Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

ڪلام نور شمارو3

ڪروڙين قرب ان قادر جا جنهن پنهنجي قدرت سان هن سنسار کي جوڙيو ۽ انسان کي مڙني مخلوقن کان مٿاهون مرتبو بخشيو ۽ آدم ڄائي کي مخاطب ٿيندي حديث قدسيءَ ۾ ارشاد فرمايو (خلقتُ الاشياء لاجَلک و خلقتک لاجَلي) ”اي انسان مڙئي شيون مون تو لاءِ جوڙيون آهن پر تو کي پنهنجي لاءِ جوڙيو اٿم“  درود ۽ سلام مٺي محمد مصطفى(ص) ۽ ان جي آل پاڪ(ع) تي جن انسانيت کي حق ڏانهن ويندڙ واٽ جو پانڌيئڙو بڻايو.

 هر دور ۾ اسلام ۽ انسانيت جي ويرين پنهنجن آڙن ٽيڙن سوالن وسيلي اسلام جي ڇانوَ هيٺ حياتي گھاريندڙ جوانن ۽ نوجوانن کي سئين واٽ تان ٿيڙيو آهي خاص طور هي زمانو جيڪو فتنن ۽ فسادن سان ٽُٻ ٿيل آهي ان ۾ سوالن کي گمراهيءَ جي رڱ سان نئين نموني رڱيو وڃي ٿو ۽ اسلام جي سرمائي (جوانن ۽ نوجوانن) جي ذهنن کي ڀَٽڪايو وڃي ٿو. اهڙي دور ۾ عالمن، ڏاهن ۽ دانشورن جي ڪلهن تي سڀ کان وڏي ذميواري اِها آهي ته اسلام ۽ انسانيت جي ويرين جي سوالن کي ڀلي نموني سمجھي ۽ انهن سوالن لاءِ مناسب جواب ڏئي ڪري اسلام جي سرمائي (جوانن ۽ نوجوانن) جي هدايت جي راھ ۾ وڇايل گمراهيءَ جي ڪنڊن کي هٽائي هدايت جي واٽ کي صاف ڪن ته جيئن جوان ۽ نواجون قرآن ۽ اهل بيت(ع) جي واٽ تي صحيح نموني سان عمل ڪري سگھن ۽ رمضان شريف جو مهينو جيڪو الاهي رڱ ۾ رڱجڻ جو بهترين مهينو آهي ان مهيني ۾ اهي نوجوان ۽ جوان هنن پنجن شين ڏانهن خصوصي  ڌيان ڌرين. 

1. پالڻهار جي معرفت کان پوءِ ان جي حمد ۽ واکاڻ کان غافل نه رهن ۽ قرآن جنهن جي هن مهيني ۾ پڙهڻ جي اڃان وڌيڪ تاڪيد ٿيل آهي ان جي دل سان تلاوت ڪن.

2. رب پاڪ جو احسانن ۽ نعمتن کي نظر ۾ رکندي ان جا ٿورا مڃن ۽ شڪر ادا ڪن. جڏهن ته پالڻهار جي راضپي خاطر روزو رکڻ  شڪر جي نمونن مان ڀلو نمونو آهي.

3. پنهنجن پاپَن جو اقرار ڪندي ٻاجھاري رب کان بخشش جو سوال ڪن.

4. هن ڀلاري مهيني ۾ ڌڻيءَ جي درٻار مان پنهنجون دعائون گُھرن خاص ڪري انهن دعائن جي ذريعي پالڻهار جي بارگاھ ۾ راز ۽ نياز ڪن جيڪي دعائون معصومن(ع) سيکاريون آهن.

5. پنهنجي لاءِ دعائون گھرندي ٻين کي پنهنجين دعائن ۾ وساري نه ڇڏين ۽ انهن جي دنيا ۽ آخرت موچاري ٿيڻ لاءِ به دعائون گُھرن.

جيڪڏهن اهل بيت(ع) جي ڏسيل واٽ جا پانڌيڙا رمضان جا روزا رکندي انهن پنجن شين ڏانهن ڌيان ڌرين ته اهڙن پانڌيڙن جون حديث مطابق ننڊون عبادت ۽ ساھَ تسبيح ٿي پوندا آهن ۽ اهڙن روزيدارن لاءِ ڀٽائي گھوٽ ، شاھ عبد اللطيف ڀٽائيءَ فرمايو آهي.

تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيو، دِلِ دَنبُورو جَنِ؛

تَندُون جي طَلَبَ جُون، وَحدَتَ سِرِ وَڄَنِ؛

”وَحۡدَهٗ لَا شَرِيۡڪَ لَہٗ“، اِهو راڳُ رَڳُنِ؛

سي سُتائِي جاڳَنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي

 

هن ميگزين کي هيٺ ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي