Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

ڪلام نور6 (چهلم امام حسين ع جي موقعي تي خصوصي اشاعت)

سڀ حمدَ ان ذات سان مخصوص آهن جنهن انسان جي ڪمال ڏانهن هدايت لاءِ حق جا هادي موڪليا ۽ انهن حق جي هادين مان شهيدن جي سرواڻ، حضرت امام حسين(ع) اها هستي آهي جنهن انسانن کي گمراهيءَ مان ڪڍڻ لاءِ ڪا به قرباني ڏيڻ کان نه ڪيٻايو بلڪه هر نموني جي قرباني ڪربلا ۾ پيش ڪندي قيامت تائين انسانن لاءِ قربانيءَ جو بي مثال نمونو پيش ڪيو.

 امام حسين(ع) انسانن کي اهو درس ڏنو ته جڏهن اسلام ۽ انسانيت خطري ۾ هجي ته اباڻي وطن کي ڇڏڻو پوي ته ڇڏي ڏجؤ، دوستَ، اصحاب، ڀائر ۽ ٻچڙا قربان ڪرڻا پون ته قربان ڪري ڇڏجؤ.

شاھ لطيف ان قرباني کي ڏسندي هن ريت فرمايو:

دوست ڪهــــــــائي دادلا، محب مـــــــارائـــــي،

خاص خليلــــن کــــي، سختيون سهـــــــائـــــــي،

الله الصمد، بي نياز، ســـــا ڪري، جــــا چاهـي،

انهين منجهه آهي، ڪا اونهي ڳالهه اسرار جي

ايتري تائين جو اسلام ۽ انسانيت کي بچائڻ لاءِ ناموس جون چادرون ڏيڻيون پون ته ڏئي ڇڏجؤ پرظالم سامهون ڪڏهن سر نه نمائجؤ.

محرم ۽ صفر جي مهيني ۾ امام حسين(ع) جي ان عظيم قرباني کي پوري جهان ۾ ياد ڪيو ويندو آهي خاص ڪري محرم جي پهرئين ڏهي  ۽ 20 صفر تي جيڪو امام حسين(ع) جي چهلم جو ڏهاڙو آهي مولا حسين(ع) جا عزادار پوري دنيا کي امام حسين(ع) جي لازوال قرباني جي ياد کي عملي طور ڏياريندا آهن ته جيئن انسانيت جي رڳن ۾ حسينيت جو خون هميشه آب حيات وانگر جاري ۽ ساري رهي.

امام حسين(ع) جي چهلم جي ڏهاڙي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مولا حسين(ع) جا ڪروڙين محبَ عراق ۾ ايندا آهن ۽ ڪربلا ڏانهن ويندڙ واٽ جا پانڌيئڙا بڻجندا آهن، هن عشق جي سفر ۾ معنويت جو سمنڊ موجون هڻندي نظر ايندو آهي ۽ پالڻهار جي رحمت جا ڪڪر زوارن مٿان پاڇو ڪندي نظر ايندا آهن. عراق ملڪ جي فضا ۾ لبيڪ ياحسين، لبيڪ ياحسين جي صدا جو پڙاڏو گونجندو آهي.  پوري دنيا اچرج ۾ هوندي آهي ته آخر امام حسين(ع) جي چهلم تي ڪربلا ۾ ڪهڙي ڇِڪ پيدا ٿئي ٿي جو زوارن جو ميڙاڪو ڪربلا ڏانهن ائين ويندي نظر اچي ٿو ڄڻ پاڻيءَ جو وڏو ذخيرو هيٺاهين ڏانهن وهندو هجي.

امام حسين(ع) جي چهلم جو ڏهاڙو دنيا وارن تي امام(ع) جي محبن جي اتحاد ۽ ايڪي کي ظاهر ڪري ٿو ۽ هر يزيدي سوچ رکڻ واري لاءِ چهلم جو ڏهاڙو ڏهڪاءُ آهي جنهن ڏهڪاءُ جي ڪري هر يزيد صفت انسان جا لڱ ڪاڊارجي ويندا آهن. امام حسين(ع) جي محبن کي گھرجي ته ان ڏهاڙي معنويت ۽ عشق جي ان درياھ مان پنهنجي روحن کي سيراب ڪن ۽ پوءِ پوري دنيا تي حسيني مقصدن کي اجاگر ڪن ته جيئن پورو جهان امام حسين(ع) کي سڃاڻي ۽ سندس چائنٺ جي انهن ۾ اُڪير پيدا ٿئي ته جيئن انسانيت کي اهو معراج نصيب ٿئي جنهن معراج لاءِ پالڻهار انسان کي جوڙيو آهي. نورالقرآن فائونڊيشن زوارن جي معنويت ۾ اضافي لاءِ چهلم جي موقعي تي هن مختصر رسالي جو اهتمام ڪيو آهي ته جيئن مولا حسين(ع) جا زوار، چهلم بابت وڌيڪ معرفت حاصل ڪري پنهنجي روح کي عرفاني ۽ معنوي سفر جو پانڌيئڙو بنائين.

هن رسالي کي هيٺ ڏنل لنڪ تان ڊائونلوڊ ڪريو

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي