Wednesday, 17 January 2018 - Wed 01 17 2018

منو

سچي سائڻ سلام الله عليها جي شخصيت رهبر معظم جي نگاھ ۾

پالڻهار هن سنسار کي جوڙيو ۽ انسان کي مرد ۽ عورت جي روپ ۾ وجود جهڙي نعمت عطا ڪئي. اِها سوچ بلڪل غلط آهي ته مرد جو وجود عورت کان مٿانهون يا برتر آهي بلڪه تاتڻهار پنهنجي درٻار ۾ وڌيڪ مانَ وارو ۽ عزت وارو ان کي ڪوٺيو آهي جيڪو وڌيڪ فرمانبردار ۽ وڌيڪ پرهيزگار هجي. ان مطلب کي پنهنجي لاريب ڪلام ۾ هن انداز سان بيان ڪيو آهي.

   يَا أَيُّهَا النَّاسُ إِنَّا خَلَقْنَاكُم مِّن ذَكَرٍ وَأُنثَى وَجَعَلْنَاكُمْ شُعُوبًا وَقَبَائِلَ لِتَعَارَفُوا إِنَّ أَكْرَمَكُمْ عِندَ اللَّهِ أَتْقَاكُمْ إِنَّ اللَّهَ عَلِيمٌ خَبِيرٌ  (1)

”اي انسانؤ بيشڪ اسان اوھان کي ھڪ مرد ۽ ھڪ عورت مان پيدا ڪيو ۽ اوھان کي ذاتيون ۽ پاڙا ڪيوسون ته ھڪ ٻئي کي سڃاڻو، بيشڪ اوھان مان گھڻو عزت وارو الله وٽ اُھو آھي جيڪو اوھان مان وڌيڪ پرھيزگار آھي، بيشڪ الله ڄاڻندڙ خبر رکندڙ آھي“

هن آيت سڳوريءَ مان معلوم ٿيو ته پالڻهار جي بارگاھ ۾ مانَ ۽ عزت جو معيار تقوا ۽ پرهيزگاري آهي. اسان جڏهن انساني تاريخ تي نگاھ وجھون ٿا ته اسان کي حضرت آدم(عليه السلام) کان اڄ ڏينهن تائين الله جي بارگاھ ۾ ڪافي مانَ ۽ مرتبي واريون هستيون نظر اچن ٿيون پر انهن سڀني شخصيتن ۾ حسنين(عليهما السلام) جي امڙ، رسول پاڪ(صلى الله عليه وآله وسلم) جي نياڻي ۽ ڪائنات جي عورتن جي سردار، سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جي شخصيت چنڊ جيان چمڪندي نظر اچي ٿي. پنجتن پاڪ جو وجود ڪائنات ۾ سڀ کان برتر ۽ مٿاهون آهي پر جڏهن اسان حديث ڪساء جي کي پڙهون ٿا ته ان ۾ چٽي نموني نظر اچي ٿو ته پنجتن جو تعارف رب پاڪ سچي سائڻ(سلام الله عليها) جي وجود پاڪ سان ڪرايو آهي.

قالَ اللَّهُ عَزَّوَجَلَّ .......هُمْ فاطِمَةُ وَاَبُوها وَبَعْلُها وَبَنُوها (2)

”الله پاڪ فرمايو ته ......(ان چادر هيٺ) فاطمه(سلام الله عليها) ان جو والد ، ان جو شوهر ۽ ان جا پچڙا آهن.“    

هن لکڻيءَ ۾ اسان ڪوشش ڪنداسين ته رهبر معظم آيت الله علي خامنهاي(دامت برڪاته) سائڻ زهرا(سلام الله عليها) بابت مختلف مقامن تي جيڪي انمول جملا چيا آهن انهن کي مختصر ۽ سهڻي انداز ۾ بيان ڪريون ته جيئن اسان جا مومن ڀائر ان مان پورو پورو فائدو حاصل ڪري سگھن. 

رهبر معظم آيت الله علي خامنهاي(دامت برڪاته) جا انمول جملا     

  1. رسول پاڪ جي نياڻي، بيبي فاطمه زهرا(سلام الله عليها) پنهنجي مختصر حياتيءَ ۾ هڪ فداڪار ۽ مومن انسان جو مڪمل نمونو ۽ مثال آهي.
  2. سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جي عظيم شخصيت معرفت جي لحاظ کان هڪ ڪامل مثال آهي. پاڻ رسول پاڪ(صلى الله عليه وآله وسلم) جي رحلت کان پوءِ مڙني وڏن صحابين جي سامهون خطبو ڏنو ۽ اهڙي انداز ۾ خطبو ڏنو جو سڀني جي ڪنن ۽ دلين کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ورتو، اهي صحابي جن ڪافي سال رسول پاڪ(صلى الله عليه وآله وسلم) جن وٽ علم پرايو هو انهن جي سامهون اهڙو خطبو پڙهيو جيڪو اڄ تائين موجود ۽ باقي آهي.

3.پاڪ رسول(صلى الله عليه وآله وسلم) جي پاڪ نياڻيءَ جي سادگيءَ واري زندگي اسان جي معاشري جي عورتن لاءِ نموني عمل آهي.عورتن کي گھرجي ته ننڍڙين ۽ حقير خواهشن کي بلند ۽ وڏن مقصدن تي قربان ڪن، ان جو ڪامل نمونو تاريخ ۾ سائڻ فاطمه(سلام الله عليها) جي پاڪ زندگي ۾ سهڻي نموني پسي سگھجي ٿو.

  1. سائڻ فاطمه زهرا(سلام الله عليها) پنهنجي زندگي ۾ اسلامي انقلاب جي ميدان ۾ هڪ چمڪندڙ چهرو رهي آهي، نبوت جي زماني ۾ هر ميدان ۾ بيبيءَ پنهنجو ڪردار ڀرپور نموني سان ادا ڪيو آهي.
  2. رسول پاڪ(صلى الله عليه وآله وسلم) جي هن نياڻيءَ شاديءَ کان پوءِ واري زندگي جيڪا 9 سال آهي ان ۾ هڪ ڏينهن به سک ۽ آرام جو نه گذاريو آهي. سندس پيارو شوهر ان مدت ۾ سدائين خطرناڪ ميدانن ۾ مڙني کان اڳيان اڳيان نظر اچي رهيو هو.
  3. روايتن ۾ ذڪر ٿيو آهي ته پاڻ سڳورا(صلى الله عليه وآله وسلم) هر سفر تي وڃڻ مهل سڀ کان آخر ۾ سائڻ فاطمه زهرا(سلام الله عليها) کان وداع ڪندا هئا ۽ سفر کان موٽي اچڻ کان پوءِ مڙني کان پهريان بيبي زهرا(سلام الله عليها) سان ملاقات ڪندا هئا.
  4. سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جي ولادت باسعادت سان اسلام کي هميشگي ملي ۽ سندس وجود پاڪ سان اسلام کي بقا ملي آهي.
  5. مون کي اميد آهي ته اسلامي امت جون عورتون بيبي زهرا(سلام الله عليها) جي عظيم شخصيت مان الهامي فيض پرائيندي، جهاني سطح تي موجود بيجا رڪاوٽن کي دور ڪري سگھنديون.
  6. شوهر ۽ ٻچڙن سان سهڻو ورتاءُ ڪرڻ ، هڪ مجاهد انسان وانگر پنهنجين ذميدارين کي انجام ڏيڻ، سياسي حادثن جي سامهون تسليم نه ٿيڻ ۽ رب پاڪ جي درٻار ۾ نهٺائي ۽ نوڙت سان عبادت ڪرڻ، اهڙين سڀني خصوصيتن گڏجي سائڻ(سلام الله عليها) کي ڪامل انسان جو روپ عطا ڪيو هو.
  7. حضرت فاطمه زهرا(سلام الله عليها) اها بيبي آهي جو جڏهن عبادت لاءِ محراب ۾ بيهندي هئي ته هزارين مقرب مَلَڪ بيبيءَ سان مخاطب هوندا هئا، سلام ۽ درود موڪيليندا هئا ۽ اهي ٻولَ چوندا هئا جيڪي اڳ بيبي مريم(سلام الله عليها) کي چيا هئائون .

”يا فاطمة(سلام الله عليها) إِنَّ اللّهَ اصْطَفَاكِ وَطَهَّرَكِ وَاصْطَفَاكِ عَلَى نِسَاء الْعَالَمِينَ“

”اي فاطمه بيشڪ الله پاڪ توکي چونڊيو ۽ پاڪ رکيو آهي ۽ جهانن جي عورتن تي چونڊيو آهي.“

سائڻ فاطمه(سلام الله عليها) محدثه آهي يعني اها بيبي آهي جنهن سان الله جا ملائڪ ڳالهائيندا هئا.

  1. بيبي فاطمه زهرا(سلام الله عليها) جي خصوصيتن منجهان هڪ اهم خصوصيت هيءَ آهي ته هر حال ۾ رب پاڪ جي امر ۽ فرمان جي سامهون تسليم هوندي هئي، ان خصوصيت جي ڪري تاريخ ۾ بيبي مظلوميت ۽ حقانيت جي علم بردار ۽ هڪ بي نظير مجاهد جو پيڪر نظر اچي ٿي ۽ اسان بيبيءَ جي ان خصوصيت مان فيض پرائي پنهنجي زندگي جي ڪيترن ئي مشڪلاتن کي حل ڪري سگھون ٿا.
  2. سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جي شخصيت هڪ اهڙو راز آهي جيڪو انساني سوچ کان مٿانهون آهي، جيڪڏهن بيبيءَ جي ڪنهن سان ڀيٽ ڪرڻي آهي ته اها رسول پاڪ(صلى الله عليه وآله وسلم) يا علي(عليه السلام) جي هستي آهي.(يعني عام انسانن سان بيبيءَ جي ڀيٽ ڪرڻ ان جي شخصيت سان جفا آهي.) ۽ اسان کي گھرجي ته جيڪو ڪجھ سائڻ(سلام الله عليها) جي بلند شخصيت مان پرکي سگھون ان کي پنهنجي عملي زندگيءَ ۾ نموني عمل بڻايون.
  3. پالڻهار سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جي شخصيت جي معرفت، خلوص، صبر ۽ فداڪاريءَ کي ڏسندي پنهنجي فيضن ۽ لطفن جو بيبيءَ جي ذات کي مرڪز بڻايو. اسان ان سائڻ جا محبَ آهيون اسان کي اطاعت، بندگي ۽ جهاد ۾ ان مجاهد بيبيءَ جي واٽ جو پانڌيئڙو بڻجڻ گھرجي.
  4. انسان جيترو سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جي شخصيت ۽ ان جي حالات جي باري ۾ غور ۽ فڪر ڪندو اوترو انساني ذهن اچرج ۾ پوندو.       
  5. بيبي زهرا(سلام الله عليها) جي زندگي نه فقط مسلمان عورتن لاءِ نموني عمل آهي بلڪ سنسار جي سڀني عورتن کي گھرجي ته سائڻ جي شخصيت کي پنهنجي لاءِ نموني عمل بڻائين ۽ دنيا جي انسانن کي گھرجي ته بيبيءَ جي پيغام کي سمجھن ته جيئن سائڻ(سلام الله عليها) جي برڪت سان پوري جهان ۾ انقلاب اچي وڃي. (3)

رهبر جي ٻولن مان اسان جيڪي سائڻ زهرا(سلام الله عليها) جون خصوصتون بيان ڪيون آهن، پالڻهار جي بارگاھ ۾ اها صدا آهي ته اسان کي سگھ عطا ڪري ته جيئن اسان سائڻ(سلام الله عليها) جي فيض جي لاٽ مجهان ڪو ذرو فيض پرائي سگھون.   

حوالا

  • سورت حجرات، آيت 13
  • ملحقات مفاتيح الجنان ”حديث ڪساء“
  • مجله ياس، شماره 17 مان ورتل مقالي جو ترجمو

اسان مفيد راين جا منتظر آهيون.

0
تي پابند آهيان.
  • بغير راءِ جي