Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

ڪلام نور5 سورت يٰس متعلق

ڪريم رب جا انسان تي ڪروڙين ڪرم آهن جنهن انسان جي هدايت جو انتظام اهڙو ڪيو آهي جنهن کي پَسندي هر عقل حيران آهي. پالڻهار هميشه مرحلي وار انسان جي ڪمال ڏانهن رهنمائي ڪئي آهي. جڏهن هدايت جو سلسلو سنسار جي آخري نبي حضرت محمد مصطفى صلى الله عليه وآله وسلم تائين پهتو ته ان تي قرآن جي صورت ۾ انسان لاءِ ابدي قانون جو نزول فرمايو.

قرآن انسان جي دنيا ۽ آخرت لاءِ ڪامل تربيتي قانون آهي جنهن تي اهل بيت عليهم السلام جي فرمانن مطابق سهڻي انداز ۾ عمل ڪري انسان دنيا ۽ آخرت جي سعادت حاصل ڪري سگھي ٿو.

جهڙيءَ ريت نپائڻهار هر شي لاءِ دل قرار ڏني آهي ان ريت معصوم عليه السلام جي فرمان مطابق سورت ”يس“ کي قرآن جي دل قرار ڏنو آهي. جيئن دل انسان جي جسم جي تمام حصن تائين آب حيات کي پهچائي ٿي اهڙيءَ طرح ”يس“ پنهنجي عظيم نورانيت سان قرآن کي وڌيڪ نوراني بڻائيندي نظر اچي ٿي.

هن سورت جي معصومين عليهم السلام جي فرمانن ۾ ڪافي فضيلتون ۽ ڪرامتون بيان ٿيل آهن جن کي پڙهي ڪري انسان جو عقل حيران ٿيو وڃي. پر اهي سڀ فضيلتون فقط سادي تلاوت سان حاصل نه ٿينديون بلڪه انهن فضيلتن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انسان کي گھرجي ته فڪر جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٿي، ان ۾ غور ۽ تدبر جو سِڙھ لڪائي ”يس“ جي معارف جي سمنڊ ۾ ان ٻيڙي کي اهل بيت عليهم السلام جي فرمانن جي قطب نما جي هدايت سان سير ڪرائي ته پوءِ هن سورت جي عظمتن ۽ ڪرامتن مان ڪجهھ لاڀ حاصل ڪري سگھندو.

پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اسان جو معاشرو قرآن جي معارف کان ڪافي دور ۽ ڏوراهون نظر اچي ٿو. اڪثر ماڻهو ته قرآن جي سادي تلاوت کان به محروم آهن ۽ جيڪي تلاوت ڪن ٿا اهي به فقط ثواب جي نيت سان تلاوت ڪن ٿا يا مُردن کي بخشڻ لاءِ پڙهن ٿا.  جڏهن ته قرآن بار بار غور ۽ فڪر جي دعوت ڏيندي نظر اچي ٿو.

معاشري کي غفلت جي ننڊ مان جاڳائڻ لاءِ ”موسسه نور القرآن پاڪستان“ آسان سنڌي زبان ۾ هيءَ ننڍڙي ڪاوش ڪئي آهي جنهن ۾ قرآن پاڪ جي دل سورت ”يس“ جي ڪجهھ معارف کي بيان ڪيو ويو آهي ته جيئن اسان جا سنڌي مومن هن مختصر ڪاوش مان پورو پورو لاڀ حاصل ڪن ۽ پنهنجي روح ۽ معاشري کي ”يس“ جي نور سان ڪجهھ نوراني ڪن. ته جيئن قيامت ڏهاڙي قرآن ۽ اهل بيت عليهم السلام آڏو سرخرو ٿي سگھن.

 پالڻهار کان دعا آهي ته اسان کي حق لکڻ ۽ حق پڙهڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي وڌيڪ سگهھ عنايت فرمائي.

 والسلام

هن رسالي کي هيٺ ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي