Wednesday, 20 June 2018 - Wed 06 20 2018

منو

تڪفيري ۽ سلفي فڪر اسلامي دنيا جي هنياءُ تي کُتل خنجر

هن تجزيه کي بيان ڪرڻ کان پهريان اسان خود تڪفيري لفظ جي معنى ۽ مفهوم کي بيان ڪنداسين ته جيئن قارئين کي ان لفظ سان چڱي نموني آشنائي هجڻ گهرجي ته هي لفظ ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ڪيو ويندو آهي.

تڪفير جي معنى

تڪفير ڌاتو ”ڪفر“ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنى (لڪائڻ ۽ ڍڪڻ) آهي.(1)

هڪ تجزئي مطابق: ڪنهن ماڻهو ڏانهن ان لاءِ ڪفر جي نسبت ڏني ويندي آهي ڇاڪاڻ ته هو خدا جي دين جي حقيقت کي لڪائيندو آهي.(2)

علم ڪلام ۽  علم فقه جي روشني ۾ تڪفير جي اصطلاحي معنى کي هن ريت لکيو ويو آهي: ” مسلمان ڏانهن ڪفر جي نسبت ڏيڻ“(3)

جڏهن ته اڄ جي دور ۾ اها ئي معنى سياسي اصطلاح ۾ به توجهه جو مرڪز آهي.

تڪفيري فڪر ۽ سلفي فڪر ۾ ڪوبه فرق ناهي، ۽ سندن اهڙو فڪر اٿن جيڪو اهل سنت جي چئن فقهي مذهبن جو فڪر به ناهي.

اڄڪلھه اسلامي دنيا ۾ دهشتگردي جي لهر ڇانيل آهي، جيڪا سامراجي طاقتن پاران رڳو دنيا ۾ رهندڙ ڪمله گو مسلمانن ۾ نفرت ۽ اختلاف جو ٻج ڇٽڻ ۽ انهن کي ڌڙن ۾ تقسيم ڪري اسلامي ملڪن ۾ موجود قدرتي ذخيرن تي قبضو ڄمائڻ آهي، جيئن ان طريقي سان هو پوري دنيا تي ڌاڪو ڄمائي ڇڏين، ان ڪم لاءِ شيطاني سوچ رکندڙ ان استڪباري طاقتن جيڪو بهترين حربو استعمال ڪيو، اهو هيءُ هو ته خود مسلمانن منجهان هڪ فرقو وجود ۾ آندو وڃي، جيڪو شدت پسندي ۽ مذهبي تعصب جي ڄار ۾ ايترو ته جڪڙيل هجي، جو ان کي رڳو ڪو ڪارنامو ڪرڻ لاءِ اک جو اشارو ئي ڪرڻ ڪافي آهي. تنهن ڪري ڪجھ صديون پهرين اسلام دشمن طاقتن، اسلامي دنيا ۾ هڪ فرقي کي وجود ۾ آندو، جنهن جو آغاز حجاز جي سرزمين کان ڪيو ۽ آهسته آهسته پوري دنيا تي پنهنجو پيغام پهچائڻ لڳو. اڄ ڪلهھ ان ئي فڪر کي ٻيهر پروان چاڙهي، مختلف جهادي تنظيمن جي نالن سان نروار ڪيو پيو وڃي، ”القاعده، جبهة النصرة، طالبان، بوڪو حرام، داعش، لشڪر جهنگوي“ ۽ ٻين عنوانن سان انهن اهي جهادي تنظيمون انهيءَ فڪر جو تسلسل آهن، جنهن جو جيڪڏهن پيرو کنيو وڃي، ته ان جا نشان ڪجهھ صديون پهرين نه، پر پيغمبر اسلام1 جي وفات کان پوءِ سندس سچي جانشنين حضرت اميرالمؤمنين عليD سان مهاڏو اٽڪائڻ واري ٽولي ”خوارج“ تائين وڃي پهچن ٿا. بهرحال ان تي تاريخي بحث لاءِ هڪ ٻي فرصت جي ضرورت آهي. هتي ان ڳاله کي نظر ۾ رکندي ته استعماري طاقتن پاران پالي تيار ڪيل اهو اسلامي لباس ۾ ويڙهي اسلام دشمن ايڏا روپ ڪري دنيا جي گولي تي اچي اڀريو آهي ۽ دشمن اسلام ته وڏو چال باز آهي، جيڪو ان مان ٻئي فائدا کڻي اسلامي پنهنجي سياست چمڪائڻ جي چڪر ۾ آهي، هڪ طرف ته انهن جي بيوقوفيءَ مان چڱي نموني ڪم وٺي خود ڪلمه گو کي ڪلمه گو جي هٿان مارائي رهيو آهي، ته ٻئي پاسي وري انهن جي ڪڌن ڪرتوتن کي سندس ئي ميڊيا جي مهرباني سان اسلام خلاف پروپنگنڊا جو ڄار ڦهيلائي رهيو آهي، خاص طور يورپ ۽ ٻين غير اسلامي دنيا جا اهي ملڪ جن ۾ اسلام ۽ قرآن جي تعليمات ڏانهن رجحان روز بروز وڌندو پيو وڃي، انهن ان مقدس تعليمات کان باغي ڪرڻ ۽ ان جو رستو روڪڻ لاءِ هڪ بهترين حربي جي طور تي ڪم ۾ آڻي ٿو، جڏهن ته انهن شين جو اسلام سان دور جو به واسطو ناهي.

اسلام جي تعليمات ۾ انسان ته ڇا پر هڪ جانور تي به احساس جي نگاھ رکڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي، اتي اسلام  جي نالي تي ڪنهن جا ڪنڌ ڪپڻ، معصوم  ۽ اُبهم ٻارن کي ڦاهي ڏئي لٽڪائڻ ۽ عورتن کي قيد ڪري بازار ۾ وڪرو ڪرڻ جو اسلام جي ڪهڙي اصول مطابق آهي؟

اسلام ته هميشه انسانيت جي ناتي پنهنجي مخالف کي به آشتي جي آڇ ڪندو رهيو آ. اهو اسلام جنهن جي منطق کي ڏسي دنيا جا عام ماڻهو ته پنهنجي جاءِ تي پر دنيا جا وڏا وڏا بادشاھ به ان جي پيغام آڏو پنهجا سر جهڪائي ويٺا، اهو اسلام جنهن سورت انفال جي هن آيت ۾ پنهنجي دشمن لاءِ اهو پيغام ڏنو ته:

وَ إِنْ جَنَحُوا لِلسَّلْمِ فَاجْنَحْ لَها وَ تَوَكَّلْ عَلَى اللَّهِ إِنَّهُ هُوَ السَّميعُ الْعَليمُ. (4)

(اي پيغمبر) جيڪڏهن اهي مشرڪ توسان صلح لاءِ لاڙو ڪن ته تون به ساڻن صلح لاءِ لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ هو ئي ٻڌڻ وارو ۽ آگاھ آهي.

 اسلام ڪافرن سان سڪون ۽ صلح واري زندگي جي تاڪيد ڪرڻ کان سواء جڏهن اهي مسلمانن کي آزار نه پهچائين ته ِ ساڻن عدالت، ا حسان ۽ نيڪي جو حڪم پڻ ڪري ٿو:

لَا يَنْهَاكُمُ اللَّهُ عَنِ الَّذِينَ لَمْ يُقَاتِلُوكُمْ فِي الدِّينِ وَلَمْ يُخْرِجُوكُم مِّن دِيَارِكُمْ أَن تَبَرُّوهُمْ وَتُقْسِطُوا إِلَيْهِمْ إِنَّ اللَّهَ يُحِبُّ الْمُقْسِطِينَ. (5)

الله اوھان کي ان ڳالهھ کان نٿو روڪي ته جن اوھان سان دين (جي ڳالهھ) ۾ نه جنگ ڪئي آھي ۽ نه ئي اوھان جي گھرن مان اوھان کي (ٻاھر) ڪڍيو آھي، ته ساڻن احسان ڪريو ۽ سندن حق ۾ انصاف ڪريو، بيشڪ الله انصاف ڪرڻ وارن کي دوست رکندو آھي.

  نه رڳو ايترو پر اسلام جي نزديڪ ته انسانيت جي قدر جو اندازو سورت توبه جي هن آيت جي پيغام مان چڱي طرح لڳائي سگهجي ٿو.

وَ إِنْ أَحَدٌ مِنَ الْمُشْرِكينَ اسْتَجارَكَ فَأَجِرْهُ حَتَّى يَسْمَعَ كَلامَ اللَّهِ ثُمَّ أَبْلِغْهُ مَأْمَنَهُ ذلِكَ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لا يَعْلَمُونَ. (6)

( اي رسول) جيڪڏهن مشرڪن مان ڪو مشرڪ تو وٽ پناھ وٺڻ چاهي ته کيس پناھ ڏينس، ايستائين جو هو خدا جو ڪلام ٻڌي، پوءِ کيس سندس پناهگاھ تائين پهچاءِ. ڇاڪاڻ ته اهي اهڙي قوم (وارا) آهن جيڪي نه ٿا ڄاڻن. هن آيت ۾ ” أَبْلِغْهُ مَأْمَنَهُ “واري جملي تي غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، جنهن جي معنى آهي ته ان مشرڪ پنهنجي امن واري منزل ۽ پناهگاھ تائين پهچاءِ. تنهن جو مطلب ته اسلام انسانيت لاءِ ايڏي احترام جو قائل آهي جو جيڪڏهن ڪنهن مشرڪ کي به اسلام جو پيغام سمجهھ ۾ نه اچي ته ان کي رڳو ائين پنهنجي منزل ڏانهن روانو نه ڪري ڇڏيو، پر کيس پنهنجي منزل ۽ پناهگاھ تائين به پهچايو. اهڙي ريت رسول خدا4 جن جي حقيقي جانشين حضرت علي(ع)، مالڪ اشتر کي مصر جو گورنر مقرر ڪرڻ کان پوءِ حڪومت هلائڻ بابت جيڪو خط کيس ڏنو تنهن ۾ قانون، ماڻهن جي حقن ۽ عدالت جي رعايت ڪرڻ جي تاڪيد سان گڏوگڏ سڀني مسلمان توڙي غير مسلم ماڻهن سان محبت ۽ نرمي سان پيش اچڻ جي نصيحت ڪندي هن ريت فرمايو:

اَشْعِرْ قَلْبَكَ الرَّحْمَةَ لِلرَّعِيَّةِ وَ الْمَحَبَّةَ لَهُمْ وَ اللُّطْفَ بِهِمْ وَ لاَ تَكُونَنَّ عَلَيْهِمْ سَبُعا ضَارِيا تَغْتَنِمُ اءَكْلَهُمْ، فَإِنَّهُمْ صِنْفَانِ: إِمَّا  اَخٌ لَكَ فِي الدِّينِ وَ إِمَّا نَظِيرٌ لَكَ فِي الْخَلْقِ..(7)

قوم لاءِ پنهنجي دل کي رحمت، محبت ۽ مهرباني جي نشاني ۽ علامت بڻاءِ  ۽ انهن لاءِ ڏاڙهيندڙ درندي وانگر نه ٿي، جو انهن کي پنهنجو لقمو ٺاهي ڇڏڻ کي غنيمت سمجهڻ لڳين، ڇاڪاڻ ته انسان ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا تنهنجا دين ۾ ڀائر آهن ۽ ٻيا وري (جيڪي تنهنجي دين ۾ تنهنجا شريڪ ناهن، ديني ڀاءُ ناهن) تنهنجا پيدائش جي اعتبار سان (انسانيت ۾) ڀائر آهن.

ته پوءِ غير اسلامي دنيا ۾ اسلام جي خلاف پروپيگنڊا ڪرڻ وارن انهن طاقتن جي نگاھ اسلام جي اهڙن اصولن تي ڇو نه ٿي پوي، دشمن ته دشمن ئي هوندو آهي، پر افسوس انهن ڪلمه گو مسلمانن تي به ٿيندو آهي، جيڪي ڪڏهن ڪڏهن مذهبي تعصب جي آڌار تي سامراجي ايجنڊن جي انهن ٽولن جي پرڪارن تي ڪک رکندي به دير نه ڪندا آهن.

اسلام، امن جو پيغام ڏيندڙ دين آهي، جنهن کي رڳو امن جي ذريعي ڦهلائي سگهجي ٿو، شيعه ۽ اهل سنت ۾ پيغمبر اسلام(ص) جي اها مشهور ۽ معروف حديث آهي:  الْمُسْلِمُ مَنْ سَلِمَ الْمُسْلِمُونَ مِنْ لِسَانِهِ وَيَدِهِ(8) يعني: مسلمان اهو آهي، جنهن جي زبان ۽ هٿ کان ٻيو مسلمان سالم هجي.

جيڪڏهن اسان غور ۽ فڪر ڪيون ته اها هڪڙي حديث ئي منصف مزاج انسان وٽ اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي ته اسلام جو پڪو ۽ سچو پيروڪار مسلمان ڪير آهي؟

ڇا اهو ٽولو اسلام جو پڪو پيروڪار آهي، جنهن هميشه اسلام جي اصولن کي پائمال ڪندي، پنهنجي ٻئي مسلمان ڀاءُ جي خلاف گندي زبان استعمال ڪئي ۽ پنهنجي هٿ سان ٻئي مسلمان جي سر تي شفقت جو هٿ ڦيرائڻ بجاءِ ان ئي هٿ سان ان مسلمان ڀاءُ جي گردن تي ڇُري هلائي، يا اهو ٽولو اسلام جو سچو ۽ پڪو پيروڪار آهي، جنهن هميشه زبان سان امن ۽ صلح جو پيغام پهچايو ۽ پنهنجو شفقت ڀريو هٿ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي سر تي گهمائيندو رهيو؟

بهرحال انهن ڳالهين کي هر انسان چڱي نموني پرکي ۽ انهن جي باري ۾ غور ۽ ويچار ڪري سگهي ٿو. ڇا اڄ پوري اسلامي دنيا انهن چئيلنجن جو شڪار بڻيل آهي، تنهن ڪري هر ڪلمه گو مسلمان جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي ذميواري کي سٺي نموني انجام ڏئي ۽ ننڍن ننڍن کي اختلافن کي دور ڪندي اهو سمجهڻ جي ڪوشش ڪري ته اسان جو اصلي دشمن ڪير آهي، جيڪو اسان کي خود اسان جي ذريعي ٽُڪڙن ۾ ورهائڻ چاهي ٿو.

اها شيءِ سمجهڻ کان پوءِ ئي هر انسان سٺي نموني سمجهي سگهي ٿو ته هيءُ ڳالهھ سؤ فيصد حقيقت تي ٻڌل آهي ته: تڪفيري ۽ سلفي فڪر اسلامي دنيا جي هنياءُ تي دشمن پاران کُتل خنجر آهي.

 حوالا

(1) معجم مقاييس اللغة، ج5، ص 191.

(2)رسايل اخوان الصفار، ج3

(3) سيف الله صرامي، سايت اسلام فائونڊيشن...

(4) سورت انفال آيت 61.

(5) سورت ممتحنه، آيت 8

(6) سورت  توبه آيت 6

(7) نهج البلاغه،خط 53.

(8) جامع السعادات، ج 1، ص 165

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي