اربع, 27 مئي 2020 - Wed 05 27 2020

منو

پاڪستان ۾ تفسير ”روح القرآن“ جي رونمائي

پاڪستان ۾ گذريل هفتي تفسير ”روح القرآن“ کي متعارف ڪرايو ويو

تفسير ”روح القرآن“ علامه ”محمد اسلم صديقي“ جي تاليف آهي، جنهن جو تعارف رسماً 9 ڊسمبر 2012 تي لاهور شهر ۾ ڪرايو ويو.

آن لائن خابرو رپورٽن موجب: ان تفسير واري تقريب ۾ سابقه صدر جماعت اسلامي ”قاضي حسين احمد“ ۽ هاڻوڪي صدر ”لياقت بلوچ“ سميت پاڪستان جي برجسته عالمن پڻ شرڪت ڪئي.

هن تفسير کي لکندڙ اسلم صديقي چيو ته: هيءُ تفسير 12 جلدن تي مشتمل آهي، جيڪو ڏهن سالن جي جاکوڙ جو نتيجو آهي ۽ هن تفسير کي هڪ نئي روپ ۾ لکيو ويو آهي.

هن اهو به ٻڌايو ته هيءُ تفسير گذريل 14 صدين جي لکيل تفسيرن کان جدا آهي ۽ هن تفسير جو امتياز اهو آهي ته هن تفسير کي اُن زبان سان لکيو ويو آهي جيڪا عام محاوري ۾ ڳالهائي ويندي آهي.

۽ هن اهو پڻ چيو ته: هن تفسير لکڻ جو مقصد به اهو هو ته جيترو ٿي سگهي، قرآن جي پيغام کي عام ٻولي ۾ واضح ڪري سگهجي.

 

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي

مجوز استفاده از قالب مذهبی قدر براي اين دامنه داده نشده , برای دریافت مجوز قالب بر روی لینک ، ( درخواست مجوز ) کلیک کنید