Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

ايام فاطميه

الله تعالى هن دنيا جي آغاز کان پهرين ڪجھ هستين کي خلقيو، جن جي برڪت سان هي وشال ڪائنات وجود ۾ آئي، جن کي چوڏهن جي نور سان تعبير ڪيو وڃي ٿو، انهن  هستين مان هر هستيءَ جو پنهنجو پنهنجو مقام آهي، پر سڀئي هستيون ان پاڪيزه ۽ باعظمت بيبي(سلام الله عليها) جي عظمت آڏو وڏي ادب سان پيش اچن ٿيون، جيڪا بيبي فاطمه زهرا(سلام الله عليها) آهي. جنهن جي عظمت لاءِ ايترو ئي ڪافي آهي، جو پيغمبر(صلى الله عليه وآله وسلم) پاڻ پيءُ هوندي کين پنهنجي ماءُ سڏيو آهي ۽ يارهين امام(عليه السلام) کين سڀني امامن مٿان حجت جو لقب نوازيو آهي.

جنهن بيبي جي اولاد مان يارنهن معصوم امام خالق نعمت طور سندس مخلوق حوالي ڪيا. جيڪي قيامِ قيامت تائين الله جي دين جا محافظ رهندا. اهو ئي سبب آهي، جو هن بيبي جي عظمت کي سمجهڻ ۽ ان مان ڪي ڪڻا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي عالمن پنهنجيون توانائيون ڪتب آنديون آهن ۽ اڃا تائين ڏينهن رات اهو سلسلو جاري آهي.

تڪفيري ۽ سلفي فڪر اسلامي دنيا جي هنياءُ تي کُتل خنجر

هن تجزيه کي بيان ڪرڻ کان پهريان اسان خود تڪفيري لفظ جي معنى ۽ مفهوم کي بيان ڪنداسين ته جيئن قارئين کي ان لفظ سان چڱي نموني آشنائي هجڻ گهرجي ته هي لفظ ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪيو ويندو آهي.

تڪفير جي معنى

تڪفير ڌاتو ”ڪفر“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى (لڪائڻ ۽ ڍڪڻ) آهي.(1)

هڪ تجزئي مطابق: ڪنهن ماڻهو ڏانهن ان لاءِ ڪفر جي نسبت ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته هو خدا جي دين جي حقيقت کي لڪائيندو آهي.(2)

علم ڪلام ۽  علم فقه جي روشني ۾ تڪفير جي اصطلاحي معنى کي هن ريت لکيو ويو آهي: ” مسلمان ڏانهن ڪفر جي نسبت ڏيڻ“(3)

رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو

تاريخ ڪيترن ئي عظيم واقعن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ڪئي عظيم انسان، آيا ۽ ويا، پنهنجي پنهنجي وجود جا اثر تاريخ سيني تي چٽي ويا، پر انهن مڙني عظيم واقعن، کان وڌيڪ مانائتو ۽ تاريخ جي روپ ٻهڪائيندڙ واقعو، واقعهء ڪربلا آهي.
اڄ چوڏهن سئو سالن جي گذرڻ کان پوءِ به، جڏهن محرم اچي ٿو، جڏهن عاشوره جو ڏهاڙو اچي ٿو، ته ائين ٿو ڀائنجي ڄڻ اهو واقعو، هاڻي رونما ٿي رهيو آهي.