اڱارو, 16 جولاءِ 2019 - Tue 07 16 2019

منو

سعودي عرب ۾ شيخ آيت الله نمر باقر النمر جي شهادت

سعودي عرب ۾ آيت الله شيخ نمر باقر النمر سميت 47 ڄڻن جا سر قلم ڪري ڇڏيا، سعودي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته موت جي سزا آيل سواءِ ٻن جي 45 دهشتگردن جو تعلق سعودي عرب سان آهي. سعودي عرب جي گهرو وزارت موجب شيعا عالم آيت الله شيخ نــِمر النــِمر سميت 47 دهشتگردن جا سر قلم ڪيا ويا آهن. شيخ نمر النمر کي 2011ع جي بهار عرب دوران سعودي حڪومت خلاف مظاهرن جي اڳواڻي ڪرڻ سبب زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. سعودي حڪومت پاران جن ڏوهارين کي موت جي سزا ڏني وئي آهي، انهن مان اڪثريت 2003ع کانپوءِ القائده جا حملا آور هئا يا وري حملن ۾ ملوث هئا. سعودي عرب جي گهرو وزارت پاران جاري ڪيل بيان موجب جوابدار جهاد جي نالي ۾ دهشتگرد حملن ۾ ملوث هئا. سعودي عرب ۾ هڪ ئي وقت 47 ماڻهن کي موت جي سزا ڏيڻ جو هي وڏو واقعو آهي، ان کان اڳ 1979ع ۾ مسجد حرام تي قبضو ڪرڻ جي الزام هيٺ موت جي سزا ٻڌال 67 ڏوهارين جا 1980ع ۾ هڪ ئي وقت سر قلم ڪيا ويا هئا. سزا آيل جوابدارن جي سعودي جي اعليٰ عدالت اپيل رد ڪري ڇڏي هئي، جنهن بعد سزا تي عمل ڪيو ويو، ايران شيعا عالم  آيت الله نمر النمر کي موت جي سزا جي سخت مخالفت ڪري چڪو آهي، پاڪستان ۾ به آڄ شيعه قوم سوڳ جو اعلان ڪيو آهي.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي