Tuesday, 18 December 2018 - Mon 12 17 2018

منو

قيامِ امام حسين عليه السّلام جون برڪتون ۽ ڪربلا جو پيغام

حضرت امام حسين (ع) جن قيامت تائين پوري دنيا کي سيکاري ڇڏيو ته ظلم ۽ ستم، ظالم حڪمرانن کان ڪهڙي طرح سان مقابلو ڪري سگھجي ٿو ۽ جڏهن امام جن قيام ڪيو ته ته امام جن کي اها خبر هئي ته امام کي ان راھ ۾ تمام گھڻيون مشڪلون پيش اينديون، امام(ع) جا ساٿي ۽ جانسار انهيءَ راھ ۾ امام(ع) کان جدا ٿي ويندا ۽ پنهنجي اهل و عيال جي قرباني ڏيڻي پوندي ۽ امام جن انهيءَ ڳالھ کان به آگاھ هئ

ا ته جيڪڏهن امام(ع) جن قيام نه ڪندا ته اڳتي اچڻ واري تاريخن ۾ اسلام جو چهرو اصلي نه پر بد نما ڪري ڏيکاريو ويندو ۽ آهسته آهسته مسلمانن جي درميان اسلام نالي ڪا به شيءِ نظر نه ايندي، حق ۽ باطل ۾ ڪو به فرق نه رهندو، باطل کي حق جو لباس پارائي مسلمانن جي ڳيان آندو ويندو، انهيءِ ڪري امام جن ظالمن جي اڳيان قيام ڪيو ته جيئن اسلام کي هڪ نئين زندگي ڏئي سگھي امام(ع) جن چاهيو توڙي جو منهنجا جانسار ۽ دلسوز قتل ٿي وڃن ۽ منهنجي حرم کي قيدي بڻايو وڃي ليڪن اسلام بچي پوي ۽ هميشه جي لاءِ زندھ رهي.

امام(ع) جن انهيءَ قيام جي ذريعي نه فقط يزيد کي شڪست ڏني بلڪ پوري اموي حڪومت جو چهرو ظاهر ڪري سامهون آندو ۽ ان کان پوءِ پوري عالمِ اِسلام کي اها آگاهي ٿي وئي ته اموي حڪومت اسلام جي خلاف ڪهڙيون ڪهڙيون سازشون ڪيون! ۽ امام جن قيام ڪري پوري جهان کي ٻڌايو ته جيڪڏهن حق جي حفاظت جي لاءِ جان جي قرباني به ڏيڻي پوي ته به پرواھ نه ڪجي، اسان کي اها به شيءِ معلوم آهي ته امام(ع) جو قيام ڪنهن وڏي جانسارن جي انگ تي نه هيو بلڪ امام(ع) سان اهي ئي گڏ هئا جيڪي ٿوري انگ ۾ امام(ع) سان گڏ ڪربلا جي زمين تي هئا امام حسين(ع) جن جو فقط ۽ فقط قيام جو بنياد الله سائين تي ڀروسي جي بناء تي هيو ايمان ۽ خلوص تي هيو ۽ دين جي حفاظت تي هيو.

امام(ع) جن قيام جي ذريعي اموي حڪومت کي شڪست ڏيڻ سان گڏو گڏ انهن مرده دلين به کي زنده ڪيو جيڪي غفلت جي ننڊ ۾ ستل هيون، جيئن ته امام(ع) جن پنهنجي هڪ خطبي ۾ فرمائن ٿا ته: (الا ترون الي الحق لا يعمل به و الي الباطل لا يتناهى عنه) ترجمو: (ڇا توهان نه ٿا ڏسو ته حق تي عمل نه ٿو ٿئي ۽ باطل سان ماڻهو مانوس ٿي ويا آهن.)

   امام حسين(ع) جو قيام فقط اُنهيءَ وقت جي يزيد جي خلاف نه هيو بلڪ قيامت تائين اچڻ واري هر يزيدي صفت رکندڙ انسان جي خلاف هيو جنهن جي لاءِ امام(ع) جن فرمايو ته: (مون حسين جهڙو يزيد جهڙي جي هٿن تي ڪڏهن به بعيت نه ٿو ڪري سگھي)

ڪربلا جو پيغام:

امام حسين(ع) جي ان قيام ۾ بيشمار سبق ۽ پيغام لڪيل آهن ۽ قيام جي تاريخن جي ورڪن ۾ هزارن جي انگ ۾ هدايت جا ڏيئا روشن آهن ۽ انسان ذات کي هدايت جو رستو ڏيکاي رهيا آهن لهٰذا اسان کي گھرجي ته انهن پيغامن ۽ سبقن کي سمجھون ۽ ٻين تائين پهچايون ڇو جو اسان فقط ڪربلا کي روئڻ ۽ عزاداريءَ تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪربلا جي باقي سمورن سبقن کان محروم آهيون ڇو جو ڪربلا کي سمجھڻ جي لاءِ جيڪڏهن اسان پنهنجي ساھ جو هڪ هڪ پَلُ وقف ڪريون تڏهن به گھٽ آهي.

عزاداري ءِ امام حسين(ع) ۽ توحيد  (الله سائين جي هيڪڙائپ)

جهڙي طريقي سان ڪلمه توحيد ۽ ڪلمه رسالت تي اعتماد ڪرڻ سان تمام ملتن، قومن ۽ ملڪن ۾ فرق ختم ٿي وڃي ٿو  انسان ڪهڙي به زبان، مزاج، رنگ، نسل يا لباس جا هجن جيئن ڪلمه توحيد ۽ رسالت تي هڙئي اعتقاد رکن ٿا ۽ ٻيا فرق پنهنجو پاڻ ختم ٿي وڃن ٿا اهڙي ريت امام حسين(ع) جي عزادار هجڻ سان تمام فرق ختم ٿي وڃن ٿا توڙي انسان هزارن جي تعداد ۾ ڇو نه هجن پر پوءِ به نالو عزادار جو سڏجي ٿو ڇو جو امام حسين(ع) جو قيام رنگ، ڍنگ، نسل، قوم، فرقي جي تعصب ۾ نه هيو بلڪ قيام جو معيار فقط ۽ فقط صدقِ دل ۽ خلوص هيو جيئن حر امام حسين وٽ آيو ۽ امام ان جو خلوص ڏسي ۽ کيس لشڪر ۾ شامل ڪيو.

اها عزاداري دلين جي فاصلن ۽ نفرتن کي ختم ڪري ۽ وحدت جو درس ڏئي ٿي جيئن امام خميني جي دور ۾ ڏسو ته اها وحدت ئي هئي جنهن ايرانين ۾ ڏسندي ڏسندي انقلاب جهڙي نعمت آندي ۽ ڪئي سال پراڻي شهنشاه جي حڪومت جو تخت الٽو ڪري ڇڏيو، بس قيام امام حسين(ع) نه فقط نفرتن کي ختم ڪيو بلڪ انسانن کي هڪ عظيم وحدت محبت جو درس ڏئي ٿو.

ڪربلا جي واقعي کي سمجھڻ جي لاءِ اسان جي ذهن ۾ گھڻائي سوال پيدا ٿين ٿا پهريان اسان کي ان جي باري ۾ اٿندڙ سوالن جي جوابن کي ڳولهڻ کپي ته جيئن ڪربلا کي صحيح طريقي سمجھي سگھون.

س: محرم جي مهيني ۾ اسان جون ذميداريون ڇا آهن؟

س: ان مهيني ۾ اسان جي علماء ۽ خطيبن جون ڇا ذميداريون آهن؟

س: ان مهيني ۾ شيعن جي ڇا ذميداري آهي؟

س: اسان عاشورا کي ڪيترو سمجھو آهي ان اسان جي فڪرن کي ڪيئن تبديل ڪيو؟

س: انهن درسن کي سمجھڻ کان بعد اسان قدم کنيو آهي يا اتي ئي بيٺا آهيون جتي ڪالھ بيٺا هئا سين؟

جڏهن اسان جي اڳيان اهڙا سوالايندا آهن ته اسان خاموش ٿي وندا آهيون ڇو جو اسان ڪڏهن ان جي باري ۾ سوچيو ئي نه آهي. ڪالھ جڏهن يزيد امام حسين(ع) کي باغي ۽ حق جو مخالف ثابتڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي هن دور ۾ به اڄ جو يزيد اسلام کي برباد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳو پيو آهي،بس اهڙي ماحول ۾ اسان کي گھرجي ته اسان عاشور جي مقصد کي سمجھون ۽ گڏو گڏ اسان ٻين ماڻهن تائين اهو پيغام پهچايون ته جيئن ماڻهن جي ذهنن ۾ اڄ جو يزيد آشڪار ٿي پوي ۽ ماڻون حق ۽ باطل ۾ فرق ڪري سگھن ته جيئن اهو قيام نه فقط امام جي زماني ۾ هجي بلڪ قيامت تائين زنده رهي يزيد جهڙو ظالم ڪڏهن به پنهنجي ناپاڪ مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگھي اسان کي اهو مقصد تڏهن حاصل ٿيندو جڏهن اسان ڪربلا جي ان واقعي کي اڄ جي زماني تي ڦِٽ ڪريون ۽ اڄ جي يزيد جي اڳيان اسان امام حسين(ع) جي افڪار کي پيش ڪريون ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اها شيءِ آڻيون ته امامم حسين(ع) جو قيام فقط اُنهيءَ زماني سان مخصوص نه آهي بلڪ هر دور ۾ ضروري آهي ۽ اسان جيهڏهن ڪامياب ٿيڻ چاهيون ٿا ته اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان ۾ امام حسين(ع) ۽ سندس يارن، جانسارن جهڙو فقر، صداقت، ايمان، دليري هجڻ ضروري آهي اسان کياها ڪوشش ڪيڻي آهي ته اسان انسانن جي  ۾ اهي افڪار اهي سوچون اهي جذبا پيدا ڪري انسان کي ڪاميابي ج رستو ڏيکاريون.

دلين تي اثر

قيام امام حسين(ع) کان جيڪي شيون سامهون اچن ٿيون انهن مان هي به آهن ته ان قيام انسانن جي دلين تي به تمام گھڻو اثرڪيو آهي اهو انسان چاهي ماهتمان گانڌي هجي يا ڪوئي مغربي دانشور چاهي هو اسلام کي مڃڻ وارو هجي يا نه مگر جڏهن به هو پنهنجي قوم قبيلي يا ڪنهن تحريڪ ۾ انقلاب آڻڻ چاهي ته سڀ کان پهريان امام حسين(ع) جي مقصد ۽ سندس فڪرن کي اڳيان آڻيندوآهي.

دل اچ به امام حسين(ع) جي غم ۾ اداس ۽ اک به امام(ع) جي عِشق ۾ روئي رهي آهي ۽ اها به پڪ آهي ته الله سائين جو خزانو ايتري قدر وسيع آهي جو امام(ع) جي غم ۾ هاريل هر ڳوڙهي جي بدلي ۾ ثواب عطا ڪري ٿو، پر اسان جي لاءِ به ضروري آهي ته امام حسين(ع) جي غم کي فقط ثواب حاصل ڪرڻ تائين محدود ڪريون بلڪ ان پيغام کي پوري دنيا تائين پهچايون.

بس اسان کي انهن ڳالهين مان نتيجو اهو مليو ته جڏهن به ڪو ڪم ڪجي ته ان جي پٺيان ڪو نه ڪو مقصد هجڻ ضروري آهي بغير ڪنهن مقصد جي اهو ڪم فقط ۽ فقط وقت وڃائڻ آهي.

حق جي راھ ۾ شهادت

امام حسين(ع) جي قيام مان اها به شيءِ سامهون اچي ٿي ته حق جي راھ ۾ انسان جان ته ڇا پر جنهن به شيءِ جي ضرورت پوي ان کي قربان ڪرڻ ۾ نه ڪيٻائي ۽ ڪڏهن به باطل جي پيروي نه ڪري، جڏهن نه انسان جي اندر پنهنجي حق جي حفاظت ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو آهي ته دير ئي سهي مگر اهو انسان ان مقصد ۾ ڪامياب ضرور ٿيندو آهي جيئن امام جن جي قيام مان اها شيءِ نظر اچي ٿي ته امام جن ظاهري طور تي شهيد ٿا ۽ن انهن جا حرم قيدي بڻيا پر ان واقعي کان پوءِ اڄ تائين ڪجھ شيون اسان جي آڏو اچن ٿيون:

الف: ٿوري ئي عرصي ۾ اموين جو خاتمو.

ب: اسلام کي هڪ نئين زندگي.

ج: دنيا کي حق جي راھ ۾ قربان ٿيڻ جو جذبو.

د: هن دور جي مردا دل انسان کي زندگي.

ھ: ظالم جي آڏو خاموش نه رهڻ جو سبق.

اصل ۾ امام(ع) کي ئي ڪاميابي حاصل آهي ڇو جو امام(ع) جو مقصد اڃا تائين زندھ آهي امام(ع) جو مقصد هيو ته دين اسلام، شريعت کي زندھ رکڻ ۽ امام(ع) جن پنهنجي شهادت جي ذريعي ان کي زندھ رکيو بس جڏهن به ڪو انسان دين جي حفاظت جي لاءِ قدم کڻي ته ايترو مضبوط هجي جو ڪا به مشڪل پيش اچي ته ان جو اهڙي طريقي سان مقابلو ڪري جو دشمن ڪمزور ٿي ڪري  پنهجي مقصد کي وساري ڇڏي.

اڄ اسان کي انهيءَ شيءِ جي ضرورت آهي ته اسان ماڻهن کي امام(ع) جي فڪرن ۽ ڪربلا جي مقصدن کان آگاھ ڪريون.

امام(ع) جن جي قيام جو اصل مقصدظالم جي خلاف نعرو هيو ۽ مظلوم جي حمايت ڪرڻ ۽ شريعت جي حفاظت هئي، بس جنهن عزادار ۾ اهي سڀ مقصد هجن يقينا اهو ڪامياب آهي، اهڙي ريت بيبي زينبI ۽ امام سجّاد(ع) جن جيڪي پنهنجي مصيبتن تي ڳوڙها وهايا هئا اهي خالي نه آهن انهن ۾ ڪو عظيم پيغام آهي.

اڄ جي معاشري ۾ جيڪا مشڪل آهي اها هي آهي ته اسان امام(ع) جي مقصد کي فقط روئي ڪري ثواب حاصل ڪرڻ جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي بلڪ اسان عزاداري جي دشمن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ضروري آهي ته اسان جو سماج فڪري ۽ اعتقادي لحاظ سان ايترو ته مضبوط هجڻ گھرجي جو دشمن جي نا پاڪ ارادن کي ناڪام ڪري سگھون جيستائين اسان مضبوط نه ٿينداسين دشمن اسان جي ڪمزوري جوفائدو وٺي اسان کي پنهنجي مقصد کان ڦيرائي سگھي ٿو.

امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر

ڪربلا جي اهم درسن مان هڪ درس هي به آهي نيڪي جي هدايت ڪرڻ ۽ بُرن ڪمن کان روڪڻ، اهو پيغام هر زماني جي لاءِ آهي ۽ هر زمان هن زمين ۾ رکيو ويو آهي امام حسين(ع) جي وجود هر زماني جي ماڻهوءَ کي آگاھ ڪري ڇڏيو ته امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر هر زماني جي هر انسان تي فرض آهي ڇو جو امام(ع)  ج پاڻ به ان جي باري ۾ مختلف مقامات تي ارشاد فرمايا آهن ته:

الف: مان حسين پنهنجي شهر کان پري نه آرام حاصل ڪرڻ جي لاءِ نڪتو آهيان.

ب: مان حسين پنهنجي شهر کان پري نه پنهنجي ذميدارين کان پري ٿيڻ جي لاءِ نڪتو آهيان.

ج: منهنجو اردو نه ڪنهن تي ظلم ڪرڻ آهي بلڪ مان هن امت کي ذلت ۽ رسوائي کان نجات ڏيڻ جي لاءِ نڪتو آهيان، الله سائين جي مشيعت مطابق ان جي امور جي اصلاح ڪرڻ جي لاءِ نڪتو آهيان

د: زوردار ماڻهن کي قانون تي عمل ڏيڻ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ نڪتو آهيان.

ھ:  طاقتور ماڻهن کي ظلم ۽ ستم کان روڪڻ جي لاءِ ۽ مظلوم ماڻهن جي حقن تي ناجائز قبضي کان روڪڻ جي لاءِ نڪتو آهيان،

۽ امام جن پاڻ هن ريت مناجات فرمائيندا هئا: (اللهمّ انّي الامر بالمعروف وانکر عن المنکر)

خدايا! مان قانون تي عمل ڪرڻ واري کي پسند ڪندو آهيان ۽ قانون کي ٽوڙڻ واري کان بيزار آهيان ۽ پوري وجود سان قانون ٽوڙڻ واري کي خبردار ڪندو آهيان.

پيشوا آزادي جي روشن منطق ۾ غور ڪرڻ سان اسان کي اها شيءِ به معلوم ٿئي ٿي ته عاشور جي عدالت جي تحريڪ ۾امام(ع) جا سڀ کان وڌيڪ ٻ اهم مقصد هئا:

1: امربالمعروف ۽نهي عن المنڪر جتي عمل ڪرڻ.

2: قانون پسند انسان جي دعوت ۽ قانون ٽوڙڻ وارن کي خبردار ڪرڻ.

آخر ۾ خدا کان اها دعا آهي ته الله سائين اسان سڀني کي حقيقي معنى ۾ عزادار بڻائي ۽ امام(ع) جو غم عطا فرمائي ۽ امام(ع) جي مقصد تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمين.    

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي