Tuesday, 20 February 2018 - Tue 02 20 2018

منو

ڪلام نور ايام فاطميه جي ڏهاڙن تي خصوصي اشاعت

الله تعالى هن دنيا جي آغاز کان پهرين ڪجھ هستين کي خلقيو، جن جي برڪت سان هي وشال ڪائنات وجود ۾ آئي، جن کي چوڏهن جي نور سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، انهن  هستين مان هر هستيءَ جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي، پر سڀئي هستيون ان پاڪيزه ۽ باعظمت بيبي(س) جي عظمت آڏو وڏي ادب سان پيش اچن ٿيون، جيڪا بيبي فاطمه زهرا(س) آهي. جنهن جي عظمت لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي، جو پيغمبر(ص) پاڻ پيءُ هوندي کين پنهنجي ماءُ سڏيو آهي ۽ يارهين امام (ع) کين سڀني امامن مٿان حجت جو لقب نوازيو آهي. جنهن بيبي جي اولاد مان يارنهن معصوم امام خالق نعمت طور سندس مخلوق حوالي ڪيا.

جيڪي قيامِ قيامت تائين الله جي دين جا محافظ رهندا. اهو ئي سبب آهي، جو هن بيبي جي عظمت کي سمجهڻ ۽ ان مان ڪي ڪڻا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي عالمن پنهنجيون توانائيون ڪتب آنديون آهن ۽ اڃا تائين ڏينهن رات اهو سلسلو جاري آهي. ڇاڪاڻ ته هيءَ بيبي قيامت ڏهاڙي الله جي بارگاھ ۾ وڏي عظمت سان پيش ٿيندي، تنهن ڪري هر معرفت رکندڙ انسان جي اها ئي ڪوشش آهي ته ان بيبي دوعالم جي شان ۾ ڪجھ نه ڪجھ عقيدت کي نذراني طور پيش ڪري ته جيئن آخرت ۾ نجات جو ڪو سرمايو ساڻ کڻي هن دنيا مان روانو ٿئي.

ان بيبي جي عظمت، معرفت ۽ مقام ۽ مرتبي کي سمجهڻ لاءِ سندن شهادت جا ڏهاڙا جيڪي اڄ ڪلھ ايام فاطميه جي نالي سان مشهور ۽ معروف آهن، هڪ بهترين موقعو آهن، جيڪڏهن ڪو محب حضرت زهرا(س) سڄو سال مختلف مصروفيتن جي ڪري سندن معرفت جا ڪي مڻيا ماڻڻ لاءِ ڪجھ نه ٿو ڪري، ته گهٽ مان گهٽ هن ڏينهن ۾ سندن درد ڀري شهادت جو وقت جي امام زمانه(عج) کي پرسو ڏيڻ سان وس آهر سندن شخصيت جي معرفت لاءِ ضرور وقف ڪري.

ان شيءِ کي ئي نظر ۾ رکندي، مراجع عظام ۽ بزرگ علماء مختلف اندازن ۾ سندن حق جي ادائگي لاءِ هر وقت ڪوشان آهن.

ولي امر مسلمين حضرت آيت الله العظمى سيد علي حسيني خامنه اي (دام ظله العالي) به ان حضرت فاطمه زهرا(س) جي سلسلي  هڪ خاص عقيدت جا مالڪ آهن، سندن بيانن ۽ ايام فاطميه جي سلسلي ۾ سندن گفتگو جي انداز مان هر انسان محسوس ڪري سگهي ٿو ته پاڻ ڪيڏي احترام ۽ عقيدي سان کين نذرانه عقيدت پيش ڪندا آهن. پاڻ بيبي جي عظمت تي گفتگو ڪندي فرمائن ٿا ته: رسول الله(ص) جي نياڻي هڪ اهڙي هستي آهي جنهن کي اڃا تائين انساني تعليمات ۽ انساني فڪر سڃاڻي ئي نه سگهيا آهن. اهڙي طرح پاڻ فرمائن ٿا: اسلام جي (اڄ تائين) باقي رهڻ جو سڀ کان اهم راز حضرت فاطمه زهرا(س) جن آهن.

حضرت فاطمه زهرا(س) جي باري ۾ انسان جيترو به فڪر ڪري ۽ ان جي حالات جي سلسلي ۾ جيترو غور ڪري، اوترو انسان تعجب ۾ گم ٿيندو نظر ايندو.

سندن اهي جملا فقط هڪ نظرياتي مفڪر جي عنوان سان ناهن، بلڪه پاڻ هڪ عظيم نظرياتي مفڪر هجڻ سان گڏوگڏ، اڌ صديءَ کان مٿي مختلف محاذن تي دشمن اسلام طاقتن سان مهاڏو اٽڪائي عملي ميدان ۾ طويل تجربي جا مالڪ آهن. هيڏي وڏي وقت ۾ اسلام کي پيش ايندڙ مشڪلاتن کي محسوس ڪندا رهيا آهن ۽ انهن جي حل لاءِ ڪيترائي فارمولا پيش ڪندا رهن ٿا جيڪي اسلامي دنيا جي ڪيترن ئي ليڊرن جي ذهنن تان به ڪڏهن نه گذريا آهن. هڪ اهڙو انسان جيڪڏهن چوي ٿو ته اسلام جي بقا جو راز حضرت فاطمه زهرا(س) آهن، ته ان جو مطلب ته هيءُ سندن طويل تجربي جو نتيجو آهي، جيڪو عالم اسلام جي حوالي ڪري رهيا آهن.

اهو ئي سبب آهي، جو پاڻ ايران توڙي دنيا جي ٻين اسلامي ملڪن ۾ ايام فاطميه کي تمام بهتر مان بهتر ۽ وڏي بندوبست ۽ عقيدت سان ملهائڻ جي تاڪيد ڪندا رهن ٿا. هونئن به هر ڪلمه گو انسان جو فرض آهي ته هن بيبي جي عظمت ۽ معرفت حاصل ڪرڻ کي پنهنجو ديني ۽ اسلامي فريضو سمجهي، ڇاڪاڻ ته پيغمبر اسلام(ص) جي رسالت جو هر مسلمان ڪلمو پڙهي ٿو ته ان ڳالھ کي عقل به تسليم نه ٿو ڪري ته جنهن هستيءَ کي اسان پنهنجو ابدي پيشوا سمجهون، ان جي اولاد ۾ جيڪڏهن رڳو هڪ ئي نياڻي هجي، ان جي زندگيءَ جي حالات، سيرت ۽ ڪردار کان بلڪل اڻڄاڻ هجون. ان ڪري اسان سڀني کي گڏجي ان بيبي(س) جي معرفت کي حاصل ڪرڻ، ان جي سيرت ۽ ڪردار مان درس وٺڻ ۽ گهر ۽ معاشري ۾ سندن زندگيءَ جي بهترين اصولن کي عملي انداز ۾ پيش ڪرڻ ۾ جيترو ٿي سگهي ڪوشش ڪيون، نورالقرآن فائونڊيشن طرفان ايام فاطميه جي سلسلي ۾ هن مختصر رسالي جو اهتمام ڪيو آهي ته جيئن سچي سائڻ(س) جي چاهيندڙن حضرت فاطمه(س) بابت وڌيڪ معرفت حاصل ڪري سگهن ۽ قيامت ڏهاڙي پيغمبر اسلام(ص) جي نويڪلي نياڻي جي شفاعت جا ڪي ڪڻا اسان سڀني کي به پلئه پون.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي