Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

ڪلام نور ميگزين شمارو 2

قرآن مجيد پالڻهار جي ذات طرفان عالم انسانيت جي هدايت لاءِ هڪ اهڙو مشعل راھ آهي، جنهن جون آيتون قيامت تائين هر انسان جي لاءِ هدايت جو بهترين ذريعو آهن، جن خدائي ڪلمات جي روشني ۾ هر دور جو انسان ظلمت جي انڌيرين مان نڪري نور جي سنئي واٽ وٺي ٿو،

  •  اهڙي واٽ جنهن ۾ ڪنهن به خوف ۽ خطري جو ذري برابر انديشو به نه ٿو ڪري سگهجي،
  • انڌيرين جي وادين ۾ غرق انسانيت کي نجات ڏيندڙ نور،
  • ڀٽڪيلن کي سڌي رستي تي لڳائڻ وارو واحد سهارو،
  •  حيرانين ۽ پريشانين ۾ سرگردان انساننکي يقين جي راھ تي گامزن ڪرڻ وارو راهنما
  •  ڪفر ۽ شرڪ جي بي راهي تي هلڻ وارن لاءِ ايمان جو نور نڇاور ڪندڙ بي مثال رهبر،

هيءُ ۽ ان جهڙيون ٻيون انيڪ صفتون ان هادي جون آهن جيڪو هڪ ارب کان مٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ وسندڙ مسلم آبادي جي دلين مٿان حڪومت ڪري ٿو، الله سائين جو پاڪ ۽ بي عيب ڪتاب جنهن جي جاوداني تعليمات کي سمجهڻ ۽ ان جي حقيقت جي گهراين تائين پهچڻ لاءِ اڄ جي هيڏي ساري ترقي يافته دور ۾ به هر انسان ڪنهن پياسي وانگر تڙپندو نظر ٿواچي. پوري دنيا ۾ معاشري جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ ۽ ان جي اصلاح لاءِ قسمين قسمين جي قانونن جي جوڙجڪ ڪندڙ ڏاهن جا مغز جتي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندا آهن ته اتي خدائي ڪلام جا هيءُ نوراني ڪلمات انمول موتي جي شڪل ۾ سامهون اچي گمراھي ۾ ڀٽڪيل انسانجي رهنمائي ڪندا آهن. هيءَ هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن جو ڪنهن به زماني ۾ انڪار نه ٿو ڪري سگهجي، پر جن جون دليون ڪفر ۽ شرڪ جي زنگ سان ڪٽيل هونديون آهن، اهي هر دور ۾ حق جي ڳالھ کي قبول ڪرڻ بجاءِ هميشه ان جي تعليمات تي طرح طرح جا الزام لڳائيندا رهندا آهن، ۽ ائين ڪرڻ سان رڳو سندن مقصد حق تي گامزن پانڌيئڙن کي ان راھ کان گمراھ ڪرڻ ئي هوندو آهي، هيءُ مسئلو نه رڳو اسلام ۽ قرآن سان پيش آيو آهي، پر اسلام جي اچڻ کان پهرين به هر خدائي نمائندي سان اهڙن بي ضمير ويرين جو وير هلندو رهيو آهي، البته پاڻ سڳورن (ص) جي اعلان نبوت ۽ قرآن جي نازل ٿيڻ کان پوءِ ان آسماني ۽ وحياني ڪلام جي خلاف سازشن ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿيڻ شروع ٿيو، ڇاڪاڻ ته پالڻهار جي ذات سندس نمائندن مٿان نازل ڪيل ٻين آسماني ڪتابن جي برعڪس پنهنجي هن ڪلام جي تعليمات جي جاوداني هجڻ جو اعلان ڪيو ۽ مختلف چئيلنجن ذريعي اهو پيغام پنهنجي دشمن جي گوشزد ڪرايو ته آڱرين تي

ڳڻڻ جيترا عربي ادب جا ماهر ۽ سُگهڙ ته ڇا پر پوري دنيا جا جن ۽ انسان گڏجي به ان بي مثال ڪتاب جو مقابلو نه ٿا ڪري سگهن، اهڙي قسم جي چئيلنجن انهن ماڻهن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو، جن جي ذهن ۾ اهو هو ته هي ڪوئي غيبي ڪلام نه، پر (العياذ بالله) مسلمانن جي پيغمبر جو هٿ ٺوڪيو ڪلام آهي، اهو ئي سبب آهي جو ان دور کان ئي قسمين قسمين جا اعتراض ڪري عام ذهنن کي قرآن مجيد جي تعليمات کان دور ڪرڻ جو سازشون ڪرڻ لڳا، ڪڏهن قرآن جي آيتن ۾ تضاد ۽ اختلاف جو اشڪال ته ڪڏهن قرآن جي جوڙجڪ ۾ بي نظمي جو اعتراض ۽ اهڙي قسم جون ٻيون ڪيتريون غلط فهميون پيدا ڪري ماڻهن کي قرآن جي تعليمات کان دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي هئي، ۽ اهو سلسلو اڄ به اسلام ۽ قرآن جي دشمنن پاران جاري آهي، البته اهي ساڳيا ئي اشڪال ۽ اعتراض آهن جن کي رڳو نئون رنگ ڏئي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اداره نورالقرآن پاڪستان پنهنجي ذميداري جو احساس ڪندي اها ڪوشش ڪئي آهي، ته هن سال جو ايڊيشن اسلام ۽ قرآن دشمن قوتن پاران ٿيندڙ اعتراضن کي وائکو ڪندي علمي جواب پيش ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري، زيرنظر شمارو ان سلسلي جي هڪ خصوصي پيشڪش آهي، جنهن ۾ ڪوشش ڪري اڪثر مقالا ان موضوع سان لاڳاپيل ئي ڏنا ويا آهن، جيتوڻيڪ معاشري جي ضرورت کي نظر ۾ رکندي ڪجھ مقالا ٻين عنوانن سان به ڏنا ويا آهن، انشاءَ الله اڳين شمارن ۾ ان کوٽ کي پورڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، آخر ۾ قارئين حضرات کي التماس آهي ته قرآن جي نوراني تعليمات مان پنهنجيون دليون منور ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآني اداري جي ترقي لاءِ پنهنجا نيڪ مشورا ڏيڻ ۾ اسان کي نه وساريندا.

 

اوهان جي دعائن جو طلبگار

نورالقرآن فائونڊيشن سنڌ پاڪستان

هن ميگزين کي هيٺ ڏنل لنڪ تي ڊائونلوڊ ڪريو.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي