Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

تجويد قرآن ابتدائي

پالڻهار هن سنسار جي جوڙ جوڙي ۽ انسان کي عقل جهڙي نعمت عطا ڪري اشرف المخلوقات بڻايو ۽ ان جي هدايت جو به نبين سڳورن(ع) ۽ آسماني ڪتابن وسيلي بندوبست، پاڻ ڪيائين. نبين(ع) ۾ آخري نبي، حضرت محمد مصطفى(ص) ۽ ان تي نازل ٿيل پاڪ ڪتاب، قرآن شريف آهي. پاڻ سڳورن(ص) جو مشهور فرمان آهي ته:

إِنِّي تَارِكٌ فِيكُمُ الثَّقَلَيْنِ كِتَابَ اللَّهِ وَ عِتْرَتِي أَهْلَ بَيْتِي ما إِنْ تَمَسَّكْتُمْ بِهِمَا لَنْ تَضِلُّوا أَبَداً [1]

”آئون توهان ۾ ٻه وزني(قيمتي) شيون، الله جو ڪتاب ۽ پنهنجي اهلبيت(ع) ڇڏي رهيو آهيان جيستائين انهن ٻنهي سان واڳيل هوندؤ ڪڏهن به گمراھ نه ٿيندؤ“

بهشت قرآن جي روشنيءَ ۾

جيئن ته ”نور القرآن فائونڊيشن“ جي اهم مقصدن منجهان هڪ مقصد اهو آهي ته اسلامي ڪتابن کي سنڌي زبان ۾ مومنن تائين پهچايو وڃي. ان هدف کي نظر ۾ رکندي هن اداري پاران هي پنجون ڪتاب جنهن ۾ بهشت جي حقيقت کي قرآن مان بيان ڪيو ويو آهي، سنڌي مؤمنن جي بارگاھ ۾ پيش ڪجي ٿو. اميد آهي ته رب پاڪ اسان جي هيءَ ننڍڙي ڪاوش پنهنجي درٻار ۾ قبول ڪندو.