Friday, 21 September 2018 - Thu 09 20 2018

منو

حضرت زهرا سلام عليهاجو ن خاصيتون امام خميني جي بيان ۾

حضرت امام خميني (رح) سندن جواني جي ڏينهن ۾ سچي سائڻ سان هڪ خاص چاهت رکندا هئا ۽ ايام فاطميه ۾ ٽي ڏينهن مسلسل  سچي سائڻ (سلام الله عليها) لاءِ عزاداري برپا ڪندا هئا ۽ جڏهن به سيدالشهداء يا سچي سائڻ جو نالو ايندو هو مڙني کان وڌيڪ گريوڪندا هئا.

پاڻ سائڻ فاطمه زهرا(سلام الله عليها) جي ولادت جي ڏهاڙي تي به اهو فرمايائون ته هي اهو ڏينهن آهي جنهن ۾ انساني فضيلتن جو بنياد رکيو ويو ۽ هي ڏينهن دنيا ۾ خليفة الله جي لاءِ اعلى اقدار جو حامل آهي. اهو برڪتن ڀريو ۽ سڀني ڏينهن کان تمام ڀلارو ڏينهن ويهين جمادي الثاني جو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن ۾هڪ اهڙي عورت جي ولادت آهي، جيڪا تاريخي معجزن ۽ دنيا جي افتخارن منجھان هڪ آهي

14 اپريل1982

مقام ۽ منزلت

تفسير برهان ۾ هڪ ڊگهي حديث ڪتاب ڪافي کان نقل ٿيل آهي هن حديث ۾ آهي ته هڪ نصراني امام موسى ڪاظم(عليه السلام) کي چيو ته: حم، وَالكتابِ المُبينِ اِنّا اَنْزَلْناهُ فِي لَيْلَهٍ مُبارَكَهٍ اِنّا كُنّا مُنْذِرينَ فيهايُفرَقُ كُلُّ اَمْرٍ حَكيم(1) هن آيت جي باطني تفسير ڇا آهي؟ ته امام فرمايو ”حم“ مان مراد حضرت محمد(صلى الله عليه وآله وسلم) آهي ۽ ”ڪتاب مبين“ مان مراد اميرالمؤمنين حضرت علي(عليه السلام) آهي. ۽ ”الليله“ مان مراد حضرت فاطمه زهرا(سلام الله عليها) آهن.

* * *

تعقيبات شريفه مان هڪڙي تعقيبات تسبيحات صديقه طاهره(سلام الله عليها) آهي جيڪا رسول پاڪ(صلى الله عليه وآله وسلم)، فاطمه زهرا(سلام الله عليها) جن کي سيکاري آهي. حديث ۾ آيل آهي ته جيڪڏهن هن کان وڌيڪ ڪا شيء فضيلت واري هجي ها ته پاڻ سڳورا(صلى الله عليه وآله وسلم) انهيءَ کي حضرت فاطمه(سلام الله عليها) کي عطا ڪري ها.

* * *

حضرت جبرئيل (عليه السلام)پاڻ سڳورن(صلى الله عليه وآله وسلم) جي وفات کان پوءِ حضرت فاطمه زهرا (سلام الله عليها)وٽ ايندو هو ۽ غيب جي خبرن کي کڻي ايندو هو ۽ اميرالمومنين انهن کي لکندو هو ان کي ”مصحف فاطمه“ چيو ويندو آهي.

* * *

رسول اڪرم(صلى الله عليه وآله وسلم) ۽ ائمه عليهم السلام جون اهڙيون روايتون موجود آهن جن ۾ ذڪر ٿيو آهي ته هن عالم کان اڳ ڪجھ نور هئا جيڪي  عرش الاهي جي ڇانوَ هيٺ هئا(2).

جئين  معراج جي روايتن ۾ آهي ته جبرائيل عرض ڪيو ته: لو دنوتُ انمله لاحترقت (3) جيڪڏهن مان ٿورو به اڳتي وڃان ها ته سڙي وڃان هان.  يا هي ته: ان لنا مع اللّه حالات لايسعه ملك مقرّب و لانبي مرسل.(4) اسان جا خدا سان ڪجهه اهڙا لاڳاپا آهن جن جا اختيار نه الله جي مقرب فرشتن وٽ آهن نه وري نبين ۽ رسولن وٽ. اهو اسان جي مذهب جو حصو آهي ته ائمه اطهار عليهم السلام وٽ ڪجهه اهڙا مقام آهن. روايتن جي مطابق اهي سڀ مقام ۽ مرتبا حضرت زهرا(سلام الله عليها) جي لاٰءِ پڻ آهن(5) جڏهن ته سائڻ نه حاڪم آهي نه قاضي نه ئي خليفو. اهي مقامات حڪومت جي برابر جا آهن. جڏهن ته اسان چوندا آهيون ته حضرت زهرا (سلام الله عليها)حاڪم ناهن ۽ نه قاضي نه وري خليفو، ان جو اهو مقصد ڪونهي ته سائڻ اسان ۽ توهان جهڙي آهي يا اسان کان معنوي اعتبار کان برتر ناهي.

* * *

جيڪي به پهلو هڪ عورت لاءِ تصور ڪري سگهجن ۽ جيڪي به پهلو هڪ انسان لاءِ تصور ڪري سگهجن اهي سڀ جا سڀ پهلو حضرت فاطمه زهرا(سلام الله عليها) ۾ جلوه گر هئا. سائڻ زهرا (سلام الله عليها) هڪ معمولي عورت نه هئي هو هڪ روحاني عورت، هڪ ملڪوتي عورت هڪ انسان جنهن ۾ انسانيت جي پوري معني هجي، عورت جي پوري حقيقت، جيڪا هن دنيا ۾ انساني صورت ۾ ظاهر ٿي آهي. بلڪه موجود الاهي،  ۽ جبروتي موجود آهي، جيڪا هڪ عورت جي روپ ۾ ظاهر ٿي آهي.  بس سڀاڻي عورتن جو ڏهاڙو آهي سڀئي ڪمال جون نشانيون آهن جيڪي هڪ انسان ۾ تصور ڪيون وينديون آهن اهي نشانيون جيڪي هڪ عورت ۾ پاتيون وينديون آهن. سڀاڻي هڪ اهڙي عورت پيدا ٿيندي، جنهن ۾ سڀني نبين جون خاصيتون موجود آهن هڪ اهڙي عورت جيڪڏهن مرد هجي ها ته نبي هجي ها. هڪ اهڙي عورت جيڪڏهن مرد هجي ها ته رسول الله جي جڳهه تي هجي ها.

سڀاڻي عورتن جو ڏينهن آهي، عورت جي سڄي حيثيت ۽ شخصيت سڀاڻ جي عورت ۾ موجود هوندي. معنويات، ملڪوتي جلوا ، الاهي جلوا، جبروتي جلوا، ملڪي ۽ ناسوتي جلوا اهي سڀ هن وجود ۾ شامل آهن. هڪ انسان آهي جنهن ۾ انسانيت جي سڄي معنا، اهڙي عورت آهي جنهن ۾ عورت جي سڄي معني موجود آهي. هڪ عورت جا مختلف پهلو هوندا آهن. جهڙي ريت مرد ۽ انسان جا پهلو هوندا آهن.

هي مادي وجود مرتبي لحاظ کان گھٽ آهي پر ان جي باوجود ان جي حرڪت ڪمال ڏانهن آهي. انسان هڪ موجود متحرڪ آهي، طبيعت جي مرتبي کان غيب جي مرتبي تائين، ويندين الوهيت ۾ فنا تائين. صديقه طاهره لاءِ اهي سڀ ڳالهيون هن ريت آهن. طبيعت کان حرڪت ڪرڻ شروع ڪيو اٿس، اها حرڪت معنوي، قدرت الهي ۽ غيبي قوت سان ۽ رسول(صلى الله عليه وآله وسلم) جي تربيت سان مرحلن کي طئي ڪندي ان مرتبي تي وڃي پهتي جنهن مرتبي تي اڄ تائين ڪير به نه پهتو آهي. بس سڀاڻي عورت جا تمام جلوا پيدا ڪندڙ عورت جي ولادت آهي. جنهن ۾ عورت جي سڄي معني سمايل آهي سڀاڻي عورتن جو ڏهاڙو آهي.

16 مارچ 1979

فاطمه زهرا(سلام الله عليها) هڪ اهڙي عورت جيڪا خاندان وحي جي لاءِ باعث افتخارآهي ۽ اها عورت جنهن جو اسلام ۾ مقام ۽ مرتبو سج وانگر چمڪندڙ ۽ روشن آهي هڪ اهڙي عورت جنهن جا فضائل پاڻ سڳورن(صلى الله عليه وآله وسلم) ۽ ائمه عليهم السلام جي فضائلن جيترا ئي هئا، هڪ اهڙي عورت آهي، جنهن لاءِ هر ڪنهن پنهنجي علم ۽ نظر مطابق ڳالهايو آ هي، ۽ سندس سهڻي لفظن ۾ تعريف ڪئي آهي، جيڪي حديثون هن بابت اسان وٽ پهتيون آهن اهي مخاطب جي سمجهه مطابق هيون، نه ته سمنڊ کي ڪوزي ۾ بند ته نٿو ڪري سگهجي ٻين جن به سائڻ جي بابت ڳالهايو آهي مخاطب جي سمجهه مطابق ڳالهايو آهي جيتوڻيڪ هن جو مقام ۽ مرتبو ان کان وڌيڪ هو جيڪو واقعاً عجيب ۽ غريب آهي.

5 مئي1980

مان حضرت صديقه(سلام الله عليها) جي بابت ڳالهائڻ کان پاڻ کي قاصر ٿو سمجهان فقط هڪ روايت تي اڪتفاء ڪريان ٿو جيڪا ڪتاب ڪافي ۾ آيل آهي (6) اها روايت معتبر سند پڻ رکي ٿي روايت ڪجهه هن ريت آهي: امام صادق(عليه السلام) جن فرمائين ٿا ته: فاطمه(سلام الله عليها) پنهنجي پيءَ کانپوءِ 75 ڏينهن  هن دنيا ۾ زنده رهيون، سائڻ جا اهي ڏهاڙا غم ۽ ڏک سان گذريا، حضرت جبرئيل امين هن جي خدمت ۾ ايندا هئا ۽ هن کي تعزيت پيش ڪندا هئا، ۽ مستقبل جي خبرن کان آگاهه ڪندا هئا. ظاهري طور تي هن روايت ۾ اهو سمجهايو ويو آهي ته انهن 75 ڏينهن ۾ حضرت جبرئيل امين جو سائڻ سان ڪيترو ارتباط هو يعني حضرت جبرئيل(عليه السلام) جي انهن ڏينهن ۾ تمام گهڻي آمد و رفت هئي.

منهنجي خيال ۾ انبياء ڪرام کانسواءِ ڪنهن سان به حضرت جبرائيل امين جو اهڙو ارتباط نٿو ملي جنهن جو عرصو 75 ڏينهن هجي. ۽ جيڪي واقعا اڃان پيش نه آيا هجن انهن کي ذڪر ڪيو هجي، جيتري قدر اسان کي سندن نسل مان ملي ٿو ته حضرت امير جهڙي ريت پاڻ سڳورن(صلى الله عليه وآله وسلم) جن جا ڪاتب وحي هئا ائين ئي حضرت امير، سائڻ(سلام الله عليها) جا به ڪاتب وحي رهيا. پر هُن وحي ۾ احڪام آندا ويندا هئا اهڙي وحي پاڻ صلعم جي وڃڻ سان ئي ختم ٿي ويئي هئي.

جبرئيل امين(عليه السلام) جو اچڻ اها ڪا عام ڳالهه ڪونهي، اهو خيال نه ڪيو وڃي ته جبرئيل هر ڪنهن ڏي اچي سگهي ٿو. هي هڪ تناسب لازم (گهاٽو لاڳاپو)  آهي ٻن شين جي درميان، هڪ روح جيڪو چاهي ٿو ته جبرئيل ان وٽ اچي. ۽ ٻيو حضرت جبرئيل جو روح جڏهن ته حضرت جبرئيل جيڪو روح اعظم آهي، چاهي ان قضيه کي قبول ڪريون يا نه ڪريون ته روح اعظم جو واسطو خود ولي سان آهي يا نبي جي ڪري آهي اهو نبي ان کي تنزيل ٿو ڏيئي هڪ گهٽ مرتبي سان يا ائين نه چئون، بلڪه اهو چئون ته الله تعالي ان کي مامور ڪندو آهي ته اهي مسائل وڃي ٻڌاء. چاهي اهڙو قسم چئونس جيڪو ڪجهه صاحب نظر قبول ڪندا آهن يا وري ٻيو قسم جيڪو اهل ظاهر چوندا آهن، انهن ٻنهي قسمن ۾ جيڪڏهن اهو تصور ڪيو وڃي ته انهن ٻنهن روحن جي درميان ۾، هڪ روح جنهن وٽ جبرئيل اچي ٿو ٻيو روح اعظم حضرت جبرئيل انهن ٻنهن جو پاڻ ۾ ڪوبه تناسب ۽ لاڳاپو ڪونهي ان ڳالهه جو ڪوبه امڪان ڪونهي، اهو لاڳاپو نبين ۽ رسولن سان پهرين درجي جو رهيو آهي مثال طور: حضرت رسول خدا (صلى الله عليه وآله وسلم)، حضرت موسي، حضرت عيسي ۽ ابراهيم عليه السلام ۽ انهن جهڙا ٻيا انبياء، اهڙو لاڳاپو انهن نبين کانسواءِ ڪنهن ٻئي سان ناهي رهيو نه انهن کان پهرين ۽ نه ئي انهن کانپوءِ. ايتري تائين جو ائمه معصومين(عليهم السلام) سان به اهڙو تناسب ڪونه ٿو پاتو وڃي، ته حضرت جبرئيل انهن تي نازل ٿيو هجي اهو فقط حضرت زهراء(سلام الله عليها) لاءِ وارد ٿيو آهي جيڪو مون ڏٺو آهي ته سائڻ وٽ حضرت جبرئيل بار بار انهن 75 ڏينهن ۾ نازل پئي ٿيو، جيڪي واقعا ان جي نسل سان ٿيڻ وارا هئا ان جو ذڪر پئي ڪيو، ۽ حضرت امير(عليه السلام) انهن کي محفوظ پئي ڪيو.

انهن ڳالهين مان هڪ ڳالهه شايد اها به هئي ته اوهان جي نسل مان هڪ اهڙو شخص هوندو جنهن جو عهدو ۽ منصب تمام وڏو هوندو اهو حضرت صاحب عليه السلام ئي هوندو، شايد ممڪن هجي اها ڳالهه به ڪئي هجي ته ايران جا مسئلا پڻ ان ڳالهه جو هڪ حصو هوندا. پر اسان کي ڪا خبر ڪونهي.

هر صورت ۾ مون جيڪي حضرت زهراء سلام عليها جي فضيلت ۽ شرافت ذڪر ڪئي آهي ان فضيلت کي مان مڙني فضيلتن کان بالاتر ٿو سمجهان جيڪا نبين کانسواءِ، نبي به اهي جيڪي پهرين درجي جا نبي سڳورا يا ڪجهه اولياء جنهن جو رتبو ٻئي ڪنهن کي به حاصل ناهي ٿيو.

انهي تعبير سان ته گهاٽو لاڳاپو جيڪو حضرت جبرئيل سان رهيو اهڙو لاڳاپو  جيڪو ستر ڏينهن کان به وڌيڪ هجي اهو ارتباط ٻئي ڪنهن جي لاءِ به واقع ناهي ٿيو، هي هڪ اهڙو فضايل آهي جيڪو حضرت زهرا(سلام الله عليها) سان  ئي مخصوص آهي.

2 مارچ 1986

زهد ۽ سادگي

حضرت امير(عليه السلام) پاڻ مسلمانن جا خليفا هئا، هڪ اهڙي مملڪت جو خليفو جيڪا ايران جي مملڪت جي مقابلي ۾ ڏهه ڀيرا وڏي هئي حجاز کان ويندين مصر، آفريقا تائين ...، ڪجهه يورپ جا حصا پڻ انهي مملڪت ۾ شامل هئا اهو الاهي خليفو جڏهن ماڻهن جي درميان ويهندو هو جئين اسان ويٺا  آهيون (7) هيٺيان ڪا شيء به نه هئي. فقط هڪ جانور جي کل ئي هوندي هئي، نقل ٿيل آهي ته هڪ کل هوندي هئي جنهن تي رات جو پاڻ ۽ حضرت زهرا(سلام الله عليها) سمهندا هئا، ۽ ڏينهن جو انهي کل تي پنهنجي اٺ کي کاڌو وغيره رکي کارائيندا هئا. ۽ پاڻ سڳورن(صلى الله عليه وآله وسلم) پڻ ائين ئي زندگي گذاري اهو ئي اسلام آهي

4 جولاءِ 1979

اهو فاطمه(سلام الله عليها)  جو ننڍڙو گهر هو، جنهن گهراڻي ۾ جن تربيت حاصل ڪئي، جيڪي تعداد جي اعتبار سان ته چار پنج ڄڻا هئا پر انهن واقع جي حساب سان الاهي قدرت کي سهڻي نموني سان روشن ڪيو اهڙي ته خدمت ڪيائون جيڪا اسان ۽ توهان جي لاءِ ۽ سڀني ماڻهن لاءِ عجيب ۽ غريب آهي.

9 مارچ 1982

هڪ اهڙي عورت، جنهن هڪ ننڍڙي ڪمري ۽ حقير گهر ۾ اهڙن انسانن جي تربيت ڪئي جن جو نور زمين کان اڀري ڪري افلاڪ ۽ عالم ملڪوتي کان ملڪوت اعلي تائين چمڪي رهيو آهي. الله تعالي جي صلوات ۽ سلام هجي ان ننڍڙي ڪمري تي جيڪو عظمت الاهي جي جاءِ آهي ۽ جيڪا اولاد آدم جي پرورشگاه آهي.

14 اپريل 1982

صدر اسلام ۾ هڪ چئن پنجن ماڻهن جي جهوپڙي هئي اها جهوپڙي فاطمه زهرا(سلام الله عليها) جي هئي، جيڪا هنن جهوپڙين کان پڻ ننڍڙي هئي (8)پر ان جون برڪتون ڪهڙيون آهن؟ هن ڪجهه ماڻهن واري جهوپڙي جون برڪتون ايتريون آهن جو سڄي عالم کي نورانيت سان ڀري ڇڏيو آهي انهي برڪتن کي پهچڻ لاءِ، تمام گهڻا ئي رستا موجود آهن. هن جهوپڙي جا رهاڪو، ننڍڙي جهوپڙي هوندي به انهن جي معنويات جي سرحد ايتري قدر مٿي هئي جو دست ملڪوتي به ان کي نٿو پهچي تربيت جي سرحد به ايتري قدر هئي جو انسان ڏسي ٿو ته انهن جي برڪتن جي ڪري ئي مسلمانن جا شهر آهن ۽ خاص طور اسان جا شهر جيڪي انهن جي برڪتن جي ڪري ئي آهن.

21 مارچ 1983

عورتن لاءِ نموني عمل

اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان هن خاندان کي پنهنجي لاءِ نمونو بڻايون، اسان جون عورتون انهن جي عورتن کي آئيڊيل ۽ اسان جا مرد انهن جي مردن کي پنهنجي لاءِ نمونو بڻائين بلڪه سڀئي سڀن کي پنهنجي لاءِ نموني عمل قرار ڏين، انهن پنهنجي زندگي کي مظلومن جي حمايت ۽ سنت الاهيءَ کي قائم ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏي. اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان به انهن جي پيروي ڪريون ۽ پنهنجي زندگي کي انهن لاءِ قرار ڏيون. جيڪو اسلام جي تاريخ کان واقف آهي اهو ڄاڻي ٿو ته هن خاندان جو هر فرد هڪ ڪامل انسان بلڪه انسان ڪامل کان به بالاتر، هڪ الاهي انسان آهي. هنن پنهنجي ملت ۽ مظلومن لاءِ قيام ڪيو ۽ هنن جي مقابلي ۾ اهي هئا جن مظلومن کي نابود پئي ڪيو.

11 اپريل 1979

حضرت زهرا(سلام الله عليها) جو مثال آهي، پاڻ سڳورن(صلى الله عليه وآله وسلم)  جن جو نمونو آهي اسان جو ملڪ جيتوڻيڪ اسلامي ملڪ آهي ۽ جڏهن اسان اها دعوا ڪريون ٿا ته اسان وٽ اسلامي جمهوريه آهي، ته تمام معنى ۾ اسلام آهي ته اهو حقيقت ۾ پڻ ائين ٿيڻ گهرجي.

29 مئي 1979

فاطمه زهرا(سلام الله عليها)جو خطبو، حڪومت جي خلاف اميرالمومنين(عليه السلام) جي قيام ۽ اميرالمومنين جو ويهين سالن کان مٿي جو صبر ۽ اهڙي ريت موجوده حڪومت ۾ مدد ڪرڻ ان کانپوءِ  راهه اسلام تي فدا ٿيڻ، ان جي ٻن پٽن پڻ اسلام جي راهه ۾ ڪيتريون خدمتون انجام ڏنيون، امام حسن مجتبي عليه السلام جنهن هڪ تمام وڏي خدمت کي انجام ڏنو ۽ جابر اموي جي حڪومت کي رسوا ڪيو ۽ سندس ڀاءَ حضرت سيدالشهداء جي تمام وڏي خدمت، جنهن جي خدمتن کان اوهان سڀ چڱي طرح واقف آهيؤ، اسان ڄاڻون ٿا ته جنگ جا تمام ٿورڙا وسايل ۽ اوزار به تمام گهٽ هئا پر انهن جو ارواح الاهي ۽ سندن ايمان ئي هو جيڪو ان وقت جي سڀني ستمڪارن تي غلبو ڪري ويو، ۽ اسلام کي زنده ڪري ڇڏيائين اسان ۽ توهان جي لاءِ هڪ نمونو ٿي ويو.

جئين ته جنگ جي تمام گهٽ اوزارن جي باوجود به هن وقت جي تمام قدرت جي مقابلي ۾ جنگ لاءِ اٿون ۽ مقاومت ڪريون.

9 مارچ 1982

ڪوشش ڪريو ته اخلاقي تهذيب سان پنهنجي دوستن کي تهذيب اخلاق ڏانهن وٺي وڃو. اها ڪوشش ڪريو جو جيڪو توهان تي ڏاڍ ڪري توهان ان جي ابتڙ ڪري ڏيکاريو، هڪ عظيم عورت وانگر جهڙي طرح بي نظير عورت حضرت فاطمه زهراء سلام الله عليها هئي، اسان جي لاءِ ضروري آهي ته اسان اهڙي عورت جي اقتدا ڪريون اسان پنهنجا سڀ حڪم هن عورت کان يا هن جي اولاد کان وٺون جهڙي ريت اهي هئا اسان به ائين ئي رهون. ڪوشش ڪريون علم ۽ تقوا کي به انهن کان حاصل ڪريون، علم جيڪو ڪنهن جي لاءِ منحصر ڪونهي علم سڀن لاءِ آهي تقوا ۽ علم جي لاءِ سڀئي ڳولها ڪريون اهو توهان سڀني جو وظيفو آهي.

12 مارچ 1985

حوالا

(1) (سورت دخان/آيت ۱۴) تفسير برهان، جلد ۴، صفحو ۱۵۸.

(2) بحارالانوار، جلد ۵، صفحو ۱۰۱ ۱۰۳.

(3) بحارالانوار، جلد ۱۸، صفحو ۳۸۲.

(4) بصائر الدرجات، صفحو ۲۳، باب ۱۱.

(5) بحارالانوار، جلد ۴۳، صفحو ۱۲ کانپوءِ

(6) اصول ڪافي، جلد ۲، صفحو ۳۵۵.

(7) امام جو اشارو پنهنجي زير انداز ڏانهن هو جيڪو سندن ساده رهائش قم ۾ موجود آهي.

(8) امام جو اشارو پنهنجي ننڍڙي رهائش جيڪا محله جماران، تهران ۾ واقع آهي

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي