Saturday, 17 November 2018 - Sat 11 17 2018

منو

رند پروڙين راز قضيي ڪربلا جو

تاريخ ڪيترن ئي عظيم واقعن کي پنهنجي سيني ۾ سانڍي رکيو آهي، ڪئي عظيم انسان، آيا ۽ ويا، پنهنجي پنهنجي وجود جا اثر تاريخ سيني تي چٽي ويا، پر انهن مڙني عظيم واقعن، کان وڌيڪ مانائتو ۽ تاريخ جي روپ ٻهڪائيندڙ واقعو، واقعهء ڪربلا آهي.
اڄ چوڏهن سئو سالن جي گذرڻ کان پوءِ به، جڏهن محرم اچي ٿو، جڏهن عاشوره جو ڏهاڙو اچي ٿو، ته ائين ٿو ڀائنجي ڄڻ اهو واقعو، هاڻي رونما ٿي رهيو آهي.

ڪربلا جي واقعي جي اها تازگي اڃا تائين انسانيت جي ضمير کي جيئدان ارپي رهي آهي، اڃا تائين هر آزاد انسان لاءِ مشعل راهه آهي، اڃا تائين ظلم ۽ ظالم خلاف، احتجاج جو اهڃاڻ آهي.
ڪربلا تي ڪيترن ئي دانشورن پنهنجا، پنهنجا ويچار ونڊيا، ڪيترن ئي شاعرن ، پنهنجي پنهنجي عقيدت جا نذرانا پيش ڪيا، ڪيترن ئي دعبلن، ڪاشن، ميرانيسن، ثابت علي شاهن ۽ گهوٽ لطيفن ڪيڏاريا سرجيا، شايد ئي تاريخ جي ڪنهن واقعي تي ايترو لکيو ويو هجي، جيترو ڪربلا جي واقعي تي لکيو ويو آهي.
اسان پنهنجي، هن نهايت ئي حقير لکڻيءَ ۾ ان ڳالهه کي وائکو ڪرڻ چاهيون ٿا ته، آخرڪار ان عظيم واقعي جي رونما ٿيڻ جا اصل ڪارڻ ڪهڙا هئا؟ اهي ڪهڙا اسباب هئا؟ جن جي ڪري مديني جي مير پنهنجو وطن ڇڏيو؟
1_ پهريون سبب: بيعت
ڪربلا جي واقعي جو ”بيعت“ واري مسئلي سان نهايت ئي گهرو ڳانڍاپو آهي، ان سبب ۽ ڪارڻ کي بيان ڪرڻ کان اڳ، بذاتِ خود، بيعت هڪ پٽاندڙ هڪ مختصر وضاحت جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي:
لفظ ”بيعت“ ڌاتو ”بيع“ مان ورتل آهي، ”بيع“ عربي ٻوليءَ ۾ وڪڻڻ کي چئبو آهي.
”بيعت“ کي به ”بيعت“ ان ڪري چيو وڃي ويو آهي، جو بيعت ڪندڙ پنهنجي بيعت جي وسيلي ان ڳالهه جو اعلان ڪندو آهي ته مان پنهنجي جان ڄڻ هن حاڪم جي هٿ وڪڻي ڇڏي، يعني منهنجي جان، تي اڄ کان پوءِ حڪمراني هن حاڪم جي هوندي.
هاڻي ان ڳالهه جو جائزو وٺجي ته ”بيعت“ ڪربلا جو ڪيئن سبب بڻي.
امام حسين (ع) جن مديني ۾ هئا، ته معاويه مرڻ کان اڳ مديني ۾ آيو ۽ يزيد جي جانشينيءَ ۽ ولي عهديءَ لاءِ ماڻهن کان بيعت وٺڻ شروع ڪري ڏني، امام عالي مقام کان به يزيد جي بيعت وٺڻ چاهيئين، پر امام (ع) بيعت ڪا نه ڪئي.
ڪجهه زماني کان پوءِ معاويه جو انتقال ٿيو، يزيد چاهيو امام (ع) کان بيعت وٺي.
ان جاءِ تي به امام حسين (ع) بيعت ڪرڻ کان انڪار ڪيو ۽ ناني جي مديني کي الوداع چئي مڪي جو رخ اختيار ڪيو.
ٿي سگهي ٿو: ڪنهن پڙهندڙ جي ذهن ۾ خيال اچي ته امام حسين (ع) بيعت ڇو نه ڪئي؟ مولا بيعت کڻي ڪري ڇڏي ها، پوءِ ڏٺو وڃي ها ته اڳتي ڇا ٿو ٿئي؟
ان سوال جو جواب نهايت ئي سولو آهي، اهو هن ريت ته: جيڪڏهن امام بيعت ڪن ها ته ان جو مقصد هي ٿئي ها ته:
1) امام (ع) يزيد کي ان ڳالهه جو اهل سمجهن پيا ته، خليفه پيغمبر اڪرم (ص) ٿي، ماڻهن تي حڪمراني ڪري، جڏهن ته يزيد على الاعلان، شراب پيندو هو، فاسق ۽ فاجر هو، ماءُ ڀيڻ جي به شناس ڪانه هيس، ديني حڪمن تي ٺٺولون ڪندو هو، هاڻي اهڙي شخص جي هٿ تي بيعت ڪرڻ، ديني عظيم منصب جي نه رڳو توهين هئي، بلڪه اصل دين جي انڪار برابر هئي.

2) يزيد جي بيعت ڪرڻ پڻ ان ڳالهه جو اعلان هو، ته دين ۾ خلافت، ساڳي شهنشاهي آهي، هڪ بادشاهه مرندو ته وري سندس پٽ ان خلافت جو حقدار بڻبو. جڏهن ته دين اسلام حڪمران ۽ خليفي ٺاهڻ جو حق، ڪنهن کي به ناهي ڏنو، بلڪي خليفي ۽ حڪمران ٺاهڻ جو حق رڳو خدا پاڪ کي آهي.

2_ ٻيو سبب: ڪوفين جا خط لکڻ:
معاويه جي مرڻ کان پوءِ امام حسين (ع) جي بيعت جي انڪار جي خبر جيئن ئي ڪوفي وارن کي پئي ته، امام (ع) ڏي ٻارنهن کان ارڙنهن هزارن جي لڳ ڀڳ خط لکيائون ته مولا، اسان وٽ اچو، اسان مرڻ گهڙيءَ تائين اوهان جو ساٿ ڏينداسين، اسان چاهيون ٿا، اوهان جي سائي ۾ رهي، هن نا اهل ۽ ظالم حڪمران، کي پنهنجي انجام تائين پهچايون.
ان جاءِ تي، امام (ع)، حجت خدا هئڻ جي ناتي، ڪوفين جي دعوت کي قبول نه ڪن ها ته، ڪوفين جي مٿان حجت تمام نه ٿئي ها.
البته ان ڳالهه تي به توجه ڪندا ته مولا حسين (ع)، رڳو ڪوفين جي دعوت جي ڪري قيام ڪونه ڪيو هو، ڇو ته مولا، ڪوفين جي خطن کان اڳ ئي يزيد جي بيعت جو انڪار ڪري پنهنجي تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، باقي ڪوفي ڏانهن وڃڻ جي فيصلي ۾ ڪوفين جي دعوت جو عمل، دخل ضرور هو.
3_ ٽيون سبب ”امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر“
تحريڪ ڪربلا جو نهايت گهري مطالعو ڪبو ته سمجهه ۾ ايندو، سيد الشهداء، رڳو ان ڪري قيام نه ڪيو جو کانئن بيعت گهرايائون، يا ڪوفين ساٿ ڏيڻ جا واعدا ڪيا هئا، بلڪه بيعت نه گهرن ها يا ڪوفي ساٿ ڏيڻ جا واعدا نه ڪن ها، تڏهن به سيدالشهداء، يزيد جهڙي حڪمران جي مقابلي ۾ ضرور قيام ڪن ها.
اتان ئي ان ڳالهه جي پروڙ به پئجي وئي ته ”بيعت وارو مسئلو“ يا ”ڪوفين تي حجت تمام ڪرڻ“ ظاهري ۽ فرعي تحريڪ ڪربلا جا سبب آهن ليڪن بنيادي ۽ اصلي سبب هڪ ٻي شيءِ آهي، ان جو نالو آهي، چڱائي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي جي مقابلي ۾ اٿي کڙو ٿيڻ.
ظلم جي مقابلي ۾ خاموش رهڻ، به ظالم کي هَٿي ڏيڻ آهي، چڱاين کي لتاڙيو وڃي، برايون عام هجن، اهڙي ماحول ۾، هر ديندار ۽ غيرت مند انسان کي آواز اٿارڻ گهرجي.
مولا پنهنجي تاريخي وصيت نامي ۾ ان مقصد جي پڌرائي ڪئي آهي:
اِنّي لم اخرج اشراً و لا بطراً و لا ظالماً، انمّا خرجت لطلب الاصلاح في اُمّة جدّي، اُريد ان آمُرَ بالمعروف وانهى عن المنکر واسير بسيرةِ جدّي و ابي.[1]
اي لوگو ڄاڻي وٺو ته مان لئي ڪرڻ، مقام ماڻڻ، وڳوڙ ڪرڻ يا ظلم ڪرڻ لاءِ ناهيان نڪتو، بلڪه مان ته رڳو پنهنجي ناني جي امت جي سُڌاري لاءِ نڪتو آهيان، مان چاهيان ٿو چڱاين جو حڪم ڏيان ۽ براين کان روڪيان (مان چاهيان ٿو) پنهنجي ناني ۽ اَبي جي سيرت تي هلان.

[1] _ مقتل الحسين، ص156.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي