اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

منيٰ ۾ ٿيل هانءُ ڏاريندڙ واقعو ، ذميوار ڪير؟

هي آرٽيڪل 27 سيپٽمبر تي آن لائن انڊس نيوز تي نشر ٿيل آهي، ان ڪري هينئر منى ۾ شهيدن جو انگ آن لائن سائيٽن مطابق ٻين ملڪن کانسواءِ رڳو ايراني 464 ۽ پاڪستاني 80 جي عدد تائين پهچي ويو آهي. 


 حج جي سعادت حاصل ڪندڙ حاجي سڳورن سان شيطان کي پٿريون هڻڻ واري عمل رمي دوران پيش آيل حادثو جنهن ۾769 حاجي سڳورا شهيد ٿي ويا آهن ۽ 934 کان مٿي زخمي ٿيا جنهن جي تصديق سعودي عرب جي وزيرِ صحت خالد الفلحي ڪئي آهي  هي واقعو وڏو ڏکائتو آهي اصل ۾ ٻين ملڪن کان ويل حج پانڌئيڙا ئي حادثي جو شڪار ٿيا آهن انهن ۾ وڏو انگ ايران سان تعلق رکندڙن جو آهي جن جو انگ 130 ٻڌايو پيو وڃي،  جڏهن ته پاڪستان جا 18 شهري پڻ شهيد ۽  50 کان مٿي زخمي آهن 150 کان مٿي شهري گم آهن  شهيد ٿيلن ۾  وارھه واسي ڊاڪٽر امين لاشاري  ۽ ملتان واسي اسد جيلاني جيڪو اڳوڻي وزيرِآعظم يوسف رضا گيلاني جو ڀاڻيج آهي  شامل اهن حج دوران هي پهريون واقعو ناهي ان کان اڳ شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران بد نظمي سبب 25 حاجي شهيد ٿي چڪا آهن ان کان سواءِ خيمن کي باھه لڳڻ سبب به حادثو پيش اچي چڪو آهي ان کانسواءِ تازو حج کان اڳ حرم پاڪ ۾ ڪرين ڪرڻ سبب پڻ 107 حاجي شهيد ٿي چڪا آهن حادثا اتفاقي به هجن ٿا ۽ وري بدانتظامي سبب به پيش اچن ٿا ڪجهه ڏهاڪن کان سعودي عرب ۾ هي حج  جي دوران پيش ايندڙ واقعا ڪيترائي سوال ڇڏي ٿو اهو ان ڪري به ته اڳ اهڙا واقعا پيش نه ايندا هئا هاڻ لاڳيتو سعودي عرب ۾ اهڙا واقعا سامهون اچن ٿا ڪٿي ائين ته ناهي ته ڪنهن رٿابندي هيٺ اهڙا واقعا ڪيا ويندا هجن اهو ان ڪري به ته هاڻ سعودي عرب پڻ دهشتگردن جي نشاني تي آهي ۽ اتي به مسجدن ۾ آپگھاتي حملا ٿي رهيا آهن ، جيڪڏهن ائين چئجي ته هن ۾ دهشتگردي جو عنصر ناهي ته پوءِ بد انتظامي ته يقيني آهي وري هتي اِها پڻ ڳالھه ڪئي ويندي ته اِها بد انتظامي شامل حاجين پاران آهي يا سعودي حڪومت جي آهي ……………. سعودي حڪمران يا انهن سان همدردي رکندڙ ته چوندا ته اِها بد انتظامي نه پر بد نظمي آهي جيڪڏهن ڀلا اِهو به مڃجي ته بد نظمي آهي ته پوءِ اها به حاجين پاران هوندي، جيڪڏهن حاجي سڳورن جي بدنظمي آهي ته ظاهر آهي اها به حڪومت جي بدانتظامي سبب ئي ٿي هوندي  چيو پيو وڃي ته سعودي عرب جو وزيرِ صاحب  فوجين جي هڪ وڏي اٽالي سان گاڏي جي هڪ وڏي جلوس ۾ اتان گذريون، جتي رمي جو عمل ٿي رهيو هو، جنهن سبب ڀاڄ پئجي وئي ۽ حادثو پيش آيو ٻئي پاسي وري اهي اطلاع پڻ آهن ته پناھه جي ڀت ڪرڻ سبب ڀاڄ پئي ۽ حادثي جو سبب ٿيو. واقعو ڪئين پيش آيو اڃا ڪا تصديق ٿيل ڄاڻ نه ملي سگھي آهي. سعودي حڪمرانن جاچ جو حڪم ڏنو آهي، هاڻ سندن جاچ ٽيم جي رپورٽ جو انتظار آهي ته واقعي جو سبب ڇا ٿا ڄاڻائين ……….. پر ٻئي پاسي ايران جي صدر حسن روحاني نيو يارڪ ۾ گڏيل قومن جي اجلاس کي خطاب ڪندي واقعي کي هانءُ ڏاريندڙ قرار ڏيندي چيو آهي ته  واقعو سعودي حڪمرانن جي بد انتظامي سبب پيش آيو آهي ۽ ان جي ذميواري سعودي حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، جڏهن ته آلِ سعود جي موجوده حڪومت جي پرڏيهي وزير چيو آهي ايران حادثي تي سياست نه ڪري ، ايران ڇا به چوي ۽ سعودي ڪهڙو به جواب ڏئي پر حقيقت اِها آهي ته واقعو وڏو سانحو آهي، جنهن تي جيترو به افسوس ڪجي گھٽ آهي ، ڪٿي به جيڪو به واقعو پيش اچي ٿو ان جي ذميواري اتان جي حاڪمن تي عائد ٿئي ٿي ان ڳالھه کي رد نٿو ڪري سگھجي ته ڪجھه ڏهاڪن کان سعودي عرب بدنظمي جو شڪار ٿيندو پيو وڃي ظاهر آهي جڏهن جتي به اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي ته ان کي ڪنٽرول ڪرڻ وري به حڪومتن جي ذميواري هجي ٿي هي واقعو اڳ به پيش اچي چڪو آهي ان باوجود ٻيهر پيش اچڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته حڪمران ان جي روڪ لاءِ ڪي به خاص قدم نه کڻي سگھيا آهنجيڪڏهن قدم کنيا وڃن ها ته اهڙو دردناڪ واقعو ٻيهر پيش نه اچي ها ، اهڙي نموني  ايندڙ وقتن لاءِ به هڪ سوال رهجي وڃي ٿو ته ڇا اڳتي اهڙا واقعا پيش نه ايندا …….؟ حادثا قدرتي طور به پيش ايندا آهن ۽ غفط سبب به جيڪي قدرتي طور تي پيش اچن ٿا انهن کي روڪڻ انسان جي وس ۾ نه هوندو آهي پر جيڪي غفلط سبب پيش اچن ٿا انهن کي روڪڻ انسان جي هٿ ۾ هجي ٿو ان ڪري واقعي جي صحيحي طريقي سان جاچ ڪرائي وڃي جيڪڏهن غفلط جو سبب آهي ته پوءِ ان کي دور ڪرڻ  لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن. حج تي لکين حاجي هجن ٿا انهن جي انتظامن کي سنڀالڻ به هڪ مسئلو آهي پر ان هوندي به حڪومت توڙي ٻين ملڪن کان ايندڙ حاجين جي ملڪن جا حڪمران به پنهنجا جوڳا بندوبست سان گڏ حاجين جي تربيت جا انتظام پڻ ڪن اسان جي ملڪ جي وزارتِ مذهبي امور پاران ته پنهنجي اهليت ائين ئي ظاهر ڪئي آهي جئين حڪومت جي آهي کين اِها به خبر ناهي ته سندن حاجين سان  ڇا ٿي رهيو آهي ۽ هو ڪهڙين مثيبتن مان گذري رهيا آهن جن جا پيارا شهيد ٿي ويا آهن يا گم ٿي ويا آهن انهن بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ وزارت مذهبي امور پاران ڏنل نمبرن تي ڪال ڪئي وڃي ٿي ته ڪير کڻڻ وارو ئي ناهي پرجي کنئين به وڃي ٿي ته صحيح معلومات نٿي ڏني وڃي جنهن ڪري متاثر خاندانن کي پريشاني سان منهن ڏيڻو پوي ٿو حڪومتِ پاڪستان جا انتظام ته هميشه اڻ پورا هجن ٿا پر سعودي حڪومت جا انتظام به اڻپورا ڏسڻ ۾ اچن پيا ڏسجي ته هي ساليانو اجتماع جيڪو دنيا جي مسلمانن جو تاريخي اجتماع ٿيندو رهيي ٿو اهو سعودي کي اقتصادي ۽ انفرادي حساب سان مضبوط پڻ  ڪري ٿو ان ڪري ته دنيا جي مسلمانن لاءِ مڪو ۽ مدينو مقدس شهر آهن جنهن سان عقيدت سندن جي فڪري پختگي جو مظهر هجي ٿو ان ڪري کين ان جو فائدو وٺڻ گھرجي سو به اهڙي دور ۾ جتي اسلام خلاف هڪ ماحول جڙيل هجي ۽ نفرت کي هوا ڏني ويندي هجي جڏهن به اسلام جي ڳالھه ايندي ته اتي سعودي عرب جو ذڪر ضرور ٿيندو ان ڪري به ته اسلام جي جنم ڀومي اتي ئي آهي ۽ دنيا جي مسلمانن جو مرڪز پڻ آهي پر افسوس اِهو آهي ته سعودي جي سرزمين کي اسلام جي اصلي روح مطابق دنيا ۾ پيش ڪرڻ بجاءِ هڪ مخصوص سوچ هيٺ پيش ڪيو ويو آهي ۽ اها سوچ اتان جي نجدي حڪمرانن کي قوت بخشي ٿي ان ڪري دنيا جا مسلمان جيڪي مختلف مڪتبِ فڪر سان سلهاڙيل هوندا آهن اهي اتي پنهنجي مڪتب مطابق حج جون رسمون ادا نٿا ڪري سگھن ٿيڻ ته ائين گھرجي ها ته سمورن مڪتبِ فڪر جي عالمن جي مشاورت سان حج جا فريضا ادا ڪرڻ وارا طريقا پڌرا ڪرڻ گھرجن جيڪي اتفاق سان ئي هوندا ، منيٰ ۾ پيش آيل واقعو انهن روين جو سبب به  ٿي سگھي ٿو جيڪو نااتفاقي واري سوچ سان سلهاڙيل آهن.هن وقت سعودي عرب جي شاهي خاندان جي حڪومت لاءِ چئلنج آهي ته هو حج دوارن پيش ايندڙ واقعين کي ڪئين روڪين ٿا کين اهڙن واقعين کي روڪڻ به گھرجي ان ڪري ته هن وقت مسلمان ملڪن ۾ جيڪا مذهبي انتها پسندي وڌي وئي آهي ۽ مسلمان هڪ ٻئي خلاف نفرت وارو ماحول رکن ٿا ان جو اثر حج جھڙي مقدس فريضي دوران به پيش رکڻ کان کين روڪي نٿو سگھجي ٻيو ته وري خارجي گروپ جيڪو اسلام جي رسمن کي پڻ تنقيد جو نشانو بڻائي رهيو اهو به ان جو فائدو وٺي سگھي ٿو ، ان لاءِ هڪ گڏيل حڪمت عملي سان منهن ڏيڻو پوندو جنهن لاءِ سعودي کي ٻين مسلمان ملڪن جي تعاون جي پڻ ضرورت پوندي جيڪڏهن مسلمان ملڪ گڏجي اهڙن واقعن کي روڪڻ  لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي ته گھڻي قدر اهڙن  هانءُ ڌاريندڙ واقعن کان حاجين کي بچائي سگھجي ٿو .

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید