اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

قرآني دعائون

altالله تعالى جڏهن هن جهان کي جوڙيو ۽ انسان کي خلق ڪيو ته، ان کي تمام جڳ ۾ هر مخلوق کان وڌيڪ شرف بخشيو ۽ کيس اشرف المخلوقات جو لقب عطا ڪيائين، وري ٻئي طرف الله پاڪ پنهنجي ئي پاڪ ڪتاب ۾ اهو به فرمايو آهي ته جيڪڏهن انسان حق جي پيروي نٿو ڪري ته اهو جانورن کان به وڌيڪ بدتر ٿي وڃي ٿو، ڇو جو انسان محتاج آهي ان ذات جو جنهن هن کي هن دنيا تي آندو ۽ ان کي نيڪي ۽ برائي جي سڃاڻڻ جا طريقا پڻ سيکاريائين، جن طريقن مان هڪ  اهو به آهي ته انسان پنهنجي پالڻهار سان راز ۽ نياز ڪري، ساڻس پنهنجا ڏُک ڏوري. تنهن ڪري هر انسان پنهنجي سوچ مطابق ساڻس راز ۽ نياز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر جيڪڏهن انسان الله تعالى جي پيارن ٻانهن جي ادا ڪيل جملن ۽ وِردن کي پنهنجي زبان تي دهرائي، ته الله تعالى سندن اها پڪار ۽ دُعا جلدي ٻڌندو ۽ قبول ڪندو.

 هي ڪتاب در اصل فارسيدعاهاي قرآن جي نالي سان آهي جنهن جوسنڌي زبان ۾ ترجمو ڪيو ويو آهي، هن ڪتاب ۾ الله تعالى جي چونڊيل هستين جي زباني قرآن پاڪ ۾ جيڪي دعائون ذڪر ٿيون آهن، اهي گڏ ڪيون ويون آهن، ته جيئن الله تعالى ۽ سندس چونڊيل هستين ۽ سندس پاڪ ڪتاب تي ايمان رکندڙ ٻانها ان مان فيض پرائي پنهنجي پالڻهار سان راز ۽ نياز جي طور طريقن کان واقف ٿي سگهن.

جيئن ته ”نور القرآن ٽرسٽ“ جي اهم مقصدن منجهان هڪ مقصد اهو آهي ته اسلامي ڪتابن کي سنڌي زبان ۾ مومنن تائين پهچايو وڃي. ان هدف کي نظر ۾ رکندي هن اداري پاران ٻيو ڪتاب جيڪو قرآن پاڪ جي دعائن تي مشتمل آهي، سنڌي مؤمنن جي بارگاھ ۾ پيش ڪجي ٿو. اميد آهي ته رب پاڪ اسان جي هيءَ ننڍڙي ڪاوش پنهنجي درٻار ۾ قبول ڪندو.

آخر ۾ ڌڻيءَ در اها دعا آهي ته ان سلسلي ۾ اسان کي اڃا وڌيڪ توفيق نصيب ڪري ته جيئن سندس راھ تي هلي پنهنجي دنيا ۽ آخرت سنواري سگهون. (آمين)

هن ڪتاب کي هيٺ ڏنل لنڪ تي ڊائونلوڊ ڪريو.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید