اڱارو, 26 مارچ 2019 - Tue 03 26 2019

منو

حضرت زهرا جي زندگي جون ڪجهه خاصيتون رهبر معظم جي نگاهه ۾

جيڪڏهن انسان سائڻ زهرا سلام الله عليها جي باري ۾ لکڻ چاهي ته ڪيترائي ڪتاب لکي سگهي ٿو، پر اسان هن ننڍڙي لکڻي ۾ خلاصي طور تي سچي سائڻ جي زندگي جي انهن نڪتن ڏي اشارو ڪنداسين جن کي رهبر معظم حضرت آيت الله العظمى سيد علي خامنه اي دامت برڪاته پنهنجن مختلف تقريرن ۾ بيان ڪئي آهي. اهو به ذهن ۾ هجڻ گهرجي ته هن مقالي ۾ ڪجهه خاص نڪتن کي ئي بيان ڪيو ويندو؛ ڇو جو سائين جن هميشه سچي سائڻ سلام الله عليها جي باري ۾ ڪيترائي مطالب بيان ڪيا آهن جن کي هن مقالي ۾ سهيڙي نٿو سگهجي، اهي ڪجهه نڪتا هن ريت آهن.

مصحف فاطمي

آئون سچي سائڻ والا مقام جي معنوي، روحي ۽ خدائي رخن بابت نٿو ڳالهائي سگهان، مان انهن رخن کي حاصل ڪرڻ جي سگهه نٿو رکان، جيڪڏهن ڪير انهن رخن کي حاصل به ڪري جهڙيءَ ريت پاڻ حضرت جو حق آهي انهي طرح  بيان نٿو ڪري سگهجي. اهي معنوي رخ، هڪ دنيا ئي جدا آهي.

امام جعفر صادق عليه السلام کان حديث نقل ٿيل آهي ته پاڻ فرمايائون: ”انّ فاطمة كانت محدّثة“(1) پاڻ حضرت (محدّثه) هئي. يعني ملائڪ هن تي نازل ٿيندا هئا، هن سان مانوس ٿيندا هئا ۽ هن سان گفتگو ڪندا هئا. هي هڪ اهڙي خصوصيت آهي جنهن جي باري ۾ ڪيتريون ئي حديثون موجود آهن. (محدّثه) جو هجڻ رڳو شيعن وٽ مخصوص نه آهي. شيعه ۽ سني اهو عقيدو رکندا آهن ته اسلام جي دوران ڪي اهڙا به شخص هئا يا اهي اهڙا ٿي سگهيا پئي ته ملائڪن سان هم ڪلام ٿي سگهن ٿا. انهيءَ جو مصداق اسان جي حديثن ۾ حضرت زهرا سلام الله عليها آهي.

حضرت امام جعفر صادق عليه السلام کان هڪ حديث ۾ نقل ٿيو آهي ته: ملائڪه فاطمه زهرا سلام الله عليها  وٽ ايندا هئا ۽ هن سان گفتگو ڪندا هئا ۽ خدائي آيتون هن جي لاءِ پڙهندا هئا؛ اهي ئي ڳالهيون جيڪي حضرت مريم سلام الله عليها جي لاءِ قرآن ۾ آهن ته: ”إِنَّ اللَّهَ اصْطَفاكِ وَ طَهَّرَكِ وَ اصْطَفاكِ عَلى‏ نِساءِ الْعالَمِينَ“ انهن عبارتن سان ملائڪه سائڻ زهرا سلام الله عليها سان مخاطب ٿيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ”يَا فَاطِمَةُ، إِنَّ اللَّهَ اصْطَفاكِ وَ طَهَّرَكِ“ الله توکي چونڊيو آهي ۽ پاڪ رکيو آهي. ”وَ اصْطَفاكِ عَلى‏ نِساءِ الْعالَمِينَ“ توکي پوري جهان جي عورتن تي فضيلت بخشي آهي. ان کان پوءِ امام صادق عليه السلام انهيءَ روايت ۾ فرمايو آهي ته: هڪ رات ملائڪه سچي سائڻ سان گفتگو ۾ مشغول هئا ۽ انهن ساڳين اصطلاحن کي دهرايو پئي ته سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها انهن کي فرمايو: ” لَيْسَتِ الْمُفَضَّلَةُ عَلَى نِسَاءِ الْعَالَمِينَ مَرْيَمَ بِنْتَ عِمْرَانَ؟“ يعني اها عورت جنهن جي لاءِ الله تعالى فرمايو آهي ” وَ اصْطَفاكِ عَلى‏ نِساءِ الْعالَمِينَ“ ڇا اها عورت مريم نه آهي جنهن کي الله تعالى کي جهان جي عورتن تي فضيلت بخشي آهي؟) ملائڪن سائڻ زهرا سلام الله عليها جي جواب ۾ عرض ڪيائون ته: ”مريم پنهنجي زماني ۾ انهن عورتن جي درميان چونڊيل هئي پر توهان مڙني عورتن جي لحاظ سان سڀني زمانن ۾ _ اول کان وٺي آخري زماني تائين_ چونڊيل آهيو“(2) هي ڪيڏو نه بلند معنوي مرتبو آهي! جنهن کي معمولي انسان _اسان جهڙو_ ان عظمت ۽ مرتبي کي صحيح نموني سان ايستائين جو پنهنجي ذهن ۾ تصور به نٿو ڪري سگهي. يا اها حديث جيڪا مولا اميرالمؤمنين علي عليه السلام کان نقل ٿيل آهي ته سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها مولا کي چوي ٿي ته: ”ملائڪ اچن ٿا ۽ ڪجهه مطالب بيان ڪن ٿا.“ اميرالمؤمنين سلام الله عليها سائڻ کي چيو ته: جڏهن ملائڪن جي آواز ٻڌين ته مونکي ٻڌائجان جيڪو ڪجهه ٻڌين ٿي انهيءَ کي لکان“جيڪو ڪجهه ملائڪه سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي لاءِ بيان ڪندا هئا ته اميرالمؤمنين عليه السلام انهن مطلبن کي لکندو هو ۽ اهو هڪ ڪتاب ٿي ويو جيڪو اسان جي ائمه معصومينG وٽ هو ۽ آهي ۽ ان کي ”مصحف فاطمه“ يا ”صحيفه فاطمه“ سڏيو ويندو آهي.(3)

ڪيترن ئي حديثن ۾ آهي ته ائمه معصومينG پنهنجن مختلف مسئلن لاءِ ”مصحف فاطمه“ ڏي رجوع ڪندا هئا. ان کان پوءِ امام عليه السلام فرمايو آهي: ” نَّهُ لَيْسَ فِيهِ شَيْ‏ءٌ مِنَ الْحَلَالَ وَ الْحَرَامِ ‏“ ان ڪتاب ۾ حلال ۽ حرام جا احڪام نه آهن. پر ” فِيهِ عِلْمُ مَا يَكُون“ ان ڪتاب ۾ ايندڙ مڙني انساني واقعن جي باري آهي. هي ڪيتري نه برتر ڄاڻ آهي! هي ڪيتري نه بي نظير معرفت ۽ حڪمت آهي جيڪا الله تعالى هڪ عورت کي جواني جي عمر ۾ عطا ڪئي آهي! هي معنوي مسئلن سان مربوط آهي. (4)

فاطمي سيرت

هي اها ڌيءَ آهي جيڪا پيغمبر4 جي مڪي جي مشرڪن سان سختي وارن لڙاين جي دوران ۾ متولد ٿي ۽ شعب ابي طالب ۾ پيءُ جي مددگار ۽ غمخوار هئي. هيءَ اها ڌيءُ آهي جيڪا ست، اٺ سالن جي ڄمار هيس يا ٻه يا ٽن سالن جي عمر ۾ _ روايتن جي مختلف هجڻ جي گهٽ يا وڌ_ ان حالت ۾ هئي جو بيبي خديجه ۽ ابوطالب لاڏاڻو ڪري ويا هئا، ان ڏکوئيدڙ حالتن کي تحمل ڪيائين. پاڻ سڳورا4 اڪيلا ۽ غم ۾ به ڪير ڀائيوار نه هو، سڀ ڪو ان جي پناهه ۾ ايندو هو؛ پر ڪير آهي جيڪو پاڻ4 جي چهري منجهان غمن کي پاڪ ڪري؟ هڪ زماني ۾ ته خديجه هئي، جيڪا هينئر نه آهي. ابوطالب هو جيڪو هن وقت نه آهي. انهن ڏکوئيدڙ حالتن ۾ شعب ابي طالب جي ٽن سالن جي دوران جڏهن ته بکيون، اُڄون ۽ سرديون ، گرميون انهن زمانن منجهان آهي جيڪي پاڻ سڳورن4 لاءِ  ڏاڍا ڏکيا ڏينهن هئا ۽ پاڻ سڳورا4 انهن ڏينهن ۾ چند مسلمانن سان گڏ انهيءَ  شهر بدري جي حالت ۾ مجبوري واري زندگي گذاري رهيو هو؛ هيءُ ڌي هڪ نجات ڏيندڙ فرشتي وانگر پاڻ سڳورن4 لاءِ پنهنجي پيءُ جي لاءِ ماءُ ۽ بهترين خدمتگذار وانگر، انهن مشڪلن کي تحمل ڪيو. پيغمبر4 جي غمخوار بڻي ڪيترائي مرتبا اهو ڪم انجام ڏنو ۽ الله پاڪ جي عبادت ڪيائين، پنهنجي ايمان کي مضبوط بڻايائين، معرفت ۽ خدائي نور جو رستو پنهنجي دل لاءِ کولي ڇڏيائين. هي آهن اهي خصوصيتون جيڪي انسان کي ڪمال تائين پهچائين ٿيون. ان کان پوءِ هجرت کان بعد بالغ ٿيڻ جي شروعاتي ڄمار ۾ جڏهن فاطمه زهرا سلام الله عليها علي ابن ابي طالب عليه السلام سان شادي ڪري ٿي، ان حق مهر ۽ ڏاج سان جيڪو هن جو آهي؛ جيڪو شايد هرڪو ڄاڻي ٿو ۽ اسلام جي بانيءَ جي نياڻيءَ پنهنجي شادي ڪهڙي سادگيءَ ۾ ڪئي هئي.

بيبيءَ سلام الله عليها جو جوان شوهر جيڪو هميشه جنگين ۽ لڙائين جي ميدانن ۾ آهي؛ زندگي جي انهن سڀني مشڪلن جي هجڻ باوجود فاطمه زهرا سلام الله عليها مسلمانن ۽ ماڻهن جي رجوع  جو هڪ مرڪز جيان هئي. هي هڪ اهڙي ڌي آهي جيڪا پيغمبر جي ڪمن کي حل ڪرڻ واري آهي ۽ انهن حالتن جي دوران به پنهنجي زندگي کي سرافراز رکيو اٿس: اهڙن فرزندن جي تربيت ڪري ٿي جيڪي حسن، حسين ۽ زينبG هجن ۽ علي عليه السلام جهڙي شوهر جي نگهبان ٿئي ٿي ۽ پيغمبر4 جهڙي پيءَ جي رضايت کي حاصل ڪري ٿي! جڏهن ڪاميابيون حاصل ٿيون غنيمت جمع ٿي ته پيغمبر4 جي ڌيءَ، دنياوي تشريفات ۽ تجملات ۽ اهڙيون شيون جن کي جوان ڇوڪريون چاهينديون آهن، انهن کي ذره برابر به پنهنجي لاءِ نه چاهيندي هئي.

اميرالمؤمنين عليه السلام فاطمه زهرا سلام الله عليها لاءِ فرمايو آهي: ”ما اغضبني و لا خرج من امري“ (5) (فاطمه سلام الله عليها) گهريلو زندگي ۾ ڪڏهن به مونکي نه رنجايو ۽ ڪڏهن به منهنجي دستور کان منهن نه موڙيائين. فاطمه زهرا سلام الله عليها انهي عظمت ۽ جلالت هجڻ جي باوجود، گهر جي چارديواري ۾ هڪ اهڙي گهرواري ۽ عورت آهي؛ جنهن کي اسلام بيان ڪيو آهي.(6)

فاطمي عبادت

”حسن بصري“ جيڪو اسلامي دنيا ۾ هڪ معروف عابدن ۽ زاهدن، منجهان آهي، فاطمه زهرا سلام الله عليها جي باري ۾ چوي ٿو ته: پيغمبر4 جي نياڻي ايتري ته عبادت ڪئي ۽ محراب عبادت ۾ بيٺي جو ”تورمت قدماها“ ان عزتماب جي پير عبادت جي محراب ۾ بيهڻ سان ورم ڪري ويا! امام حسن عليه السلام فرمائن ٿا: هڪ رات جو _ جمعي جي رات_ منهنجي امڙ عبادت لاءِ بيٺي ۽ صبح تائين عبادت ۾ مشغول رهي

”حتي انفجرت عمود الصبح“ ايستائين جو فخر طلوع ٿي. منهنجي امڙ رات جي شروعات کان صبح تائين عبادت ۾ مشغول رهي ۽ دعا و التماس ڪيائين.(7) امام حسن عليه السلام جن فرمائن ٿا _روايت مطابق_ مون اهو ٻڌو ته مسلسل مؤمنن ۽ مؤمنات لاءِ دعا پئي ڪيائين؛ اسلام جي دنيوي عمومي مسائل لاءِ دعا پئي گهريائين. جيڏي مهل صبح ٿي ته چيم: ” يا اُمّاه!“ ”منهنجي امڙ“ جواب ۾ فرمايائين ” يا بنيّ،  الجّار ثم الدّار؛“ ”پهريان ٻيا اسان انهن کان پوءِ“ هي اهو (بلندترين روح) آهي.(8)

فاطمي مقام

سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي جيترو ڪجهه چئون ۽ حقيقت ۾ نٿا ڄاڻيون ته ڇا چئون ۽ هن جي باري ڇا سوچڻ گهرجي. ايترو ته هن انساني حور جو خالص وجود ، نبوت ۽ ولايت جي خلاصي ۾ اسان لاءِ وسيع ۽ اڻ کٽ آهي جو حقيقت ۾ حيران رهجي وڃون ٿا. اها خبر اٿوَ ته هڪ ئي زماني ۾ ڪنهن ٻي شخصيت جو هجڻ ،سبب ٿيندو آهي ته اصل شخصيت جي سڃاڻپ ۾  رڪاوٽ بڻجي. چمڪندڙ ستارا عالم بشريت ۾ گهڻو ڪري پنهنجي حياتي جي ڏينهن ۾ هڪ زماني ۾ هجڻ جي ڪري سڃاتل ناهن هوندا؛ سواءِ ڪجهه انبياء ۽ اولياء جي ، جيڪي تمام گهٽ عدد ۾ آهن. پر سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها اهڙي شخصيت آهن جو پنهنجي زماني ۾ نه رڳو سندس پيءُ ، شوهر، اولاد ۽ خاص شيعه بلڪه ايستائين جو جيڪي سائڻ سان رابطي ۾ پڻ نه هئا، تڏهن به هن عزت دار  ۽ مان مرتبي واري شخصيت جي لاءِ مدح ۽ ثنا ڪندا هئا. جيڪڏهن اهلسنت محدثين جي انهن ڪتابن (جيڪي سائڻ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي باري ۾ لکيل آهن) ڏانهن نظر نگاهه ڪريو ته ڪيترين ئي حديثن (جيڪي سائڻ جي ثناء تي مشتمل آهن) کي ڏسندو ته پاڻ سڳورن4 کان نقل ٿيل آهن يا اهي حديثون جيڪي پاڻ سڳورن4 جي سائڻ سان رفتار کي نقل ڪن ٿيون. گهڻو ڪري اهي حديثون انهن راوين کان نقل ٿيل آهن جيڪي اهلسنت منجهان آهن. هڪ معروف حديث عايشه کان نقل ٿيل آهي ته چيائين: ”واللَّه مارأيت في سمته و هديه اشبه برسول‌اللَّه صلّي‌اللَّه‌عليه‌وآله‌وسلّم من فاطمة“شڪل و صورت ۽ رفتار و حرڪات ۾ فاطمه کان وڌيڪ ڪنهن کي شبيهه رسول3 نه ڏٺم. ”وكان اذا دخلت اليه، اذا دخلت علي رسول‌اللَّه قامت قام اليها“

جڏهن فاطمه زهرا سلام الله عليها پيغمبر وٽ ايندي هئي پاڻ سڳورا4 اٿي بيهندا هئا ۽ وڏي چاهه سان هن جي طرف ويندا هئا.

”قام اليها“ جي تعبير جي رڳو اها معنا نه آهي ته: بلڪه جڏهن فاطمه زهرا سلام الله عليها ايندي هئي انهي ساڳي ئي راوي کان منقول آهي ته ”وكان يقبلها و يجلسها مجلسة“(9) فاطمه زهرا سلام الله عليها کي بوسه ڏيندا هئا ۽ سندس هٿ کي پڪڙي ڪري پنهنجي جاءِ تي ويهاريندا هئا. سائڻ زهرا سلام الله عليها جو مقام اهو آهي. انسان اهڙيءَ عورت جي باري ۾ ڇا چئي سگهي ٿو؟ جنهن جي باري ۾ ايڏي عظمت هجي ته ڇا چوندو؟

هي عالم خلقت جو چمڪندڙ ستارو، رڳو اهوئي نه آهي جيڪو اسان جي اکين آڏو هجي. فاطمه زهرا سلام الله عليها انهن ڳالهين کان ڪيترو ئي مٿي آهي. اسان رڳو ان جي عظمت کي ڏسون ٿا پر ان ڳالهين کان ڪيترو ئي مٿي آهي. پر آئون ۽ توهان ڪهڙو فائدو حاصل ڪريون ٿا؟ اهوئي ته رڳو اهو ڄاڻيون ته هوءَ زهرا آهي اهو ڪافي آهي؟ هڪ روايت ۾ مون پڙهيو ته سائڻ زهرا سلام الله عليها جي عظمت سبب ٿي ته ملائڪن جون اکيون ان کي غور سان ڏسن: ”زَهَر نورها للملائكة السّماء“(10) انهن لاءِ چمڪندڙ آهي. اسان ان چمڪندڙ عظمت مان ڪهڙو فائدو حاصل ڪيو آهي؟ اسان کي گهرجي  ته ان چمڪندڙ ستاري ذريعي، الله جي واٽ ۽ ٻانهائپ جي رستي کي جيڪو سچو رستو آهي ۽ فاطمه زهرا سلام الله عليها ان رستي تي هلي ۽ ان ذريعي بلند رتبي تي پهتي، کي ڳولهيون. جيڪڏهن ڏسو ٿا ته الله هن جي مٽي ۽ پاڻي کي به اعلى قرار ڏنو آهي ان جي دليل اها آهي ته ڄاڻي پيو ته هي موجود مادي عالم ۽ جسماني عالم ۾ پنهنجي امتحان مان ڪامياب نڪرندو: ”امتحنك اللَّه الذي خلقك قبل ان يخلقك فوجدك لمااْمتحنك صابره“(11) ڳالهه اها آهي ته الله تعالى جيڪڏهن ايستائين ان مٽي ۽ پاڻي جي لاءِ خصوصي لطف ڪري ٿو ان جو ڪجهه حصو ان سان مربوط آهي ته هو ڄاڻي پيو ته هي ان امتحان مان ڪيئن نڪري ايندو؛ جيڪڏهن اها ڳالهه نه هجي ها ته ڪيترائي آهن جن جو مادو ڀلو هو. پر سڀ انهي عهدي مان خارج ٿي سگهيا؟ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي زندگي جو هي حصو اهو لحظو آهي جنهن وقت اسان پاڻ ان جا محتاج آهيون. شيعه راوين هڪ حديث نقل ڪئي آهي ته پاڻ سڳورن4 فاطمه سلام الله عليها کي فرمايو: ”يا فاطمه اننّي لم اغني عنک من‌اللَّه شيئا“يعني اي منهنجي عزيز! اي منهنجي فاطمه! نٿو چاهيان ته الله وٽ توکي ڪنهن شي کان بي نياز ڪريان. يعني تون پاڻ پنهنجي فڪر ۾ رهه، ۽ هوءَ ننڍپڻ کان وٺي آخري عمر تائين پنهنجي فڪر ۾ هئي. توهان اهو ڏسو ته پاڻ حضرت ڪهڙي نموني زندگي گذاري آهي! شادي کان پهريان ڪنهن جي ڌيءُ هئي ايڏي وڏي عظمت جي مالڪ پيءُ اهڙو ڪم ڪيائين جو سندس ڪنيت کي ام ابيها _ پيءُ جي ماءَ_ سان پڪاريو ويو. ان وقت پاڻ سڳورا رحمت ۽ نور، نئي دنيا کي آڻيندڙ ۽ جهاني انقلاب _ اهڙو انقلاب جيڪو هميشه لاءِ هجي_ جو عظيم اڳواڻ هو جيڪو اسلام جي پرچم کي بلند ڪندڙ هو. ائين ئي امّ ابيها نٿو چيو وڃي! پاڻ حضرت کي ان ڪنيت سان پڪارڻ ان دليل جي ڪري هو ته سندس خدمت، ڪم ڪار، مجاهدت ۽ ڪوشش جو نتيجو هو. سائڻ توڙي مڪي ۾ هجي يا شعب ابي طالب ۾ _ ايڏين سختين جي باوجود_ ۽ ڀلي کڻي سندس امڙ خديجه هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي ۽ پاڻ سڳورن4 کي اڪيلو ڇڏي هلي وئي پنهنجي پيءُ جي هر ڏک ۽ غم ۾ غمخوار هئي. پاڻ سڳورن4 جي دل ٽٽي پئي ڇو جو ٿورڙي ئي عرصي ۾ حضرت خديجه ۽ ابوطالبH جو فوت ٿيڻ ان ڪري جو ٿوري فاصلي ۾ ٻن شخصيتن جي وڃڻ سان پيغمبر اڪيلائپ پئي محسوس ڪئي. انهن ڏينهن ۾ سائڻ فاطمه سلام الله عليها اهم قدم کنيا ۽ پنهنجن ننڍڙن هٿن سان پيغمبر جي چهري تان غبار کي پاڪ ڪيائين.

امّ ابيها؛ پاڻ سڳورن4 جي تسلي. هيءَ ڪنيت انهن ڏينهن کان شروع ٿي.(12)

فاطمي علم

علم جي دائري ۾ هرهڪ  دانشور بلند آهي. فاطمه زهرا سلام الله عليها جيڪو خطبو مسجد (النبي) مديني ۾، پيغمبر جي رحلت کان بعد بيان ڪيو آهي، هي اهو خطبو آهي جيڪو علامه مجلسيS جي بقول، ”وڏن فصيحن، بليغن ۽ دانشورن کي گهرجي ته ويهي ان عبارتن جي معنى ڪن!“ ايترو ته پر محتوا آهي! ايترو ته هنر جي حساب سان مزيدار نهج البلاغه جي وڏن ۽ من موهيندڙ ڪلمات وانگر آهي. حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها مديني جي مسجد ۾ وڃي ، ماڻهن جي اڳيان اهڙا ته چٽا ۽ واضح لفظ استعمال ڪيا اٿس شايد هڪ ڪلاڪ تائين  بهترين ۽ سهڻي انداز ۾ عبارتن ۽ چونڊيل ۽ شرافتمندانه معنائن سان گفتگو ڪئي اٿس.

قديمي ترين اسلامي يونيورسٽي اسلامي دنيا ۾ _ جيڪا ٽين ۽ چوٿين صدي سان مربوط آهي_ حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي نالي سان آهي.

مصر جي مشهور يونيورسٽي جو نالو ”الازهر“ فاطمه زهرا سلام الله عليها جي نالي مان ورتل آهي. گذريل زماني ۾ فاطمه زهرا جي نالي سان يونيورسٽي تاسيس ڪندا هئا. ايستائين جو فاطمي خليفا جيڪي مصر تي حڪومت ڪندا هئا، اهي شيعه هئا. صدين سالن کان وٺي شيعن اها ڪوشش جاري رکي آهي ته ان سائڻ جي صدقي معرفت حاصل ڪن. اهو هڪ ٻيو مسئلو اهو آهي ته اسان کي گهرجي رستي کي مڙني ستارن کان سکون؛ ”و بالنّجم هم يهتدون“(14) عقلمند انسان ائين ئي آهي. ستارن منجهان لازمي آهي ته استفادو ڪجي. ستارو آسمان تي آهي ۽ چمڪندڙ آهي. هتي هڪ عظيم دنيا آهي. پر ڇا هي ستارو اهوئي آهي. جيڪو آئون ۽ توهان ڏسو ٿا؟ ڪجهه ستارا جيڪي آسمان تي آهن ۽ هڪ نقطي تي حرڪت ڪندا آهن، ڪهڪشان وارا آهن. ڪڏهن هڪ ستارو وڏو آهي انهي ڪهڪشان کان جيئن اربين ننڍڙا ستارا ان ۾ داخل آهن! _ خدائي قدرت جو ڪو اندازو ۽ حد ناهي_ پر آئون ۽ توهان ان کي هڪ ننڍو چمڪندڙ ستارو ڏسون ٿا. ؛ انهن مطالب جو مقصد ڇا آهي؟ مقصد اهو آهي ته عقلمند انسان کي جڏهن خدا اکيون ڏنيون آهن، لازمي آهي ته ان ستاري منجهان پنهنجي زندگي ۾ استفادو حاصل ڪري. قرآن فرمائي ٿو: ”و بالنّجم هم يهتدون“ ان وسيلي سان انسان رستي کي حاصل ڪري ٿو.(15)

حوالا

 (1) بحار الانوار، جلد 14، صفحو 206

 (2) هن حديث جي پوري عربي هن ريت آهي ” قال الصادق عليه‌السلام: إِنَّمَا سُمِّيَتْ فَاطِمَةُ مُحَدَّثَةً لِأَنَّ الْمَلَائِكَةَ كَانَتْ تَهْبِطُ مِنَ السَّمَاءِ فَتُنَادِيهَا كَمَا تُنَادِي مَرْيَمَ بِنْتَ عِمْرَانَ فَتَقُولُ يَا فَاطِمَةُ «إِنَّ اللَّهَ اصْطَفاكِ وَ طَهَّرَكِ وَ اصْطَفاكِ عَلى‏ نِساءِ الْعالَمِينَ»‏ يَا فَاطِمَةُ «اقْنُتِي لِرَبِّكِ وَ اسْجُدِي وَ ارْكَعِي مَعَ الرَّاكِعِينَ» فَتُحَدِّثُهُمْ وَ يُحَدِّثُونَهَا فَقَالَتْ لَهُمْ ذَاتَ لَيْلَةٍ أَ لَيْسَتِ الْمُفَضَّلَةُ عَلَى نِسَاءِ الْعَالَمِينَ مَرْيَمَ بِنْتَ عِمْرَانَ فَقَالُوا إِنَّ مَرْيَمَ كَانَتْ سَيِّدَةَ نِسَاءِ عَالَمِهَا وَ إِنَّ اللَّهَ عَزَّ وَ جَلَّ جَعَلَكِ سَيِّدَةَ نِسَاءِ عَالَمِكِ وَ عَالَمِهَا وَ سَيِّدَةَ نِسَاءِ الْأَوَّلِينَ وَ الْآخِرِينَ.“ بحارالانوار، جلد43، صفحو 78.

عِدَّةٌ مِنْ أَصْحَابِنَا عَنْ أَحْمَدَ بْنِ مُحَمَّدٍ عَنْ عُمَرَ بْنِ عَبْدِ الْعَزِيزِ عَنْ حَمَّادِ بْنِ عُثْمَانَ قَالَ سَمِعْتُ أَبَا عَبْدِ اللَّهِ (عليه السلام) يَقُولُ تَظْهَرُ

(3) هي قول امير المؤمنين  عليه السلاماصل ۾ امام جعفرصادق عليه السلام کان نقل ٿيل آهي، جيڪو هن ريت آهي: الزَّنَادِقَةُ فِي سَنَةِ ثَمَانٍ وَ عِشْرِينَ وَ مِائَةٍ وَ ذَلِكَ أَنِّي نَظَرْتُ فِي مُصْحَفِ فَاطِمَةَ (عليها السلام) قَالَ قُلْتُ وَ مَا مُصْحَفُ فَاطِمَةَ قَالَ إِنَّ اللَّهَ تَعَالَى لَمَّا قَبَضَ نَبِيَّهُ (صلي الله عليه وآله وسلم ) دَخَلَ عَلَى فَاطِمَةَ (عليها السلام) مِنْ وَفَاتِهِ مِنَ الْحُزْنِ مَا لَا يَعْلَمُهُ إِلَّا اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ فَأَرْسَلَ اللَّهُ إِلَيْهَا مَلَكاً يُسَلِّي غَمَّهَا وَ يُحَدِّثُهَا فَشَكَتْ ذَلِكَ إِلَى أَمِيرِ الْمُؤْمِنِينَ (عليه السلام) فَقَالَ إِذَا أَحْسَسْتِ بِذَلِكِ وَ سَمِعْتِ الصَّوْتَ قُولِي لِي فَأَعْلَمَتْهُ بِذَلِكَ فَجَعَلَ أَمِيرُ الْمُؤْمِنِينَ (عليه السلام) يَكْتُبُ كُلَّ مَا سَمِعَ حَتَّى أَثْبَتَ مِنْ ذَلِكَ مُصْحَفاً قَالَ ثُمَّ قَالَ أَمَا إِنَّهُ لَيْسَ فِيهِ شَيْ‏ءٌ مِنَ الْحَلَالَ وَ الْحَرَامِ وَ لَكِنْ فِيهِ عِلْمُ مَا يَكُون‏   (الڪافي، جلد‏1،  صفحو 240 .)

(4) هي تقرير سائين رهبر معظم 16 ڊسمبر 1992 تي بيان ڪئي هئي.

(5) هي حديث هن ريت آهي: قَالَ عَلِيٌّ ع فَوَ اللَّهِ مَا أَغْضَبْتُهَا وَ لَا أَكْرَهْتُهَا عَلَى أَمْرٍ حَتَّى قَبَضَهَا اللَّهُ عَزَّ وَ جَلَّ وَ لَا أَغْضَبَتْنِي وَ لَا عَصَتْ لِي أَمْراً وَ لَقَدْ كُنْتُ أَنْظُرُ إِلَيْهَا فَتَنْكَشِفُ عَنِّي الْهُمُومُ وَ الْأَحْزَان‏ (بحارالانوار، جلد43، صفحو134)

(6) رهبر معظم جو 16 ڊسمبر 1992 تي خطاب.

(7) مناقب آل أبي طالبG، ابن شهر آشوب مازندراني  ج 3 ص 341 ؛ بحارالانوار،علامه مجلسي ج 43 ص 84.(8) علل الشرائع، شيخ صدوق ج‏1 ص 181 ح 1؛ ڪشف الغمة، علي بن عيسي اربلي ج1 ص 468؛ دلائل الامامة، محمد بن جرير طبري ص 56؛ ”رَأَيْتُ أُمِّي فَاطِمَةَ ع  قَامَتْ فِي مِحْرَابِهَا لَيْلَةَ جُمُعَتِهَا فَلَمْ تَزَلْ رَاكِعَةً سَاجِدَةً حَتَّى اتَّضَحَ عَمُودُ الصُّبْحِ وَ سَمِعْتُهَا تَدْعُو لِلْمُؤْمِنِينَ وَ الْمُؤْمِنَاتِ وَ تُسَمِّيهِمْ وَ تُكْثِرُ الدُّعَاءَ لَهُمْ وَ لَا تَدْعُو لِنَفْسِهَا بِشَيْ‏ءٍ فَقُلْتُ لَهَا يَا أُمَّاهْ لِمَ لَا تَدْعِينَ لِنَفْسِكِ كَمَا تَدْعِينَ لِغَيْرِكِ فَقَالَتْ يَا بُنَيَّ الْجَارَ ثُمَّ الدَّارَ“(9) سنن ابي داود ، ابوداوود ج 2 ص 522؛ سنن ترمذي ، ترمذي ج 5 ص 361؛ الادب المفرد ، بخاري ص 202؛ الصحيح ابن حبان، ابن حبان ج 15 ص 403.پوري حديث: ” مارايت أحداكان أشبه سمتا و هدياو دلا، و قال الحسن : حديثا و كلاما،و لم يذكرالحسن السمت و الهدي والدل ،برسول الله صلي الله عليه وسلم من فاطمه كرم الله وجهها : كانت اذا دخلت عليه قام اليها فأخذ بيدها و قبلهاوأجلسهافي مجلسه ،وكان إذ دخل عليهاقامت إليه فأخذت بيده فقباته وأجلسته في مجلسها“(10) بحارالانوار، جلد43، صفحو172.(11) التّهذيب: جلد 6 صفحو 10(12) 24 نومبر 1994 تي خطاب(13) 16 ڊسمبر 1992 تي خطاب

(14)  سورت نحل  آيت ۱۶

(15) 24 نومبر 1994 تي خطاب

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي