جمع, 23 آگسٽ 2019 - Fri 08 23 2019

منو

قرآن ۽ سنت ۾لفظ چاليهه (اربعين) جي اهميت

دنيا ۾ جيڪو به واقعو پيش ايندو آهي ان جي بقاءَ ۽ زندھه رهڻ جو سبب هي هوندو آهي جو ڪنهن خاص وقت يا ڪنهن خاص شخصيت سان انهن جو تعلق هوندو آهي، انهن شخصيتن جو زندھه هجڻ انهي ڪري آهي جو انهن اهڙو ڪم انجام ڏنو هوندو آهي جنهن جو اثر انسان جي زندگي ۾ هوندو آهي. حديثن ۾ امام حسين(ع)  جو نبي پاڪ (ص) ڪافي تعارف ڪرايو آهي جنهن لاءِ هڪ حديث آهي ته”ان الحسين ع مصباح الهدي وسفينة النجاة“  امام حسين (ع) هدايت جو ڏيئو ۽ نجات جو ٻيڙو آهي.

ڪجھه حقيقتن مان هڪ حقيقت چاليهن جو انگ  آهي جنهن کي قرآن ۽ حديثن ۾ ڪافي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان تي ڪافي زور ڏنو ويو آهي جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته ضرور ان ۾ ڪا خاص ڳالھه آهي.

اسان پنهنجي هن مختصر لکڻي ۾ چاليهه عدد متعلق ڪجھه ڳالهين کي پيش ڪنداسين. ان کان پوءِ آخر ۾ امام حسين (ع) جي چهلم متعلق به ڪجھه بيان ڪنداسين.

چهلم قرآن جي روشني ۾

قرآن ۾ چاليهن جو لفظ چار مرتبا استعمال ٿيو آهي:

1.سورت بقره آيت 51 ” وَإِذْ وَاعَدْنَا مُوسَى اربعين  لَيْلَةً“

 ۽ (ياد ڪريو ته) جڏھن موسىٰ کي چاليھن راتين جو انجام ڏنوسون.

2.سورت مائده آيت 26 ” قَالَ فَإِنَّهَا مُحَرَّمَةٌ عَلَيْهِمْ اربعين سَنَةً يَتِيهُونَ فِي الأَرْضِ“

چيو ته اُھا (پاڪ زمين) چاليھه ورھيه مٿن حرام ڪئي ويئي آھي، زمين (يعني بر) ۾ حيران پريشان رھندا،

3. سورت اعراف آيت 142 ” وَوَاعَدْنَا مُوسَى ثَلاَثِينَ لَيْلَةً وَأَتْمَمْنَاهَا بِعَشْرٍ فَتَمَّ مِيقَاتُ رَبِّهِ اربعين لَيْلَةً“

۽ مُوسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ انھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو،

4.سورت احقاف آيت نمبر 15 ” وَوَصَّيْنَا الْإِنسَانَ بِوَالِدَيْهِ إِحْسَانًا حَمَلَتْهُ أُمُّهُ كُرْهًا وَوَضَعَتْهُ كُرْهًا وَحَمْلُهُ وَفِصَالُهُ ثَلَاثُونَ شَهْرًا حَتَّى إِذَا بَلَغَ أَشُدَّهُ وَبَلَغَ اربعين سَنَةً قَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِي أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ الَّتِي أَنْعَمْتَ عَلَيَّ وَعَلَى وَالِدَيَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَالِحًا تَرْضَاهُ وَأَصْلِحْ لِي فِي ذُرِّيَّتِي إِنِّي تُبْتُ إِلَيْكَ وَإِنِّي مِنَ الْمُسْلِمِينَ“

۽ ماڻھوءَ کي پنھنجي ماءُ پيءُ سان چڱائي ڪرڻ جو حُڪم ڪيوسون، (جو) اوکائيءَ سان سندس ماءُ کيس (پيٽ ۾) کنيو آھي ۽ اوکائيءَ سان کيس ڄڻيو آھي، ۽ اُن جو (پيٽ ۾) کڻڻ ۽ اُن جو (کير کان) ڇڏائڻ ٽيھه مھينا آھي، تان جو جڏھن پنھنجيءَ جواني کي پُھتو ۽ چاليھن ورھن کي پھتو (تڏھن) چوندو آھي ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي انھيءَ نعمت جو شڪر ڪريان جيڪا مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي انعام ڪئي اٿيئي ۽ ته (اھڙا) چڱا ڪم ڪريان جن کان راضي رھين ۽ منھنجي اولاد مون لاءِ سُڌار، بيشڪ آءٌ توڏانھن موٽيس ۽ بيشڪ آءٌ مسلمانن منجھان آھيان.

قرآن ۾ ڪافي دفعا اربعين جو لفظ اچڻ مان معلوم ٿئي ٿو ته ان لفظ جي خاص اهميت ضرور آهي ۽ خدا انهن لفظ ۾ خاص راز رکيو آهي.

ان اهميت کي حديثن ۾ پڻ بيان ڪيو ويو آهي جنهن مان ڪجھه کي هتي ذڪر ڪيون ٿا:

1.نبي پاڪ (ص)چاليھه سالن ۾ ظاهري حوالي سان رسالت جي درجي تي فائز ٿيا.

2.خدا سان حضرت موسي (ع)جي  ملاقات چالهين ڏينهن ۾ ٿي جنهن جو ذڪر سورت بقره جي آيت نمبر 51  ۽ سورت اعراف جي آيت 142 ۾ آهي.

3.اهڙي ريت موسي (ع) جي قوم جڏهن بيابان ۾ رستو گم ڪري ڦرندي رهي ته خدا انهن کي چهلم ۾ نجات ڏني جنهن جو ذڪر سورت مائده آيت 26 ۾ آهي.

4.حضرت نوح (ع) جي زماني ۾ مينهن چاليھه ڏهاڙن تائين وسندو رهيو.

5.حديثن ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو انسان چاليھه ڏهاڙن تائين خالص نيت سان ڪم خدا لاءِ انجام ڏيندو رهي ته خدا ان جي دل ۽ زبان مان حمڪت جا چشما جاري ڪندو. (1)

6. حديثن ۾ آهي ته جيڪڏهن سورت فاتحه کي چاليھه دفعا بيمار تي پڙهي ڪري پاڻي تي دم ڪري پيارجي ته ان کي شفاءَ ملي ويندي.

7.اهڙي ريت حديث ۾ آهي ته جيڪڏهن چاليھه  مومن گڏجي ڪري جنازي ۾ ڪنهن جي نيڪ هجڻ جي گواهي ڏين ته ان شخص جي گناهن کي بخشي ڇڏيندو. (2)

8.اهڙي ريت حڪم آهي ته تهجد نماز ۾ چاليھه مومنن جا نالا ورتا وڃن.

9. انهي ريت آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو حرام جو هڪ لقمو کائي ٿو يا شراب پيئي ٿو ته چاليھه ڏهاڙن تائين ان جي دعا قبول نه آهي. (3)

نتيجو: انهن آيتن ۽ حديثن کي ڏسندي اهو معلوم ٿئي ٿو ته چهلم جي انگ ۾ خدا خاص ڳالھه رکي آهي.

اهڙي طرح حديثن ۾ آيل آهي ته جيڪڏهن ڪنهن زمين تي خدا جي نبي يا ولي يا مومن عباد ت ڪئي هجي ته ان جي مري وڃڻ کان پوءِ اها زمين ان لاءِ چاليھه ڏهاڙن تائين روئيندي رهي ٿي.

حضرت امام جعفر صادق (ع)  زراره کي فرمايو: آسمان چاليھه ڏهاڙن تائين امام حسين (ع)لاءِ خون رُنو ۽ زمين ۾ چاليھه ڏهاڙن تائين اڌيرو ٿي ويو.چاليھه ڏينهن سج گِرهڻ ٿي ويو.جبلن،دريائن ۾ ملائڪ چاليھه ڏهاڙا روئيندا رهيا. (4)

چهلم امام حسين (ع)

شيعه علماءَ ۾ مشهور آهي جهڙي ريت علامه مجلسي ڪتاب زاد المعاد ۾ به فرمايو آهي ته سن ايڪهٺ هجري صفر مهيني ويهين تاريخ جي پهرين چهلم تي امام حسين  (ع)جو سرمبارڪ کڻي ڪري امام سجاد (ع) سندس اهل بيت (ع) سان شام کان ڪربلا پهتا...

مرحوم شيخ بهائي فرمائي ٿو: چهلم جي زيارت جو سبب، امام حسين (ع) جي اهل بيت(ع)  جو شام کان ڪربلا شهيدن جي سرن سان گڏ اچڻ آهي.

شيخ طوسي مصباح المتهجد ص 788 ۾ فرمايو آهي: ويهين صفر (چهلم) تي اسير ٿيل اهلبيت(ع) ڪربلا واپس موٽي آيا.

نتيجو:

انهن سڀني ڳالهين کي ڏسي ڪري معلوم ٿئي ٿو ته چاليهن جي انگ ۾ خدا ڪونه ڪو راز ضرور رکيو آهي ڀلي کڻي ان راز کي عام انسان جي لاءِ واضح نه ڪيو ويو هجي پر ان جي اثرن کان جيئن ذڪر به ٿي آيو خدا يا نبي پاڪ (ص) آئمه (ع)اسان کي ٻڌايو آهي. چهلم جو هڪ قسم امام حسين جو چهلم يعني چهلم آهي جنهن جي باري ۾ اسان جي امامن معصومن(ع) ڪافي تاڪيد ڪئي آهي ته چهلم جي زيارت ڪيو بلڪه اها ڪوشش ڪيو ته توهان ان ڏينهن ڪربلا ۾ حاضر ٿيو.

حوالا

  1. عيون اخبار الرضا، ص228
  2. سفينة البحار، ج1، ص504و505
  3. بحارالانوار، ج8، ص244
  4. ڪامل الزيارات، باب26 حديث ششم، ص258.

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي