Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

سعودي عرب ۾ شيخ آيت الله نمر باقر النمر جي شهادت

سعودي عرب ۾ آيت الله شيخ نمر باقر النمر سميت 47 ڄڻن جا سر قلم ڪري ڇڏيا، سعودي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته موت جي سزا آيل سواءِ ٻن جي 45 دهشتگردن جو تعلق سعودي عرب سان آهي. سعودي عرب جي گهرو وزارت موجب شيعا عالم آيت الله شيخ نــِمر النــِمر سميت 47 دهشتگردن جا سر قلم ڪيا ويا آهن. شيخ نمر النمر کي 2011ع جي بهار عرب دوران سعودي حڪومت خلاف مظاهرن جي اڳواڻي ڪرڻ سبب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. سعودي حڪومت پاران جن ڏوهارين کي موت جي سزا ڏني وئي آهي، انهن مان اڪثريت 2003ع کانپوءِ القائده جا حملا آور هئا يا وري حملن ۾ ملوث هئا. سعودي عرب جي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب جوابدار جهاد جي نالي ۾ دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا. سعودي عرب ۾ هڪ ئي وقت 47 ماڻهن کي موت جي سزا ڏيڻ جو هي وڏو واقعو آهي، ان کان اڳ 1979ع ۾ مسجد حرام تي قبضو ڪرڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌال 67 ڏوهارين جا 1980ع ۾ هڪ ئي وقت سر قلم ڪيا ويا هئا. سزا آيل جوابدارن جي سعودي جي اعليٰ عدالت اپيل رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد سزا تي عمل ڪيو ويو، ايران شيعا عالم  آيت الله نمر النمر کي موت جي سزا جي سخت مخالفت ڪري چڪو آهي، پاڪستان ۾ به آڄ شيعه قوم سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

رايا (0) هٽس: 890

سائين جابر حسين اسلامي جو انتقال

سڀني علماءِ ڪرام، طلاب عظام ۽ سنڌ واسي مومنين کي مطلع ٿو ڪجي ته دانشگاه جعفريه واگهريجي سنڌ جو محنتي ۽ شفيق استاد، حجة الاسلام والمسلمين قبله مولانا عباس علي نجفي (رح) جو ڀاءُ ۽ حجة الاسلام والمسلمين قبلا مولانا غلام مهدي نجفي (رح) جونياڻو،

نورالقرآن ٽرسٽ جي طرفان سيمينار جو انعقاد

نورالقرآن ٽرسٽ جي پاران قم المقدس ۾ آچر جي ڏينهن (قرآن ۽ دهشتگردي) جي عنوان سان هڪ علمي سيمينار جو انعقاد ڪيو ويو.

هي سيمينار پاڻ سڳوري (ص) جي بعثت جي پاڪ ڏينهن ۾ برگزار ڪيو ويو جنهن ۾ طالب علمن جي سٺي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. هن پروگرام جو آغاز قرآن پاڪ جي تلاوت سان ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ نورالقرآن ٽرسٽ جي اهم عهديدار حجةالاسلام و المسلمين جناب سيد شاهه حسين موسوي دهشتگردي ۽ تڪفيريت جي تاريخي پس منظر کي بيان ڪندي ٻڌايو ته قرآن ۽ اهلبيت (ع) جي تعليمات ان دهشتگردي جي مقابلي ۾ بهترين حل کي قرار ڏنو.

ان پروگرام جي دوران نورالقرآن ٽرسٽ جي اڳواڻ حجة الاسلام و المسلمين مداح حسين مخلصي اداري جي فعاليت جي عنوان سان هڪ مختصر رپورٽ پيش ڪئي.

سيمينار جي آخر ۾ اصلي مقرر جناب حجة الاسلام و المسلمين ڊاڪٽر محمد علي رضائي اصفھاني  قرآن ۽ دهشتگردي جي حوالي سان خطاب ڪندي قرآن پاڪ جي نظر ۾ پر امن زندگي جي اصولن کي بيان ڪيو ۽ چيائين ته اسلام ڪنهن به صورت ۾ تشدد واري زندگي جي حمايت ڪري نٿو.

اڳتي بيان ڪندي اهو چيائين ته اسلام جي بنياد امن تي قائم آهي، اسلام ۾ لڙائي هڪ ضرورت تحت بيان ٿيل آهي. هن اهو پڻ بيان ڪيو ته هن جهان جي آغاز جو نڪتو ”سلام“ جيڪو الله پاڪ جي اسماءِ حسنى منجهان هڪ آهي ۽ هن دنيا جي پڄاڻي به سلام تي آهي جيڪا بهشت آهي ۽ قرآن پاڪ جو نزول به اهڙي رات ۾ ٿيو جيڪا سلام آهي ۽ جنهن نبي تي نازل ٿيو اهو نبي رحمت بڻجي ڪري آيو آهي. جڏهن اسلام پوري جو پورو پر امن ۽ سلامتي تي مشتمل آهي ته اسلام ۾ دهشتگردي ڇو آهي؟

ان اهو بيان ڪيو ته دهشتگردي جي بنياد جهالت آهي ۽ تعليمات دين کان پري هجڻ آهي اسان مسلمانن کي گهرجي ته انتهاپسندي کي ختم ڪري ديني ڄاڻ ۽ روشني کي وڌايون ته جيئن اسلام جي حقيقي تعليمات سان پنهنجي معاشري کي دهشتگردي جي وبا کي ختم ڪري سگهي ٿي.

رايا (0) هٽس: 1237

رهبر معظم آيت الله العظمى علي خامنه اي جو هڪ کليو خط

رهبر معظم آيت الله العظمى آقاي علي خامنه اي اولهه ۽ شمالي آمريڪا جي جوانن ڏانهن هڪ کليو خط

فرانس جي هاڻوڪن واقعن ۽ ڪجهه ٻين مغربي ملڪن ۾ ان جهڙن واقعن مون کي مجبور ڪيو ته آئون ان بابت اوهان سان سڌو سنئون ڳالهيان. منهنجو (سڌو سنئون) توهان نوجوانن سان خطاب ان ڪري نه آهي ته آئون اوهان جي والدين کي نظر انداز ڪري رهيو آهيان، بلڪه ان سبب آهي  جو آئون توهان جي قوم ۽ ملڪ جو مستقبل اوهان جي هٿن ۾ ڏسي رهيو آهيان ۽ اوهان جي دلين جي گهرائي ۾ حق جي ڳولها وارو جذبو ٻين کان وڌيڪ  ڏسي رهيو آهيان. اهڙي ريت هن خط ۾ منهنجا مخاطب، اوهان جا سياستدان ۽ حڪومتي ڪارندا ناهن، ڇاڪاڻ ته مون کي يقين آهي ته انهن ڄاڻي واڻي ۽ مڪمل علم آگاهي سان سياست وارو رستو صداقت ۽ سچائي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.