اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

پهريون شمارو1434

alt

هن ڪائنات جي پالڻهار پوري مخلوق لاءِ هميشه کان وٺي هدايت جو سلسلو جاري رکيو آهي ان هدايت جي سلسلي کي نبين، رسولن، اولوالعزم پيغمبرن، آسماني ڪتابن جي صورت ۾ هر زماني جي حالات ۽ تقاضا مطابق موڪليندو رهيو آهي. ابوالبشر حضرت آدم(ع) کان وٺي حضرت عيسى(ع) تائين هادين جو هي سلسلو زمان ۽ مڪان جي دائرن تائين محدود نظر ايندو رهيو،

پر جڏهن نبين جي سرواڻ نبي حضرت محمد مصطفى(ص) جن پنهنجي نبوت جو اعلان ڪيو ۽ خالق کين ”وما ارسلناک الا رحمة للعالمين“ جي اعزاز سان نوازيو ته تنهن وقت خالق جي ان فرمان ڄڻ زمان ۽ مڪان جون سڀئي حدون پار ڪري قيامت تائين سندن دين کي پوري انسانيت لاءِ آئيڊيل طور پيش ڪيو، اهڙي ابدي ۽ جاوداني پروگرام کي هر زماني ۽ هر علائقي ۾ وسندڙ انسانيت کي پهچائڻ لاءِ هڪ جامع آئين ۽ دستور جو هجڻ پڻ ضروري هو تنهن ڪري ان ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ خالق جي ذات پنهنجي پياري پيغمبر(ص) ڏانهن اهڙو ته لاريب ڪتاب موڪليو جو ان جي فصاحت، بلاغت، بيان جي بلندين ۽ مطالب جي اونهاين عرب معاشري جي ادبي ميدانن جي وڏن وڏن پهلوانن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو، جڏهن جاهليت جي انڌير دور ۾ زندگي گذارڻ جي باوجود پنهنجي ادبي ذوق جي آڌار تي شعر ۽ شاعري جي دنيا ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ وڏا وڏا شاعر دلين جي تهن ۾ لهي پنهنجو اثر ڇڏيندڙ قرآن مجيد جي فصاحت ۽ بلاغت جو مشاهدو ڪرڻ لڳا تڏهن جاهليت جي غبار سندن سوچ سمجهه ۽ ساڃاهه واري عنصر کي ايترو ته ڌنڌلو ڪري ڇڏيو جو ان آڏو سر تسليم خم ڪرڻ بجاءِ پيغمبر(ص) تي تهمتن جا وار شروع ڪري ڇڏيائون، رب پاڪ پنهنجي ڪلام ۽ پنهنجي پياري پيغمبر (ص) جي حقانيت جو مختلف اندازن ۾ اعلان ڪندو رهيو ۽ قرآن پنهنجي حقانيت جو ايترو ته سڪو ڄمايو جو دشمن پنهنجا سڀ حيلا هلائڻ جي با وجود نيٺ قرآن جي مقابلي ۾ پنهنجي عاجزي جو اعلان ڪري ويٺا، اهوئي سبب آهي جو قرآن اهڙو جامع ڪتاب آهي جيڪو هر دور جي تقاضائن مطابق انسانيت جي هر طرح جي ضرورت پوري ڪرڻ وارو آهي.

قرآن مجيد قيامت تائين انسان جي هر ضرورت لاءِ مڪمل رهنمائي ڪندڙ ۽ مشڪلات ۽ گمراهي جي طوفانن ۾ سهارو آهي، جيئن ته پاڻ سڳورن(ص) جن سندن نوراني جملن ۾ ان مطلب جي هن ريت عڪاسي ڪئي آهي. ”اذا التبست عليکم الفتن کقطع اليل المظلم فعليکم بالقرآن“ يعني جڏهن توهان کي فتنا ڪاري رات وانگر وڪوڙي وڃن ته توهان کي گهرجي ته قرآن جي دامن کي مضبوطي سان پڪڙيو.
ان فرمان جي پيش نظر اڄڪلهه جي پُرآشوب دور ۾ حوزه علميه قم المقدس ۾ علوم محمد و آل محمد مان فيض پرائيندڙ ڪجهه سنڌ واسي فاضل طالب علمن پنهنجي قوم کي قرآن مجيد جي نوراني تعليمات کان آگاه ڪرڻ لاءِ ”اداره نورالقرآن سنڌ پاڪستان“ جي زير نظر نورالقرآن جي نالي سان هڪ علمي ۽ تحقيقي ميگزين (Magazine) پيش ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ڇا ڪاڻ ته خالق جي پاڪ ڪتاب قرآن مجيد جي حقيقي تفسير ۽ ان جي تعليمات جي اونهائي تائين پهچڻ جو واحد ذريعو ان جي حقيقي مفسرن اهلبيت(ع) جي چوکٽ تي ادب جا زانو ٽيڪڻ کان بغير ممڪن ئي ناهي، تنهن ڪري ادارو ميگزين (Magazine) جي مشاورتي بورڊ جي مشوري سان نورالقرآن جو پهريون شمارو”قرآن ۽ اهلبيت(ع)“ جي عنوان سان خصوصي شمارو پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ قرآن ۽ اهلبيت(ع) جي تعليمات کي پنهنجي معاشري ۾ رائج ڪرڻ جو شوق رکندڙ حضرات جو فرض بڻجي ٿو ته ان ميدان ۾ پوري جفاڪشي سان اڳتي وڌن ۽ قرآن ۽ اهلبيت(ع) جي پيروڪارن تائين پالڻهار جو حقيقي پيغام پهچائڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. ڇاڪاڻ ته اهي ئي الله تعالى جون نعمتون آهن جيڪي انسان جي دنيا ۽ آخرت جي سعادت سنوارين ٿيون جن کان بغير دنيا توڙي آخرت ۾ نجات جو تصور به نٿو ٿي سگهي.
ٻاجهاري پالڻهار جي در اها ئي دعا آهي ته اسان کي قرآن ۽ اهلبيت(ع) جي سائي هيٺ سعادت ڀري زندگي گذارڻ جي توفيق نصيب ڪري. (آمين)


والسلام
نورالقرآن فائونڊيشن سنڌ پاڪستان
هن ميگزين کي هيٺ ڏنل لنڪ تي ڊائونلوڊ ڪريو.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید