Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

چهلم امام حسين (ع) جي موقعي تي شايع ڪيل ڪلام نور جو 4 شمارو

سڀ ساراهون ۽ حمدَ ان پالڻهار کي جڳائين ٿا جنهن انسان کي وجود جهڙي نعمت سان نوازيو ۽ ان انسان کي ڪمال تائين پهچائڻ لاءِ الاهي قانون ۽ ان قانون تي صحيح نموني عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪدامن هادين کي جوڙيو. انهن حق جي هادين هميشه انسانن جي سئين واٽ ڏانهن هدايت ڪئي، ان سئين واٽ تي انسانن کي قائم رکڻ جي عيوض ۾ حق جي هادين کي شيطان صفت انسانن طرفان ڪيترائي ڏک ۽ ايذاءَ پهتا،

ڪن کي آڙاھ ۾ اڇلايو ويو ته وري ڪن کي ڪَرٽ سان ڪٽيو ويو، ڪن کي بيدرديءَ سان ڪٺو ڪيو ويو ته ڪن کي وري پٿرن سان ڍڪيو ويو،  پر انهن هادين ڪڏهن به حق جي واٽ کي نه ڇڏيو.

حق جي هادين مان شهيدن جي سرواڻ، حضرت امام حسين(ع) اها هستي آهي جنهن انسانن کي گمراهيءَ مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو بلڪه هر نموني جي قرباني ڪربلا ۾ پيش ڪندي قيامت تائين انسانن لاءِ قربانيءَ جو بينظير نمونو پيش ڪيو. امام حسين(ع) انسانن کي اهو درس ڏنو ته جڏهن اسلام ۽ انسانيت خطري ۾ هجي ته اباڻي وطن کي ڇڏڻو پوي ته ڇڏي ڏجؤ، دوستَ، اصحاب، ڀائر ۽ ٻچڙا قربان ڪرڻا پون ته قربان ڪري ڇڏجؤ، ايتري تائين جو اسلام ۽ انسانيت کي بچائڻ لاءِ ناموس جون چادرون ڏيڻيون پون ته ڏئي ڇڏجؤ پر حق جي واٽ کي ڪڏهن به نه ڇڏجؤ.

محرم ۽ صفر جي مهيني ۾ امام حسين(ع) جي ان عظيم قرباني کي پوري جهان ۾ ياد ڪيو ويندو آهي خاص ڪري محرم جي پهرئين ڏهي ۽ 20 صفر تي جيڪو امام حسين(ع) جي چهلم جو ڏهاڙو آهي مولا حسين(ع) جا عزادار پوري دنيا کي امام حسين(ع) جي لازوال قرباني جي ياد ڏياريندا آهن ته جيئن انسانيت جي رڳن ۾ حسينت جو خون هميشه جاري ۽ ساري رهي.

امام حسين(ع) جي چهلم جي ڏهاڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مولا حسين(ع) جا ڪروڙين محبَ عراق ۾ ايندا آهن ۽ ڪربلا ڏانهن ويندڙ واٽ جا پاڌيئڙا بڻجندا آهن، هن عشق جي سفر ۾ معنويت جو سمنڊ موجون هڻندي نظر ايندو آهي ۽ پالڻهار جي رحمت جا ڪڪر زوارن مٿان پاڇو ڪندي نظر ايندا آهن. عراق ملڪ جي فضا ۾ لبيڪ ياحسين، لبيڪ ياحسين جي صدا جو پڙاڏو گونجندو آهي.  پوري دنيا اچرج ۾ هوندي آهي ته آخر امام حسين(ع) جي چهلم تي ڪربلا ۾ ڪهڙي ڇِڪ پيدا ٿئي ٿي جو زوارن جو ميڙاڪو ڪربلا ڏانهن ائين ويندي نظر اچي ٿو ڄڻ پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو هيٺاهين ڏانهن وهندو هجي.

امام حسين(ع) جي چهلم جو ڏهاڙو دنيا وارن تي امام (ع) جي محبن جي اتحاد ۽ ايڪي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ هر يزيدي سوچ رکڻ واري لاءِ چهلم جو ڏيهاڙو ڏهڪاءُ آهي جنهن ڏهڪاءُ جي ڪري هر يزيد صفت انسان جا لڱ ڪاڊارجي ويندا آهن. امام حسين(ع) جي محبن کي گھرجي ته ان ڏهاڙي معنويت ۽ عشق جي ان درياھ مان پنهنجي روحن کي سيراب ڪن ۽ پوءِ پوري دنيا تي حسيني مقصدن کي اجاگر ڪن ته جيئن پورو جهان امام حسين(ع) کي سڃاڻي ۽ سندس چائنٺ تي ادب جو سجدو ڪري ته جيئن انسانيت کي اهو معراج نصيب ٿئي جنهن معراج لاءِ پالڻهار انسان کي جوڙيو آهي.

نورالقرآن ٽرسٽ زوارن جي معنويت ۾ اضافي لاءِ چهلم جي موقعي تي هن مختصر رسالي جو اهتمام ڪيو آهي ته جيئن مولا حسين(ع) جا زوار، چهلم بابت معرفت حاصل ڪري پنهنجي روح کي عرفاني ۽ معنوي سفر جو پانڌيئڙو بنائين.

هن رسالي کي هيٺ ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو.

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي