بيان ڪريون. ڇو جو بيبي  عليها السلام جي عبادت جي اونهائي ۽ جوهر کي الله ڄاڻي ٿو يا الله جو رسول صلى الله عليه وآله وسلم ۽ معصوم امامَ ڄاڻن ٿا.

سائڻ فاطمه  عليها السلام ۽ خدا جي بارگاھ ۾ خوف

جڏهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم تي هي آيتون نازل ٿيون

وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوْعِدُهُمْ أَجْمَعِينَ * لَهَا سَبْعَةُ أَبْوَابٍ لِّكُلِّ بَابٍ مِّنْهُمْ جُزْءٌ مَّقْسُومٌ (1)

”۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي. اُن (جهنم) کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.“

جڏهن رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم هي آيتون ٻڌيون ته زارو قطار روئڻ لڳا ايتري قدر جو صحابي به بغير اهو ڄاڻڻ جي ته جبرائيل ڪهڙيون آيتون نازل ڪيون آهن، روئڻ لڳا.ان حالت ۾ ڪنهن ۾ اهيو سَتُ نه هو جو پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم سان ڳالهائي سگھي. پر اهو ڄاڻندا هئا ته الله جو رسول صلى الله عليه وآله وسلم بيبي فاطمه  عليها السلام کي ڏسڻ سان خوشحال ٿيندو آهي ان ڪري ڪجھ صحابي سچي سائڻ  عليها السلام جي بارگاھ ۾ آيا ته جيئن سندس اچڻ سان رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جو گريو تمام ٿي وڃي.

ان وقت بيبي عليها السلام جَوَن کي پيهي رهي هئي ۽ چئي رهي هئي ته جيڪو پالڻهار وٽ آهي ان کي بقا حاصل آهي. صحابي آيا ۽ سلام ڪرڻ کان پوءِ الله جي حبيب صلى الله عليه وآله وسلم جي روئڻ بابت ٻڌايو. سائڻ زهرا  عليها السلام رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جي بارگاھ ۾ آئي ۽ گرئي جو ڪارڻ پڇيو.

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم نازل ٿيل آيتن کي تلاوت ڪيو، جيئن ئي سائڻ زهرا  عليها السلام عذاب جي آيتن کي ٻڌو ته(غش کائي) وجود پاڪ زمين تي آيو ۽ زبان تي هي الفاظ هئا ته ” افسوس! افسوس آهي ان تي جيڪو جهنم ۾ داخل ٿيو. (2)

ان واقعي مان سائڻ  عليها السلام جي وجود ۾ رب پاڪ جي خوف کي چڱي نموني پسي سگھجي ٿو.

حضرت سلمان فارسيءَ کي دعا سيکارڻ

سائڻ زهرا   عليها السلام حضرت سلمان کي خطاب ڪندي فرمايو ته : جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته خدا سان ملاقات ڪري ان حال ۾ ته خدا توکان راضي هجي ۽ جيستائين زندھ آهين توکي بخار نه اچي ته هميشه هيءَ دعا پڙهندو ڪر.

   ”بِسْمِ اللهِ الرَّحْمنِ الرَّحِيمِ. بِسْمِ اللهِ النُّورِ، بِسْمِ اللهِ نُورِ النُّورِ، بِسْمِ اللهِ نُورٌ عَلَى نُورٍ، بِسْمِ اللهِ الَّذِي هُوَ مُدَبِّرُ الاُمُورِ، بِسْمِ اللهِ الَّذِی خَلَقَ النُّورَ مِنَ النُّورِ. الْحَمْدُلِلَّهِ الَّذِی خَلَقَ النُّورَ مِنَ النُّورِ، وَ أنْزَلَ النُّورَ عَلَى الطُّورِ، فِي كِتابٍ مَسْطُورٍ، فِي رَقٍّ مَنْشُورٍ، بِقَدَرِ مَقْدُورٍ، عَلَى نَبِي مَحْبُورٍ. الْحَمْدُلِلَّهِ الَّذِي هُوَ بِالْعِزِّ مَذْكُورٌ، وَ بِالْفَخْرِ مَشْهُورٌ، وَ عَلَى السَّرَّاءِ وَ الضَّرَّاءِ مَشْكُورٌ، وَ صَلَّى اللهُ عَلَى سَيدِنَا مُحَمَّدٍ وَ آلِهِ الطَّاهِرِينَ.“   

حضرت سلمان چوي ٿو ته جنهن ڏينهن کان هيءَ دعا سکيم ان کان پوءِ مڪي ۽ مديني جي ماڻهن مان هڪ هزار کان وڌيڪ کي اها دعا سيکاريم جنهن کي به بخار ايندو هو ته ان دعا کي پڙهندو هو ۽ پالڻهار جي امر سان بخار ان کان دور ٿي ويندو هو.(3)

بيبي فاطمه  عليها السلام جو قرآن سان انس

انسان جيڪڏهن غور ڪري ته قرآن حقيقت ۾ پالڻهار جي پنهنجن بندن سان گفتگو آهي ان ئي ڪري الله پاڪ جي پيارن ٻانهن جو سدائين قرآن پاڪ سان انس ۽ محبت رهي آهي. سائڻ فاطمه  عليها السلام جو به قرآن سان تمام گھڻو انس هو. حضرت سلمان کان روايت آهي ته رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم مون کي ڪنهن ڪم سان سائڻ زهرا  عليها السلام جي گھر ڏانهن موڪليو جيئن ئي گھر جي در تي پهتس ته ڪن تي سائڻ  عليها السلام جي  قرآن پڙهڻ جو آواز آيو گھر ۾ داخل ٿيس ته سائڻ زهرا  عليها السلام جنڊ ۾ جَوَن کي پيهي رهي هئي ۽ قرآن جي تلاوت ڪري رهي هئي. (4)

قرآن سان بيبيءَ جو ايترو انس هو جو وصيت ڪيائين اي علي  عليه السلام منهنجي قبر مٿان قرآن جي تلاوت ڪجان.(5)

ان مان به اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته بيبي  عليها السلام جو قرآن سان ڪيترو قرب هو جو پاڻ ته پاڻ پر سندس ڪنيز ۽ ٻانهي فضه جي ڳالھ ٻولھ 20 سالن تائين قرآن کان علاوه نه هئي.(6)

الله جلّ جلاله جي جمال جو نظارو

هڪ ڏينهن پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم سچي سائڻ  عليها السلام کي فرمايو ته : پالڻهار کان ڪا شي طلب ڪر جبرائيل پروردگار طرفان دعا جي قبوليت جي واعدي سان آيو آهي. سائڻ  عليها السلام فرمايو ته الله جي بندگيءَ جي توفيق کان سواءِ ڪا حاجت نه آهي ۽ اها آرزو آهي ته پالڻهار جي جمال کي ڏسندي رهان. (7)

شاديءَ جي پهرين رات عبادت ڪرڻ

سائڻ زهرا  عليها السلام شاديءَ جي پهرين رات علي  عليه السلام کي فرمايو ته ڇو نه هن مشترڪ زندگيءَ جي شروعات نماز سان ڪئي وڃي ۽ اڄ جي رات کي پروردگار جي عبادت ۾ گذاريو وڃي. (8)

رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم شاديءَ کان ٻئي ڏينهن مولا علي  عليه السلام کان پڇيو ته : پنهنجي گھرواريءَ کي توهان ڪيئن پاتو؟ علي   عليه السلام وراڻيو ته اها الله پاڪ جي فرمانبرداريءَ ۾ بهترين مددگار آهي. (9)

هن حديث مان سائڻ  عليها السلام جي عبادت جي انداز کي بهتر سمجھي سگھجي ٿو ته جيڪو علي عليه السلام پاڻ عبادت جي ان مقام تي پهتل هو جو راوي گمان ڪري ٿو ته مولا علي  عليه السلام عبادت جي حالت ۾ هي جهان ڇڏي ويو آهي ۽ اهو علي عليه السلام جنهن هستيءَ لاءِ چوي ته الله جي فرمانبرداريءَ ۾ بهترين مددگار آهي ته ان منجھان ان هستي جو الله پاڪ جي بارگاھ ۾ تسليم ۽ فرمانبردار هجڻ تمام بهترين نموني سمجھي سگھجي ٿو. شايد اهو ئي سبب هو جو حسن بصريءَ جهڙو عالم اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويو ته فاطمه  عليها السلام دنيا ۾ تمام وڏن عبادت گذارن مان هڪ آهي. پاڻ ايتري عبادت ڪندي هئي جو پير مبارڪ سُڄي پوندا هئا. (10)

ٽن وقتن تي نور جو ظاهر ٿيڻ

 ابان بن تغلب چوي ٿو ته امام صادق  عليه السلام جي بارگاھ ۾ عرض ڪيم ته سائڻ فاطمه  عليها السلام کي زهرا  عليها السلام ڇو سڏيو ويندو آهي؟

امام صادق  عليه السلام وراڻيو ته: ان ڪري جو ڏينهن ۾  ٽي ڀيرا ان مان نور ظاهر ٿيندو هو.

  1. فجر جي نماز وقت جڏهن ماڻهو ننڊ مان جاڳندا هئا ته گھرن جي ديوارن تي سفيد نور جون لاٽون ڏسي اچرج ۾ پئجي ويندا هئا ۽ رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم جي بارگاھ ۾ پهچي ان جو سبب پڇندا هئا. پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم انهن کي سائڻ فاطمه عليها السلام جي گھر جي طرف رجوع ڪرڻ لاءِ چوندا هئا. اهي اتي پهچي معلوم ڪندا هئا ته بيبي فاطمه عليها السلام نماز ۽ عبادت ۾ مشغول آهي ۽ سفيد نور جون لاٽون اتان ظاهر ٿي رهيون آهن.

2.زوال جي وقت جڏهن بيبي  عليها السلام نماز لاءِ آمادگي ڪندي هئي ته زرد رنگ جو نور ظاهر ٿيندو هو ۽ اهو نور ماڻهن جي گھرن، ڪپڙن ۽ چهرن تي زردو رنگ ظاهر ڪندو هو، ماڻهو ان جو سبب پڇڻ لاءِ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم وٽ ايندا هئا. رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم انهن کي سائڻ فاطمه  عليها السلام جي گھر ڏانهن رجوع ڪرڻ  لاءِ چوندا هئا. ماڻهن کي اتي پهچي معلوم ٿيندو هو ته سائڻ عبادت ۾ مشغول آهي ۽ اهو زرد نور سندس وجود پاڪ مان ظاهر ٿي رهيو آهي.

  1. سج لهڻ مهل خدا پاڪ جي شڪر ادا ڪرڻ جي خوشيءَ ۾ ڳاڙهي رنگ جو نور سائڻ فاطمه عليها السلام جي چهري مان ظاهر ٿيندو هو ۽ ماڻهن جي گھرن ۽ ديوارن تي ظاهر ٿيندو هو . ماڻهو پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم کان ان بابت پڇندا هئا ۽ الله جو رسول صلى الله عليه وآله وسلم انهن کي بيبي فاطمه جي گھر ڏانهن وڃڻ لاءِ چوندا هئا. اتي پهچي معلوم ڪرڻ تي پتو پوندو هين ته بيبي عليها السلام پالڻهار جي عبادت ۾ مشغول آهي ۽ اهو نور سائڻ  عليها السلام جي چهري مبارڪ مان ظاهر ٿي رهيو آهي.(11)

نماز بابت رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم کان سوال پڇڻ

سائڻ زهرا  عليها السلام پنهنجي بابا رسول پاڪ صلى الله عليه وآله وسلم کان پڇيو ته : انهن مردن ۽ عورتن لاءِ ڪهڙو عذاب آهي جيڪي نماز جي پرواھ نه ٿا ڪن ۽ نماز کي هلڪو سمجھن ٿا.

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم فرمايو ته جيڪي مرد ۽ عورتون نماز کي هلڪو سمجھن ٿا الله پاڪ انهن کي 15 مصيبتن ۾ مبتلا ڪري ٿو انهن مان ڇھَ مصيبتون هن دنيا ۾، ٽي موت جي وقت، ٽي قبر ۾ ۽ ٽي مصيبتون حشر ۾ انهن تي اينديون.

اهي ڇھَ مصيبتون جيڪي دنيا ۾ انهن تي اينديون.

  1. پالڻهار ان جي عمر مان برڪت ختم ڪري ڇڏيندو.
  2. رب پاڪ ان جي رزق مان برڪت ختم ڪري ڇڏيندو.
  3. الله پاڪ نيڪ انسانن جو نور ان جي چهري تان ميساري ڇڏيندو.
  4. جيڪو به عمل ڪندو ان جو اجر ان کي نه ملندو.
  5. ان جي دعا آسمان ڏانهن نه ويندي آهي.
  6. نيڪ انسانن مان ان کي ڪو فائدو نه ملندو.

اهي ٽي مصيبتون جن ۾ موت جي وقت گرفتار ٿيندو.

  1. دنيا مان ذليل ۽ خوار ويندو.
  2. موت جي وقت بکايل هوندو.
  3. دنيا مان پياسو ويندو، توڙي جو ان کي دنيا جي نهرن جو پاڻي ڏنو وڃي.

اهي مصيبتون جن ۾ قبر ۾ گرفتار ٿيندو.

  1. پالڻهار قبر ۾ ان تي هڪ ملائڪ مقرر ڪندو جيڪو ان کي عذاب ڏيندو رهندو.
  2. ان جي قبر ان لاءِ تنگ ٿي ويندي.
  3. قبر جي اونداهي ۾ گرفتار ٿي ويندو.

اهي مصيبتون جن ۾ حشر ۾ گرفتار ٿيندو.

  1. رب پاڪ ان تي ملائڪ مقرر ڪندو جيڪو منهن ڀر ان کي گهليندو رهندو ۽ لوڪ ان جو تماشو ڏسندو.
  2. ان جي اعمال جو سختيءَ سان حساب ڪيو ويندو.
  3. پالڻهار ان ڏانهن لطف جي نگاھ نه ڪندو ۽ هميشه عذاب ۾ مبتلا هوندو.(12)

نماز جا مسئلا سيکارڻ

هڪ ڏينهن هڪ عورت بيبيءَ وٽ آئي ۽ چيائين ته سائڻ  عليها السلام منهنجي ماءُ پوڙهي آهي ان جا نماز بابت ڪجھ سوال آهن اهي شرعي سوال توهان کان پڇڻ آئي آهيان.

سائڻ زهرا  عليها السلام فرمايو : ڀلي پڇ. ان عورت سوال پڇيا ۽ هڪ هڪ جو جواب ٻڌو، جڏهن سوالن جو تعداد ڏهن تائين پهتو ته شرمساريءَ جا آثار سندس چهري تي ظاهر ٿيڻ لڳا ۽ چوڻ لڳي ته بيبيءَ ان کان وڌيڪ توهان کي زحمت نه ڏيڻ گھرجي. ان تي سائڻ  عليها السلام فرمايو ته اڃان به جيڪو پڇڻو اٿئي ڀلي پڇ ڇا تو ڪو اهڙو شخص ڏٺو آهي جنهن کي اهو چيو وڃي ته هي ڳرو بار ڇت تي کڻي هل ان جي بدلي ۾ توکي لک سونا دينارڏنا ويندا ته ڇا ان کي اهو ڪم ڏکيو لڳندو؟

عورت وراڻيو ته بيبي  عليها السلام جنهن کي ايڏي وڏي رقم ملندي ان کي هرگز ٿڪاوٽ محسوس نه ٿيندي. ان کان پوءِ سائڻ فاطمه  عليها السلام فرمايو: آئون هر مسئلو جيڪو توکي ٻڌائي رهي آهيان ان جي مقابلي ۾ آسمان ۽ زمين جي وچ ۾ جيڪو فاصلو آهي ان جيترا هيرا، مرجان ۽ زمرد ملي رهيا آهن پوءِ مون کي ٻڌائڻ ۾ ڪهڙي زحمت ٿيندي.(13)

سائڻ زهرا  عليها السلام جي عبادت جا اڃان به ڪافي پهلو آهن جن کي تاريخ ۽ سيرت جي ڪتابن ۾ پڙهي سگھجي ٿو. اسان هن مختصر لکڻيءَ ۾ جيڪو بيان ڪيو آهي اميد ته پالڻهار اسان سڀني کي توفيق عطا ڪري ته اسان ان تي سهڻي نموني عمل ڪري دنيا ۽ آخرت جي سعادت ماڻيون.

حوالا

(1) سورت حجر ،آيت 43 ۽ 44

(2) بحار الانوار، ج 43، ص 28

(3) ساڳيو، ص 66

(4) ساڳيو ، ص 46 ، ص88   

(5) ساڳيو ج 79، ص 28

(6) ساڳيو ج 43، ص 87

(7) نماز و عبادت فاطمه زهرا  عليها السلام،ص9

(8) احقاق الحق،ج6،ص33

(9) فاطمه زهرا شادماني دل پيامبر، ص 292

(10) فاطمه زهرا از ولادت تا شهادت ص 235

(11) بحار الانوار، ج 43، ص 11

(12) نماز و عبادت فاطمه زهرا  عليها السلام، ص81 ۽ 82

(13) چشمه در بستر، ص285 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي