Saturday, 17 November 2018 - Sat 11 17 2018

منو

قرآن جي تعليم لازمي، صلوٰت وارو نظام لاڳو ڪيو ويندو: سردار يوسف

مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف چيو آهي ته پاناما ليڪس جو فيصلو ڪرڻ عدالت جو ڪم آهي، ڌرڻن جو ڪو فائدو نظر نه پيو اچي، قرآن پاڪ جي تعليم کي لازمي قرار ڏنو وڃي. صلوات وارو نظام جلد لاڳو ڪيو ويندو. حج ۽ عمري ايڪٽ جي وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي آهي. حج ۽ عمري تي ٻه هزار ريال جو ٽيڪس سعودي حڪومت واپس ورتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايبٽ آباد جي اسڪول ۾ ماءُ پيءُ جي ڏهاڙي جي تقريب ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. سردار محمد يوسف چيو ته پي ٽي آءِ وارا عدالتي فيصلو نٿا ڪري سگهن ته هو وزير اعظم نااهل قرار ڏيارن. جيڪڏهن وزير اعظم جي نااهلي جو فيصلو عمران خان ٿو ڪري ته سپريم ڪورٽ ڪهڙو فيصلو ڏيندي؟ عدالت جيڪو به فيصلو ڏنو ان تي عملدرآمد ٿيندو.

عوامي آواز

رايا (0) هٽس: 665

دنيا جو وڏي ۾ وڏو قرآن شريف

دبي ۾ وڏي ۾ وڏو قرآنوڏي ۾ وڏو قرآن دبي جي شهر ۾ منظر عام تي رکيو ويو

قرآن پاڪ جو هن دنيا تي وڏي ۾ وڏو نسخو جيڪو 200 ڪلوگرام کان وڌيڪ آهي، ان کي نمائش طور دبي ۾ عام ماڻهن جي ديدار لاءِ رکيو ويو آهي.